فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
"سنڌيڪا تصویري ڪهاڻيون": ٻارن لاءِ نصيحت، سماج لاءِ سچائي، ليکڪ (محمد عثمان عباسي)
فقير محمد سنڌي
"جان لاڪ" ٻارن جي تعليم بابت پنهنجي راءِ ۾ انتھائي خوبصورت فرد آهي. جنھن جو ذهني خاڪو بہ ڪارائتو آهي.
"ٻار اڇي ڪاغذ وانگر آهن، جيڪي بہ لکنداسين، اُهو ئي رهندو."
محمد عثمان عباسي جو ڪتاب "سنڌيڪا تصویري ڪهاڻيون" سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب ۾ هڪ وڻندڙ ۽ بامقصد اضافو آهي. هي ڪتاب صرف تصويري ڪهاڻين جو مجموعو نه آهي پر ان ۾ سماجي، اخلاقي، نظرياتي ۽ قومي پيغامن جو حسين امتزاج موجود آهي. ڪتاب جو مقصد ٻارن جي فڪري تربيت، انساني همدردي، سچائي، ٻڌي، محنت ۽ ڌرتي سان وفاداريءَ کي فروغ ڏيڻ آهي.
ھلين ڪيلي جو ٻارن کي سيکارڻ لاءِ ذهني خاڪو آهي، تہ
"ٻار توهان جي سيکاريل ڳالھين کان وڌيڪ، توهان جي عملن مان سکن ٿا."
تصويرن سان گڏ ڪهاڻيون ٻارن لاءِ دلڪش بڻجن ٿيون، جيڪي سندن تخيل ۽ ذهن کي جلا ڏين ٿيون. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪتاب اڃا گهڻائي ۾ موجود ناهن، تنهنڪري "سنڌيڪا تصویري ڪهاڻيون" هڪ اهم تخليقي ڪوشش آهي، جيڪا ٻارن جي پڙهڻ جي رغبت کي وڌائڻ سان گڏوگڏ سماجي شعور به پيدا ڪري ٿو.
ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين کي مختلف درجن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
نصيحت واريو ڪهاڻيون :
جيئن تہ “ڪھاڻي جيڪو ڪمائي سو کائي”، اها ڪهاڻي محنت جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي. مخدوم بلاول جي نظرياتي جهلڪ ان ڪهاڻي ۾ موجود آهي، جتي ڪم ڪندڙ کي ئي ميوو ملڻ جو سبق ملي ٿو. اهڙيون ڪهاڻيون سماجي انصاف ۽ فردي ذميواريءَ جو درس ڏين ٿيون.ا
اخلاقي ۽ ٻڌيءَ واريون ڪهاڻيون:
ٻڌيءَ ۾ برڪت آهي” جهڙيون ڪهاڻيون انفرادي انا کي گهٽائڻ، گڏيل ڪم ڪرڻ ۽ ٻئي جي راءِ کي اهميت ڏيڻ سيکارن ٿيون. هي ڪهاڻيون نہ فقط ٻارن لاءِ، پر وڏن لاءِ به سبق آهن.
علامتي ڪهاڻيون:“
گڏھ، رڇ، گدڙ گڏجي شڪار ڪيو” – اها ڪهاڻي طبقاتي فرق، شڪايتن، سازشن ۽ ناانصافين جي عڪاسي ڪري ٿي. هيءَ هڪ گهري معنويت سان ڀرپور علامتي ڪهاڻي آهي.
تمثيلي ۽ انفرادي ڪهاڻيون:“گڏھ شينهن جي کل پاتي” هيءَ ڪهاڻي اجتماعي روين۽ پاڻ کي اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش تي تنقيد ڪري ٿي، جيڪو ماڻهو واقعي ناهي. اهڙي سماجي تمثيل، ٻارن کي سچائيءَ سان رهڻ ۽ پاڻ کي تسليم ڪرڻ جو سبق سيکاري ٿي.
ٻارن لاءِ ادبي ۽ نظرياتي اهميت.
عباسيءَ جي ڪهاڻين جو خاص اهو آهي تہ اهي روايتي سنڌي علم، درويشي، قومپرستي ۽ اخلاقي اصولن تي ٻڌل آهن. ڪتاب ۾ نظر اچي ٿو تہ ليکڪ نہ فقط ٻارن کي وندر ڏيڻ چاهي ٿو، پر سندن شخصيت جي اڏاوت بہ چاهي ٿو.
مهان ڪوي شيخ اياز ٻارن جي سکيا ٻوليءَ ۾ انس بابت هيئن چيو:
"ٻار جيڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهندو، تہ نہ صرف سکندو، پر جيئندو بہ پنهنجي ڌرتيءَ سان.
ڪتاب جا ڪردار، جياپو، ۽ نتيجا سادا آهن، پر سندن معنوي گهرائي ايتري تہ گهڻي آهي، جو اهي ڪهاڻيون ٻارن جي دل تي نقش ٿين ٿيون. هن ڪتاب ۾ لطيفيات جي خوشبو بہ موجود آهي، جتي ڌرتي، محنت، وفا ۽ نيڪ نيتيءَ کي عبادت جي برابر ڄاڻايو ويو آهي.
"سنڌيڪا تصویري ڪهاڻيون" هڪ اهم علمي ۽ اخلاقي سرمايو آهي. اهو ڪتاب سنڌ جي اسڪولن، لائبريرين، ۽ ادبي ادارن ۾ پڙهڻ لاءِ ضروري هجڻ گهرجي. اهڙي ادبي ڪوشش نہ فقط ٻارن لاءِ ڪارائتي آهي، پر والدين ۽ استادن لاءِ بہ هڪ رهنمائي ڪندڙ مواد آهي.اهڙن ڪتاب کي نصابي سطح تي شامل ڪيو وڃي.ڪهاڻين جي ڊرامائي پيشڪش ذريعي اسڪولن ۾ اداڪاري ڪرائي وڃي.ڪتاب جو آڊيو ورزن پڻ ٻارن لاءِ جاري ڪيو وڃي.محمد عثمان عباسيءَ کي ٻارن جي ادب ۾ خاص اعزاز سان نوازڻ گهرجي.
آخر ۾ ابن خلدون جو ٻارن جي تربيت لاءِ ذهني خاڪو اهميت جوڳو آهي.
"ننڍپڻ ۾ ملندڙ تربيت، علم وانگر ساھ ۾ سمايل ٿي پوي ٿي.
***