• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪتاب "پرک منجهاران پس" (فقير محمد سنڌي فن ۽شخصيت) مرتب آزاد مجتبي گهانگهرو...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
ڪتاب` پرک منجھاران پس (فقير محمد سنڌي فن ۽ شخصيت)مرتب: آزاد مجتبي گهانگهرو...!
جهانگير عباسي.

موجوده سنڌي ادب جي ڪيئنواس تي فقیر محمد سنڌي سڃاڻپ جا جيترا سگھارا حوالا رکي ٿو ادبي ۽ ذاتي حلقن ۾ وري پنھنجي ميل جول ڏيٺ وائيٺ ورتاءَ،سڀاءَ۽ وھنوارا ۾ بہ پاڻ ملھائيندڙ اوترو ئي يار ويس فرد طور سڃاڻجي ٿو۔مختلف ادبي صنفن ۾ سر انجام ڏنل ادبي خدمتن جو دائرو ٻن ڏھاڪن کان مٿي ڳڻجي ٿو جنھن جي خدمتن جي اعتراف طور ليکڪ آزاد مجتبي گهانگهروڪتاب "پرک منجھاران پس" مرتب ڪيو آھي۔
فقير محمد سنڌي جي لکيل ڪالمن۔ اخباري ادارين ۔۔خاڪن ۔تاٽراتن ۔ تحقيقي تنقيدي مضمونن ۽ ڪيل شاعري سان گڏ مٿس اديبن پاران ڏنل لفظي ڀيٽائن کي مرتب نگاري، وڏي محنت ۽ محبت سان سھيڙي 256 صفحن تي مشتمل ھي ڪتاب تيار ڪيو آھي جيڪو قلمڪار پبليڪيشن جو 28 نمبر ڪتاب آھي. ڪتاب م شامل فھرست ۽ شامل مواد فقير محمد سنڌي جي مجموعي ادبي پورھئي تي ڪنھن محقق پاران جاکوڙ سان تيار ڪيل ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڊگرين جي ٿيسزز کان ھرگز بہ گھٽ نہ آھي جنھن جومطالعو ڪرڻ سان ھن واقعي فقرائي مزاج ۽ ليکڪ جي ڪم جي اھميت کي پڻ ادب ۽ ادب پڙھندڙن آڏو غير معمولي طور اجاگر ڪري ٿو۔
ڪتاب مختلف ڀاڱن وارن عنوان ۾ ورھايل آھي جئين ۾ (1) شخصي ضمون (2)مھاڳ۔مضمون ۔ٻہ اکر ۽ بيڪ ٽائٽل (3) مختصر تاترات (4)ڪتابن جا لکيل اداريا (5) ڪتابن جا تبصرا (6)سوشل ميڊيا تي ڏنل ڀيٽا پڻ شامل آھي.
فقر محمد سنڌي جي فن فڪر ۽ شخصيت تي لکندڙن ۾ سرمد چانڊيو، ڪوثر ٻرڙو۔ڊاڪٽر پروين موسي ميمڻ، ڊاڪٽر بدر ڌامراھو، پروفيسر مختيار سمون جئيل اوڏ ،آصف رضا موريو، يار محمد چانڊيو، درد ھوش محمد ابڙو ،عيسي ميمڻ، ڪوڙل قربدار،سعيد چانڊيو، غفار عباسي، عزيز قاسماڻي ، حفيظ چانڊيو،جي ايم رئيساڻي، ساجد سنڌي، استاد گل دايو،علي زاھد، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو، اعجاز سولنگي ۽ راقم علاوه ڪيترائي اديب، شاعر، نثرنگار ،نقاد ۽ صحافي ھن ڪتاب ۾ نظر اچن ٿا۔
فقير محمد سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي ڪتاب جو تخليقڪار، مرتب نگار، شاعر ۽ ٻاراڻي ادب سان گڏ صحافتي شعبي ۾ غير معمولي طور خدمتون ڏيندڙ ادب جو ھڪ سينيئر لکاري آھي جنھن جي اعتراف ۾ ھي ڪتاب انتھائي اھميت رکندڙ ۽ نئين ٽھي کان ادب دوستن تائين فقير محمد جي اھم سڃاڻپ جو حوالو آھي.
آءُڪتاب جي مرتب نگار محترم آزاد مجتبي گهانگهرو کي ھن اھم ڪاوش تہ واڌايون پيش ڪيان ٿو. گڏوگڏ پنھنجي پياري دوست فقير محمد سنڌي کي سندس ئي ھيٺين شعر سان دلي واڌايون ڏيندي ھي اميد رکان ٿو ته ھو مسقبل بہ ساڳي جستجوءَ ۽ لڱن سان سنڌي ٻولي ۽ ادب لا۽ پاڻ پتوڙيندي پنھنجو ڪردار ادا ڪندو رھندو ۔
۔ ڏکيو ڏاڍو آھي گذرزندگي جو
اڪيلو ڪيان پيو سفر زندگي جو
 
Back
Top