• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪھاڻي اداس ڌُن

امن ابن سنڌ

فعال رڪن
شھر جي هڪ پراڻي ڪيفي ۾ شام لهندي پئي وئي. ھلڪي هوا جيڪا ٿورو دير اڳ سنڌو درياءَ سان رومانس ڪري گذري اسان وٽ پھتي ھئي ۽ ماحول کي خوشبو سان رنگي رھي ھئي. ديوارن تي ڀتين کان لٽڪندڙ چراغن جو نيم اُجالو، ڪاٺ جون ڪرسيون، ميزون، ۽ ھوٽل جي ٻاهران ڪنھن دڪان تان يا ڪنھن سيلون تان سرمد سنڌي جي موسيقيءَ جا سر نڪري رهيا ھئا، موسيقي ايتري نرم هئي، ڄڻ ڪنهن پراڻي زخمي دل جو درد هوا ۾ گھلي رهيو هجي. ٻاهران رستا ماڻهن سان ڀريل هئا، پر اندر هڪ عجيب خاموشي هئي. ڄڻ وقت بيهي رهيو هجي. مان دڙي جي ڀر واري ٽيبل تي ويٺو هئس. ٻه خالي چانھ جا پيالا اڳيان رکيل هئا، ڄڻ منهنجي انتظار جو داستان ٻڌائي رهيا هجن. دل جي ڌڙڪن تيز ٿي رهي هئي. هر در جي کڙڪڻ سان منهنجو ساهه ڇرڪي رھيو ھيو ، ھن جي ياد ڏياري رهيو هو.
۽ پوءِ... هوءَ آئي.
مومل!
هن جي اچڻ سان ڄڻ شام جو سج به ساڻس گڏ اچي ويو ھجي. اڇي شرٽ، ڪاري اسڪرٽ، ۽ ڳاڙهو ٿيلهو، جنهن مان هلڪي خوشبو پئي آئي. سندس هلڻ ۾ ايتري نرمي هئي، ڄڻ ڪنهن نظم جا بيت هوا ۾ ٽهڪ ڏئي رهيا هجن.
“دليپ...” هن نرميءَ سان منهنجو نالو ورتو. مون محسوس ڪيو ته منهنجي دل جي هر ڌڙڪڻ ساڳئي نالي سان ڌڙڪي رهي هئي
“تون دير سان آئين اڄ.” مون چانھ جو چمچو هلڪو ڇلڪائيندي چيو.
“ماف ڪجانءِ، رستو ڊگهو هو.” هن ڪرسيءَ تي ويهندي چيو، ۽ ڳاڙهو ٿيلھو لاهي ميز تي رکي ڇڏيائين.
سندس آواز ۾ اڻ گڻيون حرڪتون ھيو ، پر مان اُن وقت رڳو سندس چمڪندڙ اکين ۾ گم ٿي ويو هئس. ڪيفي جا مدهم آواز به ڄڻ اسان جي محبت لاءِ پس منظر بڻجي ويا.
“مومل، توکي خبر آهي، جڏهن تون ايندي آهين، مان پنهنجا سڀ لفظ وساري ڇڏيندو آهيان؟” مون نرم لهجي ۾ چيو.
هن کلندي چهرو ٿورو جهڪائي ڇڏيو. چيائين۽ جڏهن تون منهنجي اکين ۾ ڏسندو آهين، مان پنهنجا سڀ سوال وساري ڇڏيندي آهيان.” اسان جون ڳالهيون شاعريءَ سان ڀرجي رھيو ھيو. مون کيس پنهنجي ڌرتيءَ جو نقشو لفظن سان ڏيکاريو.
انبن جا وڻ، ڪنولن سان ڀريل ڍنڍون، ۽ جنگ جي ڌوڙ سان رنگيل ڳوٺ. هو ٻڌندي رهي، ڄڻ هر لفظ کي پنهنجي دل ۾ لڪائيندي ھجي. هوءَ پنهنجو هٿ منهنجي هٿ تي رکندي چيائين:
“دليپ، تون هميشه اداس ڇو لکين ٿو؟”
۽ مان کلندي چيم
“ڇاڪاڻ⁠تہ منهنجي ڌرتيءَ جو هر گل رت ۾ ٽٻيل آهي.”
مون سمجهيو، اسان جي وچ ۾ سڀ ڪجهه پاڪ آهي، جيڪو جنگ، بارود ۽ نفرت کان مٿي آهي. مون پنهنجي دل جا سڀ راز کيس سونپي ڇڏيا. پر مومل جي اکين ۾ ڪڏهن ڪڏهن اوچتو اونداهي ڇانئجي ويندي هئي. جڏهن آئون پنهنجي وطن بابت ڳالهائيندو هئس، هوءَ گهري سوچ ۾ هلي ويندي هئي.
هڪ شام، ساڳي ڪيفي ۾، جڏهن مان هن جو انتظار ڪري رهيو هئس، هڪ پراڻو ساٿي اچي بيٺو. سندس چهري تي ڳرو پاڇو هو. هُن مون کي هڪ لفافو ڏنو ۽ بغير ڪجهه چوڻ جي هليو ويو.
لفافو کوليم............
خط ۾ لکيل هو،
جيئي.............
پيارا دليپ ،
“مومل، جنهن کي تون پنهنجي شاعريءَ جو خدا بڻايو آهي، اُھا انھن ملڪ لاء ڪم ڪري ٿي جنھن ملڪ اسان جي ساٿين جا لاش ڏنا آھن، هوءَ تنهنجي هر ڳالهه انهن تائين پهچائي رهي آهي.” خط کي اڳيان پڙھان انھن کان اڳ چراغن جو مدهم اُجالو ڄڻ رت ۾ رنگجي ويو، موسيقي اوچتو ڌونڌلي ٿي وئي. ڪيفي جي خوشبو بارود جي بُو ۾ بدلجي وئي. هوءَ آئي. ساڳي مسڪراهٽ سان ساڳي خوشبو سان. مون کيس ڏٺو، ڏاڍي دير تائين ڏٺو.
هن چيو: “دليپ، تون اڄ ايترو خاموش ڇو آهين؟”
مون کلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انھن کان پھريان منھنجي زبان ھلڻ شروع ڪيو ،“تون ڄاڻين ٿي، مومل ، مون توکي ڇا ڏنو؟ سڀ ڪجهه... منهنجا خواب، منهنجي ڌرتي، منهنجي دل.” هوءَ ٽهڪي، پر ٽهڪ ۾ ڏک هو.
مون ڀريل خاموشي سان ميز تي رکيل اهو خط مومل کڻي کي ڏنو ، سندس اکين ۾ ڳوڙها آيا ، پر پوءِ اوچتو هوءَ سخت ٿي وئي، ڄڻ پنهنجي اندر کي ماريندي چيائين ته
“مان مشين نه آهيان، دليپ! مان به ماڻهو آهيان... پر منهنجا حڪم پنھنجي محبت کان وڏا آهن.” مون پستول کڻي، ميز تي رکي ڇڏيو. “هي ڏس، مومل. تون پنهنجو فرض چونڊي سگهين ٿي........ پنھنجو ملڪ يا منهنجي ناڪام محبت.” هڪ پل لاءِ وقت بيهي ويو. موسيقي بند ٿي وئي. ٻاهر تيز برسات شروع ٿي وئي. ھو فيصلو ڪري نه سگهي،
مون آهستي چيو:
“مومل، تو لاءِ شايد اهو اهم نه هجي... پر اها منهنجي دل ھئي. ۽ مان آخرڪار پستول ميز تي ئي ڇڏي هليو ويس.مومل ڪرسيءَ تي اڪيلائيءَ ۾ رهجي وئي،
مومل جي اکين ۾ ڳوڙهن سان گڏ هزارين سوال هئا، پر جواب ڪو نه هو. هوءَ آهستي اٿي، دري ڀر وڃي بيٺي. ٻاهران برسات ۾ دليپ جي پرڇائي ڌنڌلي ٿي وئي هئي. مومل جي اکين مان آخري ڳوڙهو نڪري، ڄڻ اندر جي سڄي طوفان کي ٻاهر آڻڻ ٿي گهريو. ھوءَ وڄي انھن ميز تي وٺي جتي دليپ پستول رکيو ھيو، پوري ڪيفي جون اکيون مومل ڏانھن ھيو ، چراغ ، ڪرسيون خد پستول به سراپا احتجاج ھيو، مومل جي هٿن ۾ ڏڪڻي هئي، پر اکين ۾ نه خوف هو، نه ڪاوڙ صرف ناڪام محبت. هن هڪ آخري ڀيرو دري مان ٻاهر ڏٺو ۽ مدهم آواز ۾ چيو:
دليپ......! اميد اٿم ته ايندڙ جنم ۾، مان تنھنجي لاءِ ۽ تنھنجي آزاد ملڪ لاء وفادار ٿيا ...
اڳيون پل، ڪيفي ۾ هڪ تيز ڌماڪو ٿيو. چراغن جو نيم اُجالو اوچتو ڇانئجي ويو. ٻاهران برسات جو شور وڌي ويو، ڪيفي جو پراڻو پيانينو پاڻمرادو هڪ اداس ڌُن وڄائڻ لڳو.
 
آخري ترميم:
Back
Top