جاويد احمد سومرو
سينيئر رڪن
ڇا حڪومتي ۽ سياسي ڌريون، اوهان ٻڌائي سگهو ٿا ته اوهان ڪٿي ستل آهيو؟ اوهان ڪهڙي مخلوق جا حڪمران ۽ اڳواڻ آهيو؟
هن ڌرتيءَ تي اهڙو وڏو سانحو ۽ ڏکيو وقت برپا ٿي چڪو آهي، جيڪو تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آھي.
ٻوڏ ۽ پاڻيءَ جي تيز وھڪرن، وسنديون، ڳوٺ، شهر، رستا، کيت ۽ ماڻهو سڀ ڪجهه لتاڙي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. عوام جا گهر ڊهي پٽ ٿي پيا آهن، ٻار ٻچڙا، نوجوان، پوڙھا وڏا، سمورا بک ۽ بيمارين ۾ وڪوڙجي رھيا آھن. ماڻهن وٽ نه رهائش جو بندوبست آهي، نه ڪپڙا، نه دوائون، نه کاڌو، ان کوٽ ڪارڻ جياپو تنگ ٿي چڪو آھي ۽ اوهان طرفان ھن وقت تائين فقط وزٽ ھلي رھي آھي، اوھانجا ادارا صرف ڪاغذات ۽ رڪارڊ ڀرڻ ۾ مصروف آھن.
اڃا به وڌيڪ ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته هن مصيبت جي مهل ۾ به هٿرادو مهانگائي ھن بيواھي غريب عوام لاءِ نئين مصيبت بڻجي چڪي آهي. کاڌ خوراڪ جون بنيادي شيون، جن ۾ خاص طور تي اٽو ، پنجاھ سيڪڙو اچانڪ وڌايو ويو آھي، جيئن متاثر عوام بنا دير موت جو دروازو کڙڪائين. اٽو جيڪو غريب جي پيٽ جو آخري سهارو آهي ــ ايترو مهانگو ڪيو ويو آهي، جو ماڻهن لاءِ ويلو ماني کائڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي.
سوال اهو آهي ته جڏهن اوهان کي عوام جي خدمت ۽ تحفظ لاءِ چونڊيو ويو آھي، تہ اوهان جو فرض آھي ته هن ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ بيهندا ۽ انھن کي سهولتون ۽ بنيادي جياپي واريون شيون سستيون مھيا ڪرائي ڏنيون وڃن نه ڪي اڻلڀ ڪري رشوت جي بازار گرم ڪئي وڃي، ڇا حڪمران ٿيڻ جو مطلب رڳو ڪرسيون سنڀالڻ ۽ تصويرون ڪڍائڻ آهي؟
اسان جي اپيل آهي ته اوهان فوري طور قدم کڻو:
هٿرادو مهانگائي روڪيو.
متاثر ماڻهن کي اصل ۾ رليف ڏيو، رڳو رڪارڊ نه ڀريو.
کاڌ خوراڪ، دوائون ۽ رهائش لاءِ سبسڊي ڏيو.
۽ سڀ کان اهم، ماڻهن سان ايمانداري سان بيهي سندن درد ۾ ساٿ ڏيو.
مفلس ۽ متاثر عوام جي دعائن سان ئي حڪمراني قائم رهندي، ٻي صورت ۾ تاريخ ۾ اوهان کي ظالم ۽ لاپرواهه طور ياد رکيوو يندو.