• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ھيپاٽائٽس ـ بي يا ڪاري سائي (Hepatitis -B)

ابن الھيار

سينيئر رڪن
اڄ اسان ھڪ اھڙي بيماريءَ جي باري ۾ پڙھنداسين، جيڪا ھڪ ھاڙئي چور وانگر صحت تي حملو ڪري ٿي ۽ جسماني، ذھني، روحاني، سماجي توڙي معاشي يعني روزگار جي تڪليف جو سبب بڻجي ٿي.
توھان ڪنھن نه ڪنھن ھنڌ سائي، ڪاري ڪامڻ يا يرقان جو نالو ضرور ٻڌو ھوندو. ڇاڪاڻ ته اھا بيماري ايتري عام آھي جو اسان اڪثر ان جي باري ۾ ٻڌندا رھون ٿا. ھاڻ اسان ان مرض جي بابت آسان لفظن ۾ تفصيل سان پڙھندا سين.

ڪجھ عجيب ڳالھيون:
1. شاديء کان پھرين جا ڪجھ مرض شاديء بعد مرد ۽ عورت توڙي انھن جي اولاد ۾ ڦھلجي سگھن ٿا.
2. جسم ۾ ڪنھن بيماري ھجڻ سبب روز مره جي ڪمن ڪارن ۽ سوچ تي اثر پئجي سگھي ٿو.
3. رت ھڪ اھڙي گاڏڙي آھي، جنھن تي جسم جو ھر قسم جو سامان ادلا بدلي ٿيندو رھندو آھي، رت ۾ ٿوري به خرابي جسم ۾ وڏي خرابي ڪري سگھي ٿي.
4. دماغ تمام نازڪ عضوو آهي، جيڪو رت ۽ آڪسيجن جي ٿوري به گھٽ ھجڻ سان متاثر ٿي ويندو آهي، جنھن کان پوءِ چڪر اچڻ، مٿي ۾ سور، چڙچڙاھٽ ۽ گشي عام ڳالھ آھي
5. جڏھن جگر صفا خراب ٿي ويندو آهي ته دماغ کي صاف رت ناھي ملي سگھندو، جنھن سبب مريض کي جنس، وقت ۽ مڪان جي خبر ناھي پوندي. اھڙو مريض پنھنجي زال کي ڀاء، مامو يا مستري ڪجھ به سمجھي سگھي ٿو. ان لاء رات جي وقت ڏينھن محسوس ٿي سگھي ٿو.
6. اسان جي رويي، جيئڻ ۽ ڪمائڻ تي يادن، بيمارين ۽ ماحول جو گھرو اثر ھوندو آھي.

ڪاري سائي (ھيپاٽائٽس - بي)
ڪاري سائي (Hepatitis -B) يا ڪاري ڪامڻ جگر جي اندر وائرس جي ڪري ٿيندڙ ھڪ اھڙي بيماري آھي، جيڪا جگر کي نقصان ڏئي ٿي، زھريلو ڪري ڇڏي ٿي ۽ شديد حالت ۾ پھچڻ کان پوءِ جگر کي ڳاري به سگھي ٿي. جنھن کي طبي سائنس جي ٻوليءَ ۾ (Liver Cirrhosis) چيو ويندو آهي.
ھيپاٽائٽس ـ بي ھڪ ننڍڙي وائرس جي سبب ٿيندي آهي. اھو وائرل انفيڪشن مختصر ۽ اچانڪ به ٿي سگهي ٿو ته پراڻو ۽ لڪيل به ٿي سگهي ٿو.

جگر ڇا آهي ؟

جگر (Liver) يا جيرو جسم جو ھڪ اھم عضو آھي، جيڪو ھضم ٿيل کاڌي کاڌي کي رت ۾ شامل ڪري پوري جسم تائين پھچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو. ان کان علاوه جگر جا ھيٺيان ڪم پڻ تمام اھم آھن.
1. پِتُ (Bile) نالي ھڪ رطوبت ٺاھڻ، جيڪا ننڍي آنڊي ۾ وڃي کاڌي کي ھضم ۽ رت ۾ جذب ٿيڻ ۾ مدد ڪري ٿي. خاص ڪري سڻڀ وغيره کي ڳارڻ ۾ پتُ جو اھم ڪردار ھوندو آھي.
1. غذائي اسٽيشن: جيرو ھڪ اھڙي غذائي اسٽيشن آھي، جتان رت جي ريل گاڏي وسيلي پوري جسم ۾ غذا پھچائي وڃي ٿي. اگر جگر/ جيرو خراب ٿي ويو ته پوري جسم کي خراب کاڌو ملندو.
2. قوت مدافعت: اگر ڪو ٻاھران جراثيم يا ڪا زھريلي شئي رت ۾ اچي ويندي آهي ته جيرو ڪجھ اھڙا ڪيميڪل تيار ڪندو آهي جيڪي جراثيمن ۽ زھر کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا آهن. پر اگر جيرو پاڻ انفيڪشن جو شڪار ٿي وڃي ته اھو جنگ ناھي وڙي سگھندو.
3. رت ٺھڻ ۾ مدد: جسم جو رت ھڏن ۾ اندر موجود مِک يا گودي ۾ تيار ٿيندو آهي، پر رت جا نوان تيار ٿيل جيو گھرڙا يا cells اڃا ڪم جا ناھن ھوندا. ان ڪري اھي خليا (cells) جيري ۾ پھچايا ويندا آهن، جيڪو کين جوان ۽ ڪم ڪرڻ لائق بڻائيندو آھي. ان کان علاوه رت کي گھاٽو ڪرڻ وارا پليٽليٽس به جيري ۾ ٺھندا آھن.
4. رت کي صاف رکڻ: ايئن کڻي سمجھو ته رت ھڪ اھڙي گاڏڙي آھي، جنھن تي جسم جون ڪارآمد ۽ بيڪار شيون ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ ڍويون وڃن ٿيون. جسم جا خليا رت کان سٺا ۽ ڪارآمد جزا وٺي، پنھنجو استعمال ٿيل مادو ۽ زھر رت کي واپس ڪندا آھن. جنھن کان پوءِ رت فوراً جيري ۽ گردي ۾ ايندو آهي جيئن اھو پاڪ صاف ٿي سگھي. اگر رت صاف نه ٿي سگهيو ته اھو جسم کي نقصان ڏيندو، خاص ڪري دماغ، دل ۽ رڳن جي ڀتين کي زھريلي رت مان وڏو خطرو رھي ٿو.

ڪاري سائي جا سبب:
ڪاري سائيء جو سبب ھڪ وائرس آهي، جنھن کي ھيپاٽائٽس بي ـ وائرس چون ٿا. اھو وائرس جسم ۾ ڪيترن ئي طريقن سان داخل ٿي سگھي ٿو. مثال طور:
1. ڪنھن به اھڙي ماڻھوءَ جو رت لڳرائڻ جنھن کي اڳ ئي اھو انفيڪشن ھجي.
2. سائيء جي شڪار ٿيل ماڻھو کي لڳل سئي جو جسم ۾ چڀجڻ، ساڳيو ٽڪو لڳرائڻ يا جنھن بليڊ کي ان جو رت لڳو ھجي اھو استعمال ڪرڻ.
3. سائيء جي شڪار ٿيل ماڻهوء سان جنسي تعلق قائم ڪرڻ. اگر ھڪ کان وڌيڪ ماڻھن سان جنسي تعلق ھوندو ته سائيء ڦھلجڻ جو وڌيڪ خطرو ٿي سگهي ٿو
4. ماء جي کير مان به سائي ٿي سگھي ٿي، جيڪڏھن کير پياريندڙ ماء کي ڪاري سائي ھوندي ته اھا ٻار ۾ به منتقل ٿي سگھي ٿي.

ڪاري سائيء جا جسم تي اثر:
ھيپاٽائٽس بي جو وائرس رت، لعاب ۽ جنسي رطوبتن جي ملڻ سان آساني سان جسم ۾ داخل ٿي سگھي ٿو. جنھن کان پوءِ اھو رت جي رڳن مان ٿيندو جگر تائين پھچي ٿو. تمام ننڍڙي جسامت ھجڻ ڪري اھو وائرس جگر جي خلين (Cells) ۾ اندر ھليو ويندو آهي ۽ جگر جي ڪم ڪاري جي رفتار ۽ اصولن کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو. پھرين ته جگر سُڄڻ شروع ڪري ٿو ۽ پنھنجو ڪم گھٽ ڪري ڇڏي ٿو. پر آھستي آھستي جگر ايترو خطرناڪ حد تائين متاثر ٿئي ٿو جو جسم جي اندر زھر کي صاف ڪرڻ بلڪل بند ڪري ڇڏي ٿو. رت جا جزا زھر سبب مرڻ شروع ڪن ٿا، جسم تي ٻين جراثيمن کي حملي ڪرڻ ۾ آساني ٿي وڃي ٿي ۽ بالآخر جگر جا خليا مرڻ ۽ ڳرڻ شروع ڪن ٿا، جنھن سان جيري ۾ پاڻي پيدا ٿئي ٿو ۽ پوء جسم يا ته زھريلو ٿي وڃي ٿو يا ڪينسر جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

ڪاري سائيء جون عام علامتون:
عام طور تي ھيپاٽائٽس بي جسم ۾ ڳجھي چور جيان داخل ٿئي ٿي، جنھن سبب ان جي جلد ڪا علامت نه ٿي ملي، پر جسم تي وائرس جي قابض ٿيڻ يا اچانڪ سخت حملي ٿيڻ کان پوءِ ھي نشانيون عام آھن.
1. پيٽ ۾ سور رھڻ، خاص ڪري پاسن ۽ سيني جي ويجھو سور ۽ گرمائش محسوس ڪرڻ
2. ھلڪو بخار ۽ سستي، جسم ۾ تيز بخار ته نه ھوندو پر جسم ڪمزور ٿيندو ويندو.
3. ساڻائي، سائيء جو شڪار ٿيل ماڻھو چاھيندي به ڪو ڪم ڪار صحيح نه ڪري سگھندو. دل ۾ ڀلي ڪيڏا به ارادا ھجن پر جلد ڦش ٿي اچي ويھي رھندو.
4. بک نه لڳڻ ۽ اڪثر ھيانء ڪچو رھڻ، ڪڏھن ڪڏھن الٽي به سگھي ٿي. معدو به خراب رھندو ۽ قبضي ٿيڻ ڪري پاخانو به سخت ايندو.
5. ڦڪيون، ڳاڙهيون يا سايون اکيون، اگر انفيڪشن شديد ھوندو ته چمڙيءَ جو رنگ به پيلو يا سائو ٿي ويندو
6. بار بار بيمار ٿيڻ، جڏھن جسم جي قوت مدافعت تي وائرس جو قبضو ھوندو ته جسم پنھنجو بچاء نه ڪري سگھندو ۽ اڪثر بيمار رھندو.

بچاء جا طريقا:
ھن خطرناڪ مرض کان بچڻ جي لاءِ ڪجھ احتياطي طريقا آهن، جن سان ان جي ڦھلجڻ کي ڪنھن حد تائين روڪي سگھجي ٿو.
1. چڪاس ۽ رھنمائي وٺڻ: ڪنھن بہ سٺي ليبارٽري يا ڪلينڪ تان پنھنجي چڪاس ڪرائي اوھان پاڻ ۽ پنھنجي خاندان کي ان بيماريء کان بچائي سگھو ٿا. خاص ڪري شاديء کان پھرين سائيء جي چڪاس لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته شاديء بعد مرد ۽ عورت ھڪ ٻئي سان ھر طرح گڏ رھن ٿا. ممڪن آهي ته ڪنھن بي احتياطي سبب ڪنوار مان گھوٽ کي يا گھوٽ مان ڪنوار کي سائي لڳي وڃي، وڏي خطري جي ڳالھ ته اھا آھي ته اھا ڪنوار سڀاڻي پيدا ٿيندڙ ٻار کي کير پياريندي ۽ ممڪن آھي اھو پڻ سائيء جو شڪار ٿي وڃي. ائين صرف ھڪ ماڻھؤ جي بي احتياطي سان پورو خاندان وڪوڙجي سگھي ٿو.
2. خطرن کان پري رھڻ: انجيڪشن لڳرائڻ کان پھرين ان جي حفاظتي معلومات وٺڻ، رت لڳرائڻ کان پھرين ان جي مڪمل معلومات حاصل ڪرڻ ۽ جنسي طور محفوظ ساٿيءَ جي چونڊ ڪرڻ سان ان مرض جو خطرو گھٽائي سگھجي ٿو.
3. وئڪسينيشن: مناسب وقت تي سائيء جا ٽڪا لڳرائڻ ۽ انھن جو تعداد پورو ڪرڻ سان پڻ جسم کي ھيپاٽائٽس جي حملي کان ڪنھن حد تائين محفوظ رکي سگهجي ٿو. سٺي ڳالھ اها آهي ته اڄ ڪلھ سرڪاري ادارن ۾ مفت ٽڪا لڳرائي سگھجن ٿا.

علاج:
سڀ کان پھريون علاج ته احتياط آھي، اگر ڪنھن کي سائي ٿي وڃي ته پوء به ان جو علاج ممڪن آھي، ڪنھن بہ ماھر ڊاڪٽر جي صلاح سان پنھنجي ضروري چڪاسن (tests) کان پوءِ ڪاري سائي جو علاج وٺي سگھجي ٿو. ڪيترائي مريض ان مان صحتياب ٿي ويندا آهن، پر جڏھن بيماري شديد ٿي وڃي ته پوء علاج جو اثر گھٽ ٿيندو آهي. ان کان علاوه سٺو کاڌو کائڻ، پنھنجو پاڻ کي ھلڪي ورزش ۽ ذھني سرگرمين جي مصروفيت ۽ ڊاڪٽر سان مڪمل مشوري ذريعي ان بيماريء جو علاج ممڪن آهي.
ياد رکڻ گهرجي ته ھيپاٽائٽس-بي پازيٽو اچڻ بعد مڪمل ختم ناھي ٿيندي، پر علاج سان ان جي خطرن کي ختم ڪري سگھجي ٿو ۽ ان جي جراثيم کي ڪمزور ڪري وڌيڪ ڦھلجڻ کان روڪي سگھي ٿو. پر علاج کان پوءِ وري بي احتياطي ٻيھر وائرس کي طاقتور بڻائي سگھي ٿي.
 
Back
Top