فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
ڪتاب "پچار پرينءَ جي" (مرتب، رياض ڪلھوڙو) ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جون علمي ۽ ادبي خدمتن "جو سرسري جائزو...!
فقير محمد سنڌي
سنڌي ادب ۾ شخصيت تي لکيل ڪتاب رڳو يادگيرين جو مجموعو نہ هوندا آهن پر اهي فڪري، تحقيقي ۽ ادبي سرمايو بہ هوندا آهن. "پچار پرين جي" بہ اهڙو ئي ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي علمي ۽ ادبي زندگيءَ کي مختلف پهلوئن سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
رياض ڪلهوڙو، هڪ سچو محقق ۽ ترتيب ڏيندڙ جي حيثيت سان، مواد کي اهڙي ريت گڏ ڪيو آهي جو پڙهندڙ کي ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت، فڪري انداز ۽ ادبي ڪارج بابت هڪ منظم ۽ حوالن سان ڀرپور تصوير ملي ٿي
مهاڳ ۾ سنڌو پيرزادو، ڊاڪٽر بدر ڌامراهي کي هڪ اهڙي شخصيت طور پيش ڪيو آهي، جيڪا علم، تحقيق، تنقيد ۽ ترتيب جي ميدان ۾ اهم وقت، موجوده شخصن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ معيار بڻجي بيٺي آهي. مهاڳ ۾ شخصي تعريف سان گڏ سندن ڪم جي تنقيدي اهميت تي بہ روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب ۾ شامل شخصي خاڪا مختلف وقتن تي لکيا ويا آهن، جن مان هر خاڪو ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت جو هڪ الڳ پاسو سامهون آڻي ٿو. ڪٿي هنن جي محققانہ سنجيدگيءَ جو ذڪر آهي، ته ڪٿي سندن مزاح ۽ دوستاڻو رويو اجاگر ٿيو آهي. اهڙي تنوع، ڪتاب کي رڳو يادگيرين جي ڪهاڻي نہ، پر هڪ ادبي جائزي ۾ تبديل ڪري ٿو.
ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي ترتيب ڏنل ڪتابن تي مشاهدوڪتاب جي سڀ کان اهم حصن مان هڪ آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب ڏنل ڪتابن تي ٿيل تنقيدي ۽ ادبي مشاهدو آهي. انهن مشاهدن ۾ نہ رڳو انهن ڪتابن جو مواد ۽ اهميت بيان ٿيل آهي پر ترتيب ڏيندڙ جي حيثيت سان ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي ذوق، محنت ۽ ادبي بصيرت به واضح ڪئي وئي آهي. مثال طور: ڪتاب قديم سنڌي ادب کي جديد محققانہ معيار سان ترتيب ڏنل آهن جن ۾ حوالن جي پختگي ۽ متن جي صفائي کي خاص اهميت ڏني وئي آهي.
ڪجھ ڪتاب سنڌ جي تاريخي شخصيتن، شاعرن ۽ فڪري تحريڪن تي مشتمل آهن جتي ترتيب جي نفاست ۽ تبصرن جي وضاحت پڙهندڙ کي وڌيڪ ڄاڻ فراهم ڪري ٿي.
مشاهدي ۾ اهو بہ نمايان ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر صاحب جي ترتيب جو مقصد صرف متن کي گڏ ڪرڻ نہ، پر ان کي پڙهندڙ لاءِ علمي ۽ تحقيقي استعمال لائق بڻائڻ آهي.
رياض ڪلهوڙو جو ڪلادرسني تعارف: ترتيب ڏيندڙ رياض ڪلهوڙو ڪتاب جي شروعات ۾ ڊاڪٽر صاحب جو تعارف اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو آهي جتي هر جملو حوالن سان مضبوط ڪيو ويو آهي. هي تعارف، ڪتاب کي محض ادبي خاڪن جو مجموعو ٿيڻ کان بچائي، هڪ تحقيقي حيثيت ڏئي ٿو.
بيڪ ٽائيٽل ۾ انجنيئر عبدالوهاب سهتو, ڊاڪٽر بدر ڌامراهي کي نہ رڳو هڪ علمي شخصيت پر هڪ سچي دوست، مهربان انسان ۽ علم دوست ادبي ورثي جي امين طور پيش ڪيو آهي.
علمي ۽ ادبي اهميت:
"پچار پرينءَ جي" ڪيترن ئي پهلوئن کان اهم آهي:
ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سُئي نہ ٻُڌي،
پاسا مٿي پاھڻين، کاھوڙي کوڙين،
وڄا ات ووڙين، جت نھايت ناھ ڪا.

- شخصي خاڪا: پڙهندڙ کي هڪ شخصيت جي اندروني دنيا ۾ وٺي وڃن ٿا.
- ترتيب ڏنل ڪتابن تي عالمانہ مشاهدو محققن، شاگردن ۽ ادبي قدر ڪندڙن لاءِ هڪ حوالو بڻجي ٿو.
- ڪتاب سنڌي ادب ۾ شخصيت شناسي، ترتيب ۽ تنقيد جي صنف جو هڪ جامع نمونو آهي.
ڏوٿي سا ڏورين، جا جوءِ سُئي نہ ٻُڌي،
پاسا مٿي پاھڻين، کاھوڙي کوڙين،
وڄا ات ووڙين، جت نھايت ناھ ڪا.