فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
"صوفي رکيل شاھ جي سنڌي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو" ، ڪتاب جو تحقيقي ۽علمي مطالعو...!
فقير محمد سنڌي
ڪنھن سان سينو ڪهڙو ساهيون ،
جيئن ڪو سمجهي اسين اوئين آهيون.
خودشناسي ۽ حق شناسي تصوف ۾ هڪ اهم حصو آهي.
صوفيانہ فڪر ۾ ”من عرف نفسي فقد عرف ربي “ (جيڪو پنهنجي نفس کي سڃاڻي ٿو سو رب کي سڃاڻي ٿو) جو تصور بنيادي حيثيت رکي ٿو. حضرت رکيل شاھ جي بيتن ۽ شعرن ۾ پڻ انسان کي پنهنجي اندر ڏسڻ ۽ روحاني سچ کي سڃاڻڻ کي کليءَ دل سان دعوت ڏنل آهي.
هي مقالو مور مغيري جي ايم فل سطح تي تيار ڪيل تحقيقي ڪتاب "صوفي رکيل شاھ جي سنڌي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو" جو علمي جائزو پيش ڪري ٿو. ڪتاب پنج باب موجود باب آهن جن ۾ صوفي سيد رکيل شاھ جي زندگي، شاعريءَ جي فني خوبين، فڪري پسمنظر ۽ سندس روحاني سلسلي سان لاڳاپيل شاعرن تي بحث ٿيل آهي. هن مقالي ۾ ڪتاب جي مواد، طريقيڪار، حوالن جي بنياد تي اهميت جو تجزيو ڪيو ويو آهي. هي تحقيقي ڪم نه رڳو هڪ شاعر جي ادبي ورثي کي محفوظ ڪري ٿو پر صوفيانہ فڪر ۽ سنڌي شاعريءَ جي فني مطالعي لاءِ هڪ اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
حضرت رکيل شاھ جي ڪلام ۾ تصوف جو ذڪر ڪرڻ وقت سڀ کان پهرين اها ڳالھ سمجهڻ ضروري آهي تہ سنڌ جي شاعريءَ ۾ تصوف جو هڪ وڏو فڪري، روحاني ۽ ادبي روايت طور حصو شامل آهي.جيئن شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ بيدل جو ڪلام تصوف جي فڪري سونهن سان مالا مال آهي تيئن صوفي رکيل شاھ پڻ انهي روايت کي اڳتي وڌايو آهي. جنھن جو مثال هيٺين ريت آهي.
سچ جي راھ سڃاڻي، پاڻ سان لڙي،
دل جي درياھ ۾ لهرون حق جون پڙي،
فنا ٿي بقا ڏسي، مستيءَ ۾ گهڙي،
عاشقن جي راھ ۾، محبوب ملي.
سنڌي صوفي شاعريءَ جو سلسلو شاھ عبداللطيف ڀٽائي کان وٺي جديد دور تائين هڪ ترتيبي فڪر سان ملي ٿو. ڪيترن صوفي شاعرن جو ڪم مشهور ٿيو پر ڪجھ اهڙا به اديب ۽ شاعر آهن جن جي شاعريءَ تي علمي تحقيقي ڪم گهٽ ٿيو آهي. مور مغيري جو ڪتاب "صوفي رکيل شاھ جي سنڌي شاعريءَ جو فني ۽ فڪري جائزو" اهڙي شاعرن جي فن ۽ فڪر تي پهريون ڀرپور علمي جائزو ٿيل آهي جنھن مان پڙهندڙ کي بهترين سڌ ملي سگهندي.
سنڌي صوفي شاعريءَ تي اڳ ۾ ڪيل ڪجھ اهم تحقيقي ڪم بہ ٿيا آهن پر مور مغيري ڪتاب ۾ سيد رکيل شاھ جو خانداني پس منظر، ادبي سفر، صنفن ۽ صنعتن جو منظم جائزو ڏئي هي کوٽ پوري ڪئي آهي.
ڪتاب جي پهرين باب ۾ ليکڪ تحقيق جي طريقيڪار کي واضح ڪيو آهي.
صوفي رکيل شاھ جي اصل شاعري، هٿ لکيل نسخا، ۽ مقامي روايتون تي نظر رکي وئي آهي.
حضرت رکيل شاھ جي ڪلام ۾ تصوف رڳو خانقاهن تائين محدود نہ آهي پر انساني برابري، اخوت ۽ مظلومن سان همدردي بہ آهي. حقيقي صوفي اهو آهي جيڪو ماڻهن سان محبت ڪري، نفرت ختم ڪري ۽ ظلم جي خلاف آواز بلند ڪري.
فني ۽ فڪري تجزيو، صنفن جي سڃاڻپ، صنعتن جي درجا بندي جا مرحلا شامل آهن.
ليکڪ حوالن جي معيار کي برقرار رکندي سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جا مروج تحقيقي اصول اختيار ڪيا آهن.
ليکڪ، شاعر جي ڄم، تعليم، روحاني تربيت ۽ خانداني پس منظر کي تاريخي تسلسل سان پيش ڪيو آهي.
تشبيھ ، استعارو، مبالغو، تضاد، تلميع وغيره ڪلام جي زمري ۾ نمايان طور پيش ڪيو ويو آهي. عروض ۽ بحر جو فني مطالعو بہ شامل آهي.
وحدت الوجود ۽ عشق الاهي، انسانيت ۽ اخلاقي قدر، ظلم ۽ ناانصافيءَ جي مخالفت هر صوفي بزرگ جي خيال ۾ موجود آهي.
ڪتاب ۾ صوفي رکيل شاھ جي فڪري اثر هيٺ ايندڙ خانداني سلسلي کان علاوه شاعرن ۽ مريدن جو جائزو ڏنو ويو آهي جنهن سان ادبي سلسلي جو نقشو واضح ٿئي ٿو.
حضرت رکيل شاھ جي ڪلام ۾ تصوف رڳو فڪري يا نظرياتي ڳالھ نہ آهي پر هڪ عملي ۽ روحاني دستور حيات آهي. شاعري سنڌي صوفي روايت جو تسلسل آهي جنھن ۾ محبت، امن، برابري، خدا پرستي ۽ انسان دوستي جا ڳوڙها پيغام موجود ملن ٿا.
رکيل شاھ پنهنجي شخصيت ۾ عالم، صوفي، شاعر ۽ انسان دوست جي صورت ۾ سڀ عمل پسايا تڏهن تہ مقامي ماڻهن ۾ محبت، سادگي ۽ خدمت جو جذبو هم ڪنار ٿيو سندس مجلسن ۾ رڳو ذڪر ۽ سماع نہ پر انساني برابريءَ، ظلم جي مخالفت ۽ اخوت جو درس پڻ ڏنو ويندو هو.
مور مغيري جو هي تحقيقي ڪتاب سنڌي صوفي شاعريءَ جي مطالعي ۾ هڪ اهم اضافو آهي. مستند حوالن، فني ۽ فڪري تجزيي ۽ موضوع جي نواڻ کي علم جي روشني سان وڌيڪ پيارو بڻائي ڇڏيو آهي. صوفي سيد رکيل شاھ جي شاعريءَ تي هي پهريون جامع علمي ڪم آهي جيڪو مستقبل جي محققن لاءِ اهم ماخذ ثابت ٿيندو. آخر ۾ سيد رکيل شاھ جو غزل جو بيت آهي تہ
رھ پنجن تنن سان پورو، ڏس ظاهر ذات ظھورو ،
ٻاري عشق مچايم کورو ،ايھو لدني ڪشف ڪتاب ڏٺم.