فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
سرمد چانڊيي جو ڪتاب "لوڪ گيت جڳن جي جيت" (ڀاڱو ٻيو) جو تفصيلي جائزو...!
فقير محمد سنڌي
عشق جي در مهمان ٿياسين،
پاڻ رڌاسين پاڻ پڪاسين ،
عشق جي در مهمان ٿياسين.
سنڌ جي مٽيءَ ۾ لوڪ روايتون، ڳائڻيون ۽ گيت سدائين ساھ ۽ مٽيءَ سان جڙيل رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هر دور ۾ شاعر ۽ ڳائڻا پنھنجي ڌرتيءَ جي محبت، ڌرتيءَ جي سونهن ۽ ماڻهن جي احساسن کي نظم۽ ڳائڻي جي صورت ۾ امر بڻائيندا رهيا آهن. سرمد چانڊيي جي ڪتاب "لوڪ گيت جڳن جي جيت" بہ انھيءَ سلسلي جي هڪ نرالي ڪڙي آهي جيڪا نہ رڳو سنڌي، سرائڪي ۽ اردو ٻوليءَ جي رنگن سان گڏ قومي ورثي جو اهم دستاويز بڻجي سامهون آيو آهي.
هيءُ ڪتاب ثقافت کاتي سنڌ جي تعاون سان ڇپيو آهي400 صفحن تي مشتمل آهي. ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جا 270، سرائڪي جا 43 ۽ اردو ٻوليءَ جو هڪ گيت شامل آهي. ڪتاب جو مهاڳ عزيز قاسماڻي لکيو آهي. ڪتاب جي ارپنا سنڌو نديءَ جي نالي ٿيل آهي اهو سنڌو جنھن ۾ ڌرتيءَ جي ماڻهن جوساھُ ۽ ويساھُ سمايل آهي.
گيتن جو حسن ۽ فڪري رچنا سائين سرمد چانڊيي جي گيتن ۾ ڌرتيءَ جي خوشبو ۽ قوم جي محبت جو جيڪو رنگ آهي اهو پڙهندڙ کي سڌو پنهنجي مٽيءَ ڏانهن ڇڪي ٿو. مثال طور سرمد سائين جي گيت جو ڪجھ حصو:
رمتا بادل آهيون يار!
وسندا وسندا وينداسين،
سانول تنھنجا رنگ هزارين،
پنھنجو ڪوئي رنگ نہ ڌار!
تہ اهو منظر رڳو موسم جو ناهي پر زندگيءَ جي سفر ۽ محبت جي تسلسل جو بہ آهي. وسڻ ۽ وسائڻ جو استعارو سنڌ ڌرتيءَ جي دائم سرشاريءَ جو اعلان ڪري ٿو.
محبت ۽ من جي ڳجهارت،
شاعر جتي ڌرتيءَ جي ڳالھ ڪري ٿو اتي انساني محبت جي اظهار بہ اڀاري ٿو. ساڳي وقت محبت ۽ من جي گجهارت کي بہ ساڻ رکي ٿو.
ماڻھوءَ من جو ڀيد نہ ڄاتُئي!
حيف هجئي جو پيار نہ پاتُئي!
چاھُ وڏو يا چنڊ وڏو آ؟
سوچ! محبت منڊُ وڏو آ!
سورُ نہ ڪنھن جو يار! سڃاتئي!
يا وري هن لوڪ گيت جي حسناڪي ڏسو.
جيجل جي دل جيتڻ وارا!
سنڌ امڙ جا پٽ پيارا!
چنڊ ستارا ڪاڪ جا واسي،
هڪڙي اڀ جا رهواسي،
تن جو پريتم تہ آھ پراڻو!
منھنجي ڌرتي مومل آهي!
هي سٽون محض لوڪ گيت نہ پر فڪري اعلان آهن جتي محبت کي سڀني ڪائناتي شين کان وڏو قرار ڏنو ويو آهي.
ڪتاب ۾ ڪيترائي اهڙا گيت آهن جن ۾ سنڌ سان بي پناھ محبت جو اظهار ۽ ڌرتيءَ سان بيحد لڳاءُ جو جذبو نمايان نظر اچي ٿو.
التجائون رب حوالي،
سڀ دعائون تنهنجي نالي!
سنڌڙي آزاد رھ تون!
سنڌڙي آزاد رھ تون!
تنھنجو سنڌو موج ماڻي،
سير ساگر ڏي اماڻي،
آب انڇر ڏي اڇالي!
سنڌڙي آزاد رھ تون!
سنڌڙي آزاد رھ تون!
هي صدائون ڪنھن هڪ شاعر جي دل جون ناهن پر پوري خطيءَ جي سماج جي امنگن جو اظهار آهن. ڌرتيءَ جي آزاديءَ، سنڌوءَ جي موجن ۽ ساگر جي سير کي گڏ ڪندي شاعر قومي جذبي کي لوڪ روايت ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. جيڪو ائين ئي آهي.
ڌرتي ۽ شاعر جو ناتو ازل کان وٺي گڏ ئي رهندو پيو اچي پر سرمد سائين شاعري جي حيثيت کي ڌرتيءَ کي ترجمان بڻائي پيش ڪيو آهي ۽ اها سجاڳيءَ جي واٽ ڏي اشارو آهي.
ڌرتي گونگي ناهي سائين!
شاعرُ جيڪي گيت رچي ٿو،
گيتن ۾ سنگيت رچي ٿو!
سا هن ڌرتيءَ جي آ ڏات!
سا هن ڌرتيءَ جي آ بات!
شاعر ڏيندو آهي گواهي!
ڌرتي ساڻس آ همراهي!
ڌرتي گونگي ناهي سائين!
ڌرتي ٻوڙي ناهي سائين!
ڌرتي انڌي ناهي سائين!
هنن سٽن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو تہ شاعر ڌرتيءَ جي ٻوليءَ کي سٺي نموني سان ڄاڻي ۽ سمجهي ٿو. لوڪ گيت ۾ سرمد سائين ڌرتيءَ جي آواز کي هر هنڌ بلند رکيو آهي.
سڀ ننڍيون سنڌوءَ جي امانت آهن. لوڪ گيت ۾ پاڻي ۽ نديءَ جو استعارو وڏي اهميت رکي ٿو.
نديون ننڊ نہ ڪن! وو ميان!
نديون ننڊ نہ ڪن!
پاڻي وقت جو آھ وجود،
سنڌوءَ ۾ آ حق موجود!
هي سٽون رڳو پاڻيءَ جي اهميت نٿيون بيان ڪن پر سنڌ جي بقا ۽ وجود کي سنڌوءَ سان ڳنڍين ٿيون.
ڪتاب جي خاص خوبي اها آهي تہ ان ۾ سرائڪي ۽ اردو ٻوليءَ جا گيت بہ شامل آهن . هڪ سرائڪي گيت ۾ عاشقانہ ڇڪ رکيل ڏسجي ٿي. جيڪا زندگي، ڌرتي ،هجڻ ۽ اچڻ جو احساساتي مجسم آهي.
تون مَني نامَني مين ول ول آسان!
آسان ڦيري پاسان!
اڪ انڪار دي وچ، سئُو سئُو اقرار لڪل ھن!
طعني تنڪي ھس ڪي کاسان!
آسان ڦيري پاسان!
تيڏي لياڪي نيڻ نشيلي سر ڌڙ جاني،
گهول گهتيسان نيڻ چميسان!
آسان ڦيري پاسان!
اهو گيت محبت جي بيقراريءَ ۽ سماجي لهجي جي سادگيءَ جو عڪس آهي. ساڳئي وقت اردو گيت ۾ گلن جي علامت سان حياتيءَ جي خوبي بيان ڪئي وئي آهي:
کوئی ندیا کا پھول،
کوئی بگیا کا پھول،
پھولوں کی دنیا تو پھول ہوتی ہے!
مہکتی جہکتی وہ دھول ہوتی ہے!
کوئی آنگن کا پھول،
کوئی دامن کا پھول،
پھولوں کی دنیا تو پھول ہوتی ہے،
وہ بھونروں کے نینوں کی پھول ہوتی ہے.
"لوڪ گيت جڳن جي جيت" صرف ڪتاب ناهي اهو سنڌي، سرائڪي ۽ اردو لوڪ روح جو سنگم آهي. سرمد چانڊيي نہ رڳو گيتن کي محفوظ ڪيو آهي پر انهن کي هڪ فڪري جهلڪ ۽ قومي محبت جي اظهار ۾ بہ بدلائي ڇڏيو آهي. هي ڪتاب پڙهندڙ لاءِ هڪ اهڙو سفر آهي جتي ڌرتي، محبت، سنڌو ۽ انسان سڀ گڏ ٿي وڃن ٿا. ان گڏ هجڻ جو ثبوت ۽ احساس هن ريت بہ پرکي سگهجن ٿا.
"لوڪ گيت جڳن جي جيت" (ڀاڱو ٻيو) سرمد چانڊيو ، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2025ع
پروفيسر عزيز قاسماڻي ڪتاب جو مهاڳ لکي پاڻ موکيو آهي. منور علي مهيسر ڊائريڪٽر جنرل ثقافت کاتي پاران پبلشر نوٽ ۾ پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا آهن. جس هجي محمد سليم سولنگي کي هن ڪتاب ۾ پنهنجي زندگيءَ جا پل صرف ڪيا.
پاڻ ڊپٽي ڊائريڪٽر (انچارج پبليڪيشن)، ثقافت کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. برحال ثقافت کاتي ۽ سرمد سائين جي خاندان کي وري جس هجي اهڙا انمول تحفا سنڌي ادب کي ارپن ٿا.
آخر ۾ سرمد سائين لاءِ لوڪ گيت جو ڪجھ حصو :
عشق نہ صوفي، عشق نہ سامي،
عشق نہ ڪامي ۽ ڪمدار !
عشق منزل ڌارو ڌار!
عشق نہ ديسي، ۽ پرديسي!
عشق تہ "سرمد" آھ اويسي ،
عشـــــق جا روپ ۽ رنگ هزار!
عشق منزل ڌارو ڌار!
***