فلم اگورا ھڪ اسپيني تاريخي ڊرامي واري فلم آھي جيڪا 2009ع ۾ رليز ٿي هئي۔۔
ھي فلم قديم مصر جي شھر اسڪندريه (Alexandria) جي پس منظر ۾ تيار ڪيل آھي.. جتي چوٿين ۽ پنجين صدي عيسويءَ دوران مذھب.. فلسفو ۽ سائنس جي وچ ۾ ھڪ شديد ڇڪتاڻ جاري ھئي۔۔
ڪھاڻي جي مرڪزي محور Hypatia آھي.. جيڪا ھڪ حقيقي تاريخي شخصيت ھئي۔۔ ھوءَ اسڪندريه جي وڏي فلسفي.. رياضي دان ۽ فلڪيات جي ماهر ھئي۔۔ Hypatia پنھنجي زماني جي ٿورين نمايان علمي عورتن مان ھڪ ھئي۔۔ فلم ۾ ڏيکاريل آھي ته ھوءَ ڪائنات ۽ قدرتي قانونن کي سمجھڻ جي جستجوءَ ۾ لڳل آھي.. پر ٻئي طرف مذهبي شدت پسندي ۽ سماجي انتشار.. سندس علم ۽ فلسفي جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا۔۔
فلم ۾ مذهبي اختلافن.. قديم ڪتابخانن جي تباهي.. ۽ سچ جي تلاش جھڙا موضوع ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪيا ويا آھن۔۔ ان ۾ ڏيکاريل آھي ته ڪهڙيءَ ريت Hypatia جي سوچ ۽ تحقيق کي ان وقت خطرو سمجھيو ويو.. جڏھن مذھبي طاقتون غالب اچي رھيون ھيون۔۔۔