• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت حاجي صالح فقير لغاري رح

Ab laghari

سينيئر رڪن
AVvXsEhXmhNvh-0vDzsoLKIwl8CZzG-CVCoIDXVFeaO4iibJof8YlAyaYIsplpwILc05NDycujwTGWAeYDGtrGffp9cPQN1HhfOwU1oxxYtli6qxuEXVHtSatpLmQ2LQ-MPZvGc_d0asa5blU8NC22Ws73x63g_3ETJoMzsgciiGYMw4lamZsBawTUFxPDy1AiCx
حاجي صالح فقير لغاري ولد حاجي طيب لغاري رحه پاڻ لغاري قبيلي جي طيباڻي پاڙي مان هو .1904ع ۾ ڳوٺ ملان بخشي لغاري تعلقه ميرپور ماٿيلو ضلع سکر ۾ ڄائو. سندس ڄم جو سال راقم کي صحيح معلوم نه ٿو ٿئي اهو اڃا غور طلب آهي.
سندس والد حاجي طيب لغاري ولد سعدالله لغاري رحه جي نسبت معنوي درگاه ميان مستقيم المعروف پير بگو شير باشاه رحه جي بزرگن سان هئي. حاجي طيب لغاري پير
ميان مستقيم المعروف بگو شير بادشاه رحه جي درگاه جي بزرگ ميان جامي فقير انڍڙ رح جو نوازيل درويش هو ميان جامي فقير رحه پير ميان مستقيم المعروف بگو شير بادشاه رحه جو وڏو فرزند هو جنهن جي درگاه تعلقي لکي غلام شاه ضلع شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ آهي جيڪا ميان جامي فقير جا قبا نالي سان مشھور آھي .ميان جامي فقير رحه 1868ع ۾ وصال فرمايو. حاجي طيب لغاري جي اولاد ۾ اهو فيض راقم جي پڙڏاڏي مسمات ڪريمت خاتون جيڪا سندس سڳي نياڻي هئي ۽ حاجي صالح فقير لغاري رحه جي ڀيڻ ھئي اُن تائين رهيو. جيڪا صاحب ڪرامت صاحب حال ۽ وليه خاتون هئي. سندس ٻه ڪرامت جا واقعه هيٺ لکجن ٿا
.

هڪ دفعي پاڻ حج تي ويئي مڪي شريف کان جڏھن مديني شريف رواني ٿي ته سندس طبيعت خراب ٿي ويئي جنهن قافلي ساڻ هئي اُهي کيسڇڏي مديني شريف روانا ٿي ويا . پاڻ فرمائيندي هئي ته مون ان وقت پنهنجي مُرشد پاڪ ميان بگو شير بادشاه رحه ۽ ميان جامي فقير رحه کي سڏ هنيو ته ٿوري دير ڪون گذري ته هڪ اُٺ سوار کي ڏٺم جيڪو منهنجي طرف اچي رهيو هو ۽ اچي منهنجي ڀرسان اُٺ کي جُهڪايائين ۽هيٺ لهي آيو ۽ هڪ پاڻي سان ڀريل مشڪ مون کي ڏنائين ۽ چيائين امان پاڻي پي مگر اهو پاڻي ٻي ڪنهن کي نه ڏجان امان غم نه ڪر پٺيان قافلو اچي رهيو آھي انهن سان گڏ مديني شريف هلي وڃجان. ايئن چئي اُھو اوٺي غائب ٿي ويو . ۽ٿوري دير کانپوء ٻيو قافلو آيو ۽ آئون انهي قافلي سان گڏجي خير سان مديني پاڪ پهچي ويس. حج کان واپس اچي پاڻ پنهنجي مرشد پاڪ جي ايصال ثواب لاء خيرات ڪيائين.
جيئن ته منهنجي والده صاحبه روايت ڪري ٿي ته منهنجو نڪ جو پوپو جيڪو سون جو ٺھيل هو .سارين جولابارو ڪندي ناري ڪينال جي پائي۾ ڪٿي ڪري پيو ڪافي ڳولا باوجود هٿ نه اچي سگهيو آخر ڏاڏي ڪريمت کي ٻڌايم ته منهنجو نڪ جو پوپو لابارو ڪندي گم ٿي ويو آھي . پاڻ ان ئي وقت مونکي ساڻ ڪري ان جڳھ تي وٺي ويئي جتي اسان سارين جو لابارو ڪيو هو. امان چوي ٿي اُن وقت پاڻ اُتي بيهي ڪجھ پڙھيائين ۽ ان کان بعد پنهنجي مرشد پاڪ ميان بگو شير بادشاه رحه ۽ ميان جامي فقير رحه کي سڏ هنيائين ۽ ٿوري دير کان بعد اهو پوپو کڻي منهنجي هٿ ۾ اچي ڏنائين .
پاڻ وڏي خدا ترس غريبن ۽ مسڪينن لاء ڇپر ڇانو ھئي . ننڍن ٻارن سان ته ايترو پيار ڪندي هئي جو انهن کي روئندو نه ڏسي سگهندي هئي ڪٿي ڪو ٻار روئندو ڏسندي هئي ته ڪانه ڪا شي ءَ کڻي اچي ان ٻار کي ڏيندي هئي . پاڻ فرمائيندي هئي ته (جين رهايا ٻال - ڪڏھن نه پوسي ڪال ). پاڻ پنهنجي مرشدن سان ۽ الله وارن سان تمام گهڻي محبت ڪرڻ واري عورت هئي .ڳوٺ ۾ڪوبه درويش ايندو هو پاڻ اُن جي دعوت ضرور ڪندي هئي. پاڻ ملڪوتي ۽جبروتي صفتون رکندڙ هئي. سال 1983ع ۾ وصال ڪيائين ڪپوري قبرستان ۾ ابدي آرامي آھي. حاجي طيب لغاري رحه جي مرقد پڻ سانگهڙ لڳ ڪپوري قبرستان ۾ آھي

ميان مستقيم المعروف
پير بگو شير بادشاه انڍڙ رحه جي درگاه ڳوٺ چيچڙو تعلقه پنو عاقل ۾ آھي جنهن جو هينئر سجاده نشين ميان عابد حسين انڍڙ آھي.

ميان مستقيم المعروف پير بگو شير بادشاه رحه طريقت ۾ پنهنجي والد شهيد ميان محمد حسين انڍڙ رحه جا تلقين يافته هئا . سندن وڏا پير موسيٰ نواب هاشمي رحه( متوفي1285ع) جا مريد هئا. جنهن جي درگاه سرواهي لڳ سنجر پور تعلقه صادق آباد ضلع رحيم يار خان ۾ مرجع خلائق آھي. پير موسيٰ نواب هاشمي رحه حضرت غوث بهاؤالدين زڪريا ملتاني رحه جو سؤٽ ۽ فيض يافته خليفو هو .
حاجي صالح فقير لغاري سچو عاشق رسول صه هو ۽ شريعت محمدي جو پاپند هو . مولود پڙھندي سندس اکيون ڳوڙھن سان آليون ٿي وينديون هيون .
مون ايام جواني ۾ کيس ڏٺو هو . اسان جي ڳوٺ حاجي احمد لغاري جي مسجد شريف پڻ هن بزرگ جي جوڙايل هئي. (حاجي احمد لغاري سندس وڏو ڀاءُ هو.) مذڪوره مسجد ۾ پاڻ ڪڏھن ڪڏھن نماز پڙھڻ لاءِ ايندا هئا.
پاڻ صاحب ڪرامت هو سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون مشھور آھن
سندس هڪ ڪرامت جو احوال نموني طور پيش ڪجي ٿو
استاد محمد الياس لغاري جيڪ سندس ڀائيٽيو هو انهي چيو ته آئون ناري کان پار جتي هينئر چوٽياريون ڊيم آھي واري علائقي ۾ ڪم سانگي ويس واپس اچڻ وقت هڪ جهنگ ۾ اچي ڦاٿس ۽ رستو وڃائي ويٺس مون کي کي جهنگ ۾ هلندي هلندي شام ٿي ويئي۽اُڃ ۽ بُک به اچي تنگ ڪيو.انهي حيراني ۽ پريشاني ۾ هوس ته ڪيڏي مهل ڏٺم ته چاچوصالح فقير لغاري اچي نمودار ٿيو آھي ۽ مونکي ڏسي چيائين ته هتي ڇا ڪرڻ آيو هئين .وراڻيم ته گس ڀلجي ويو آهيان.مونکي ان وقت بک به ڏاڍي لڳل هئي چيم چاچا سائين بک لڳي آھي .استاد محمد الياس چوندو هو ته ان مهل پنهنجي کيسي ۾هٿ وڌائين ۽ مونکي ماني ڪڍي ڏنائين جيڪا صفا نرم ۽ تازي هئي .۽ ان کان بعد منهنجو هٿ وٺي مون کي چيائين هي رستو وٺيو وڃ اهو ڳوٺ ٿو وڃي ٻي پاسي نه وڃجان استاد محمد الياس چوندو هو ته مون جيئن ئي اهو رستو ورتو ته ۽اڳيان آيس ته ناري ڪينال جو بند هو ۽اچي خير سان گهر رسيم . ۽ چاچو صالح فقير الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو.

طريقت ۾ غالباَ پير رُشدالله شاه راشدي پير آف جهنڊي واري(متوفي 1922) جا مريد هئا.
مولانا حماد الله هاليجوي رح( متوفي 1962) واري مسجد هاليجي شريف جو سنگ بنياد پڻ هن ئي بزرگ رکيو ۽ مسجد لاءَ مزدوري ۽ چندو پڻ گڏ ڪيائين.
پاڻ ڪافي مسجدون ٺھرايائون .جتي پيئڻ جي پاڻي جي تڪليف هوندي هئي اتي في سبيل الله کوه کوٽائيندا هئا.
ان کان علاوه جنهن ڳوٺ جي رستي تي پل نه هوندي هئي پاڻ اُتي في سبيل الله پليون پڻ ٺھرايون

سندس همعصر عالمن ۾ ھيٺ ڏنل عالم قابل ذڪر آھن
1مولانا حماد الله هاليجوي رحه
2 مولانا عبدالقادر لغاري رحه
3مولانا عبدالله لغاري رحه
4 مولانا عبيدالله سنڌي رحه
5مولانا عبدالقادر زنئور رحه

6مولوي خير محمد احمداڻي رحه

سندس همعصر بزرگ
1مولوي عبدالهادي شر رحه ڀريا روڊ
2 ميان محمد بخش عرف الله

واله فقير اويسي رحه علي پور مظفر ڳڙھ
3سيد غلام نبي شاه رحه نواب شاه
4خليفو دائود فقير شر غفاري رحه ٺري مير واه

5انور علي شاه جهانپوري رحه
6پير سيد محمد شاه رحه گهوٽڪي

انکانسواء نوتڪ ڊيري غازي خان جا معشوق پوٽا سيد پڻ سندس همعصر رهيا آهن .


سندس نالي تي ديھ باکوڙو يونين ڪائونسل مياڻ تعلقه سانگهڙ ۾ پادري جي ڳوٺ کان اوڀر طرف ڳوٺ آھي.
کيس پنج پُٽن جو اولاد هو. جنهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا
1ڇٽو خان 2پيارو خان 3گل محمد 4حاجي رانجهو 5بهار
موجوده وقت۾ سندس سڀئي پٽ فوت ٿي ويل آهن باقي سندس پٽن جو اولاد مذڪوره ڳوٺ ۾ رهائش پذير آھي.
سندس ننڍو پُٽ بهار لاهوت ڏانهن سير ڪرڻ لاءَ ويو مگر واپس نه موٽيو . انهي ننڍي پُٽ جي جُدائي زندگي ۾ کيس جهوري وڌو.
پاڻ ننڍي پٽ بهار جي ڳولا ڪيائين۽ ڪافي بزرگن وٽ پڻ ويو مگر اهوئي جواب مليس ته (بهار ؛ بهار ٿي ويو فقير هاڻ صبر ڪريو.)
سال 1992۾ وصال ڪيائين سانگهڙ کان 6-7 ڪلوميٽر اوڀر طرف ڳوٺ جانب لانڊر لڳ ڪپوري قبرستان ۾ آسوده خاڪ آهي.


بناکر خوش رسمے خاک و خوں غلطیدن
خدا رحمت کند ایں عاشقان پاک طینت را۔



عبدالعزيز لغاري
ڳوٺ حاجي احمد لغاري
 
آخري ترميم:
Back
Top