• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

استاد محمد الياس لغاري

Ab laghari

سينيئر رڪن
AVvXsEjZxfnsPmAPHFtai0YVJiiGBkkI4O9XkXTFBsx8RuLWArwhepHHszqvlAzlCC9t55Fp2RYI50h-63t3MaK6ekL94LheRDSP3e1AeZ2pkRHtb8U0-nSIW0K07VsBMkPLXgQyUJm-Hz2HuJbgac-e90PV0xQzRfImXTlSrWZLh93AZPWk2s7ADF8NspsvBvy0
اُستاد محمد الياس لغاري ولد مُلان حاجي خان لغاري
سندس تعلق لغارين جي طيباڻي پاڙي سان هو. پاڻ 1926ع ۾ ڳوٺ پنهوارڙي تعلقي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيا. پاڻ حضرت صالح فقير لغاري رحہ جا ڀائيٽيا هُئا. شروعاتي ٽي درجا پرائمري ڳوٺ مولوي خيرمحمد احمداڻي تعلقہ سانگهڙ مان پاس ڪيائين. 25 سيپٽمبر 1941ع تي مولوي خير محمد احمداڻي صاحب کي جلب پير قبرستان (موجوده نزد دبئي سٽي جمڙائو روڊ سانگهڙ ) وٽ شهيد ڪيو ويو. مولوي خير محمد احمداڻي جي شھادت کان پوءِ، اُستاد محمد الياس جو والد پنهنجي اباڻي ڳوٺ ملان بخشو لغاري تعلقه ميرپور ماٿيلو ضلع سکر لڏي ويو. باقي چوٿون ۽ پنجون درجو پرائمري اُتي پڙھيائين. 1943ع ڌاري پاڻ ڳوٺ مولوي عبدالقادر لغاري نزد پادري جو ڳوٺ تعلقہ سانگھڙ واپس آيا. اُن کان بعد مدرسہ اسڪول محمد ملوڪ پهوڙ موجودہ تعلقہ کپرو ۾ پڙھيا ۽ فائنل جو امتحان 1946ع ۾ ميرپورخاص مان پاس ڪيائين ۽ ساڳئي سال کپرو شهر ۾ پرائمري استاد ڀرتي ٿيو. اُتي ٽي سال نوڪري ڪيائين ان کان بعد تپيداري جو ڪورس ڪيائين ۽ 1950ع ۾ نواب شاھہ ضلعي ۾ تپيدار مقرر ٿيو. جيڪا نوڪري پڻ هڪ سال جو عرصو ڪيائين. ان کانپوءِ ڪجھہ مجبورين سبب اها نوڪري ڇڏي ڏنائين .اُن کان بعد سال 1953ع ۾ وري پرائمري استاد ٿيو ۽ ڳوٺ عبدالله خان لغاري پنيري تعلقہ کپرو ضلع سانگهڙ ۾ استاد مقرر ٿيو. جتي 14 سال پرائمري استاد رهيو. اُن کانپوءِ سانگهڙ شھر ۾ مسلم اظهار الاسلام اسڪول ۾ 7 سال پرائمري استاد رهيو. بعد ۾ 1974ع ۾ ڳوٺ حاجي احمد لغاري ديهہ باکوڙو تعلقہ سانگهڙ ۾ استاد مقرر ٿيو. جتان 1985ع ۾ ريٽائر ٿيو.
پاڻ قادر الڪلام شاعر هو . سندس شاعري جو نمونو نہ ملي سگهيو آهي
پاڻ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي رحہ جي شاعري ۽ سُرن تي 2 سالہ ڪورس پڻ هالا مان ڪيائين. پاڻ موسيقي ۽ راڳ جو ڄاڻو هو. حضرت شاھہ عبدللطيف ڀٽائي رحہ جي بيتن جي سمجهاڻي تمام بهترين انداز ۾ بيان ڪندو هو.
پاڻ قرآن پاڪ جي تفسير ۽ فقه جي مسئلن جوبه ڄاڻو هو.
سندن طبيعت فقيري ڏانهن مائل هئي طريقت ۾ پير ضياءُالدين شاه راشدي (متوفي 1957ع) پير جهنڊي واري جو مريد هو.
پاڻ شريعت جو پاپند هو نماز پنج گانہ ۽ روزانو قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو هو ان کانسوء سلسلہ قادريہ طريقي جو ذڪر پڻ پابندي سان ڪندو هو.
جتي بہ ڪو اهل الله ڏسندو هو ان جي حاضري ضرور ڀريندو هو.
هڪ دفعي پاڻ سيد گمبل شاه رحہ جي مجلس ۾ ويا سائين کائنس پڇيو تہ فقير ڪيئن اچڻ ٿيو آھي، چيائين خُدا جي واٽ لاءِ آيو آھيان. مذڪوره بزرگ ڏسي کيس چيو تہ خدا جي واٽ اوهان وٽ پهريان ئي موجود آهي مذڪوره بزرگ جي آستاني تي سَر وڇايل هئا، پاڻ فرمايائون تہ اُنهن سَرن تي آرام ڪبو ۽ لَسي ڀت کائبو ۽ ذڪر جي واٽ اوهان وٽ آھي اُھو ذڪر ڪبو تہ ﷲ مِلي ويندو. باقي ڪُڪڙ کائڻا هجن تہ منهنجن ڀائرن وٽ هليا وڃو. اتي توهان کي هر عيش عشرت جو سامان ملي ويندو. پاڻ فرمائيندا هئا ان کان بعد مون ڏٺو تہ هڪ ڏَنڊن ڪونڊن واري جماعت سائين وٽ آئي پاڻ فرمايائون انهن جو حساب ڪتاب الڳ آهي.
هڪ دفعي حضرت قلندر لال شهباز رحہ جِي درگاھہ تي حاضري لاءِ ويا ۽ مسجد ۾ وڃي آرام ڪيائين ۽ دل ۾ پڪو پھہ ڪيائين تہ قلندري فقيرن جي ڌمال نہ ٻُڌبي. جيئن ئي قلندري فقيرن ڌمال وڄائي تہ پاڻ چوندو هو تہ مونکي اُن مهل هوش آيو جنهن مهل مون ڏٺو تہ منهنجو پٽڪو قلندري فقيرن جي پيرن ۾ هو ۽ آئون سڀ کان پهرين قلندري ڌمال ۾ نچي رهيو هوس.
خُدا ڄاڻي مون کي الائي ڇا ٿيو، بقول ڊاڪٽر اقبال رحہ جي تہ:

جلا سکتی ہے شمعِ کشتہ کو موجِ نفَس اُن کی،
اِلٰہی! کیا چھُپا ہوتا ہے اہلِ دل کے سینوں میں.
تمنّا دردِ دل کی ہو تو کر خدمت فقیروں کی،
نہیں ملتا یہ گوہر بادشاہوں کے خزینوں میں.
نہ پُوچھ ان خرقہ پوشوں کی، ارادت ہو تو دیکھ ان کو،
یدِ بیضا لیے بیٹھے ہیں اپنی آستینوں میں.
ترستی ہے نگاہِ نارسا جس کے نظارے کو،
وہ رونق انجمن کی ہے اِنہی خلوت گزینوں میں.
۔
پاڻ سال 1999ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. سندس آخري آرامگاهہ غازي غلام حيدر فقير رحہ جي قبرستان يونين ڪائونسل کوڙي تعلقہ کپرو ضلع سانگهڙ ۾ آھي.
کيس هڪ پُٽ جو اولاد آھي جنهن جو نالو محمدالدين آھي پاڻ پرائمري استاد آھن ۽ اسان جي ڳوٺ حاجي احمد لغاري ۾ تعليمي خدمتون سر انجام ڏيئي رهيا آھن ۽ پرائمري تعليم ۾ راقم جا اُستاد رھيا آھن. طريقت ۾ مولوي محمد ادريس لغاري رحہ لٽڪو موري تعلقہ سانگهڙ واري جا مُريد آھن. دُعا آھي تہ ﷲ پاڪ کين وڏي ڄمار ڏي ۽ پنهنجي وڏڙن جي نقش قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي. پاڻ ھينئر ڳوٺ حاجي صالح فقير لغاري ۾ مُقيم آھن.

عبدالعزيز لغاري
ڳوٺ حاجي احمد لغاري سانگھڙ.
 
آخري ترميم:
Back
Top