• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جا گُفتا ڪلام حق جو...

Ab laghari

سينيئر رڪن
اسان جا گُفتا ڪلام حق جو اسان جي صورت سبحان جهڙي
زبان منهنجي آواز هُن جو اسان جي ٻولي رحمان جهڙي

عجب عجائب اسان جي چالي دنيا وارن کان ريت نرالي
ڪڏھن جمالي ڪڏھن جلالي صفت رکون شاه مردان جهڙي

الف لام ۽ ميم ۾ ڳولي ڳُوڙھن ڳولاڪن ڏٺو آ کولي
الله آيو اسان جي اولي آھي حقيقت قُرآن جهڙي.

اسان جي نينهن وارو هي نظريو ظاهر جو عالم سمجهي نه سگهيو
اسان جي نوبت نقارو وڄيو اسان جي پُوڄا ڀَڳوان جهڙي.

اسان ته اخفيٰ احوال آڻيون ڳُجهون ته ڳُجھ جو ڳالهيون ٻُڌايون
اسان ته من چئي سُخن سُڻايون اسان جي شاعري آ گيان جهڙي


صوفي ذوالفقار علي من ستاري.
درگاه تجل شريف تعلقه نارو ضلع خيرپور.

 
Back
Top