• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وجود ناهي منهنجي ھَڏن ۾.

Ab laghari

سينيئر رڪن
AVvXsEiuZJQOvJXsGhFHK17z_ma0JYKbRYzpuVuP4XFyypRgk2u-SEUzHNAuD8keRMcYNFFAac0EtxafisVoe_vxmYSkMHNPYXb2MSRLI1R-UZ75C6oWxESeAQpJ7GenqY7EKW9BTg824nUoBCmOQQdBuk3ZfeyNw-vcwAO1M9kgp4i0wr0nwA_wiW3AngM4Qhm7
وجود ناهي منهنجي ھڏن ۾
پڙھان مان هاڻي ڪتاب ڪهڙو
ديدار ۾ آئون ديوانو بڻيس
ڏيان مان هاڻي حساب ڪهڙو.


موتو قبل الانت موتو

ملڪ عدم جو سير ڪيو سين
مرڻ کان اڳيئي مري ڏٺو سين

ايندو قبر جو عذاب ڪهڙو.


اثبات واري اوقات اندر

شغل شطارا شغل ڪيو مون
گگن منڊل منجھ منڊل مچي ويو
ڪيان مان هاڻي نقاب ڪهڙو.


بيخودي جي بحر ۾ من چئي
لهي ته لاحد لقاءُ ڏٺوسين
عمر ڀَر لاءِ مست ٿي ويس
اُن کان وڌ ٻيو شراب ڪهڙو.



صوفي ذوالفقار علي من ستاري
درگاه تجل شريف تعلقه نارو ضلع خيرپور.
 
آخري ترميم:
Back
Top