• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊاڪٽر علي نواز ناز سومرو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

ڊاڪٽر علي نواز ناز سومرو

عزيز ڪنگراڻي


ڊاڪٽر علي نواز ناز سومرو ولد گل محمد سومرو 21 ڊسمبر 1944ع تي دادو ضلعي جي تعلقي جوهي جي ڳوٺ پير علي شاھ ۾ جنم ورتو. هن مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد گهرو مالي حالتون بهتر نه هجڻ ڪري پنهنجي والد جي دوست ۽ جوهي تعلقي سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ڪهاڻيڪار انجنيئر سائينداد سولنگي جي سهڪار سان ٽنڊي محمد خان ۾ ڪلرڪ جي نوڪري ڪرڻ لڳو. 1967ع کان 1968ع تائين ڪمپائونڊري جو ڪورس، ويسٽ پاڪستان اسٽيٽ فيڪلٽي لاهور مان ڪيو ۽ ڪمپائونڊري جي سند حاصل ڪئي. 1970ع ۾ سول اسپتال دادو ۾ ڪمپائونڊر طور ڀرتي ٿيو. 1975ع ۾ نوڪري ڇڏي جوهي شهر ۾ پنهنجو ميڊيڪل اسٽور کولي ماڻهن جو علاج ڪرڻ شروع ڪيائين جنهن ڪري جوهي شهر ۾ ڊاڪٽر طور مشهور ٿيو. هن گريجويشن 1974ع ۾ ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائينس ۾ 1980ع سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي.
ڊاڪٽر علي نواز 1962 ۾ "ناز" جي تخلص سان شاعري جي شروعات ڪئي. سندس شاعري سنڌي اخبارن جي ادبي صفحن ۽ ٻارن لاءِ ادبي صفحن ۾ ڇپجڻ شروع ٿي. سندس پهريون شعر ان وقت ۾ شايع ٿيندڙ نواءِ سنڌ اخبار ۾ ڇپيو. هن گيت، نظم، آزاد نظم ۽ وائي جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي.
1966 م سندس ازاد نظم روح رھاڻ ۾ شايع ٿيو.
پو۽ سندس وايون ۽ نظم روح رهاڻ رسالي ۾ شايع ٿيا. ان کان علاوه سوجھرو رسالي ۾ پڻ سندس ازاد نظم شايع ٿيا. سياسي ۽ سماجي سرگرمين سبب هن لکڻ ڇڏي ڏنو هو.
علي نواز سومرو سياسي ۽ سماجي خدمتون پڻ سرانجام ڏيڻ شروع ڪيون. سياسي حوالي سان 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پيپلز پارٽي سان سلهاڙيل رهيو. سيپٽمبر 1979ع ۾ ٽائون ڪاميٽي جوهيءَ جو ميمبر ٿيو. 1983ع ۾ بلدياتي اليڪشن جي بائيڪاٽ سبب اليڪشن نہ لڙيو. نومبر 1987ع م اليڪشن لڙي ميمبر بڻيو ۽ انھي سال 31 ڊسمبر 1987ع ۾ ٽائون ڪميٽي جوهيءَ جو متفق طور چيئرمين مقرر ٿيو.
1981ع ۾ هن دوستن سان گڏجي سگا جوھي شاخ جو بنياد رکيو. جنهن جو پھريون جنرل سيڪريٽري رھيو. ان ايام ڪاري م جوهي ۾ مفت اکين جي ڪئمپ مرڪزي سگا جي دوستن جي سھڪار سان لڳائي وئي ۽ 245 ماڻهن جي اکين جا آپريشن ٿيا. ٻئي ٽرم م به سگا شاخ جوهي جو جنرل سيڪريٽري رھيو. ضياءُ الحق جي حڪومت سرڪاري ملازمن جي سگا ۾ شموليت تي بندش وڌي هئي جنھنڪري جون 1983 تائين تقريبن ملازمن استعفائون ڏنيون جنهنڪري باقي ٽي چار دوست وڃي بچيا ۽ سگا شاخ جوهي جهڙوڪر بند تي وئي. تنھن کانپوءِ 1988ع ۾ محترمہ بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ ملازمن تان بندش لاٿي ته سگا شاخ جوهي ٻيهر متحرڪ ٿي. سگا جي بيھر بحال ٿيڻ کانپوء ٻہ ڀيرا ڊاڪٽر علي نواز جنرل سيڪرٽري رھيو.
سال 1993 کان 1995روشن تارا اسڪول جوهي جو وائيس چيئر مين رھيو. پوءِ 1999 کان 2001 تائين روشن تارا اسڪول جو.چيئر مين به رھيو. 23 سالن تائين جوھي مين پرائمري اسڪول جي پيرينٽ ٽيچرس ايسوسيئيشن جو صدر رھيو.
ڊاڪٽر علي نواز ناز سومري جو مطالعو وسيع آهي. سندس ادب ۽ تاريخ بابت مطالعي کيس جوهي جي ادبي حلقي ۾ اهم حيثيت حاصل رهي آهي. ساڻس منهنجون سندس ميڊيڪل اسٽور تي يا ميونسپل ڪميٽي جي آفيس ۾ خوب ڪچهريون رهيون. جوهي ۾ ادبي پروگرام هجن يا تعليمي سرگرمي هجي ڊاڪٽر علي سومرو ضرور شريڪ ٿيندو هو. مون سان سندس تاريخ تي ٿيل بحث اڄ به مون لاءِ اتساھ جوڳا آهن. شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري بابت به دسترس سان ڳالھائيندو ۽ بحث ڪندو هو. هڪ ڀيري ڪنهن ڪم سبب سندس گهر ويس ته پنهنجي ڪمري ۾ وٺي ويو. مونکان سندس ڏنل اهڙو مان اڄ به نه وسريو آهي. ان ڏينهن ادب ۽ تاريخ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڪچهري ٿي ۽ مون کانئس تمام گهڻو پرايو ۽ اتساھ حاصل ڪيو
 

Attachments

  • naz_soomro.jpg
    naz_soomro.jpg
    9.1 KB · ڏٺو ويو: 0
آخري ترميم:
Back
Top