• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪهاڻي ،ناٽڪ ۽ اسٽيج سان ڀرپور نڀاءُ رکندڙ، اعجاز سولنگي...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
ڪھاڻي ،ناٽڪ ۽ اسٽيج سان ڀرپور نڀاءُ رکندڙ، اعجاز سولنگي....!

فقير محمد سنڌي
ڪو جو ڪامَڻُ مَي، آهي اَکڙِيُنِ۾،
تَنُ تَماچي ڄامَ جو، ناڀون پايو نَي،
عشقُ اِيئَن ڪري، جيئن ڄارَو ڄامَ ڪُلھي ڪيو.

لفظن جي ترتيب، ڪھاڻي جو پلاٽ، فطري حسن گيري، سماج کي ويجهڙائي کان ڏسجي، حسن جو مشاهدو ڪرڻو هجي، دلڪشيءَ جا منظر، سنسار ڏسڻو هجي، تہ اعجاز سولنگيءَ جي آکاڙي اچي لاشعوري طور ويھي شعور حاصل ڪري سگهڻ بلڪل آسان آهي. دوستيءَ جو ڀرم، پيچيده مفاصلن کي ويجهو ڪرڻ ۽ اخلاقي ذميواري جو حق اعجاز سولنگي پوري طور ادا ڪري ٿو.
جڳ مشھور فلسفي ارسطوءَ جي "خيال ۾ چڱائي يا عمدگي هڪ پائدار خوبي آهي. خوبين جي بنياد تي ٻڌل دوستيون ڏاڍيون جٽادار رهنديون آهن. خوبيون رکندڙ دوست هڪٻئي جي لاءِ ڪارگر ۽ سرهائي ڏيندڙ هوندا آهن. هن قسم جي دوستي ناياب هوندي آهي ۽اُن جي اوسر ۾ وقت لڳندو آهي پر اها دوستي تمام بهترين هوندي آهي. " اهڙي عڪاسي اعجاز سولنگي جي ذاتي زندگيءَ ۾ ، ڪھاڻين ۽ ناٽڪ منڊلين ۾ زينت بڻيل آهن.
اعجاز سولنگي واقعي اسٽيج ڊرامي جي ميدان ۾ خاص ڪري لاڙڪاڻي جي ناٽڪ منڊليءَ جي حوالي سان هڪ مشهور نالو آهي. ٿيٽر جي دنيا ۾ سندس تعاون، جذبي، لڱن ۽ استقامت جو ثبوت آهي.
تاريخ جي ورق گرداني ڪندي ان شيءَجو پتو پوي ٿو تہ غير معمولي انسانن جو جنم سادن گهرن ۾ ٿيندو آهي. ان فهرست ۾ اعجاز سولنگي بہ اچي ٿو جنھن جو جنم 7 فيبروري 1970ع تي محمد اڪرم سولنگيءَ جي گهر ٿئي ٿو. جنھن جي طبيعت خوددار ڪم بلڪل سادو گلن جو هلڪو دوڪان جيڪو ڏسڻ هلڪو محسوس ٿئي پر ان پٽ تي گل شهر جي هر فرد لاءِ ڪارائتا خوشي هجي يا غم پر محمد اڪرم سان هنن جو واسطو پوي ئي پوي. بلڪل ائين جيئن گلاب جي گل تي ماکيءَ جا مکا.
اعجاز سولنگي تعليم ۽ ڪرت جي پاسي کان بہ ڀڙ نظر اچي ٿو. 1988ع تي تعليم کاتي ۾ ملازمت پرائمري اسڪول ٽيچر طور ٿي. ايم. اي سنڌي ادب 1989ع تي شاھ عبداللطيف ڀٽائي خير پور ۽ ايم. اي اڪانامڪس 1995ع تي شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ٿيل آهي.
جيئن تہ عملي ڪم کان سواءِ ڪجهه به ممڪن ڪونھي ان شعار کي اعجاز سولنگي پنھنجو نعصب بڻائي اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي. "جدوجهد کان سواء منزل تي پهچڻ ناممڪن آهي." اعجاز سولنگي جو سفرنامو ان جملي جو هڪ روشن مثال آهي. هن پنهنجي محنت ۽ اٽل عزم سان لاڙڪاڻي جي اسٽيج ڊرامي جي تاريخ ۾ پنهنجو هڪ مقام جوڙيو آهي.
"لکڻ جي شروعات فلمون ۽ ٽي وي ڊراما ڏسي شوق جي پورائي لاءِ 1988ع کان پنھنجي عشق سان نڀائيندو پيو اچي. ان سفر ۾ اعجاز سولنگي 10کن وڊيو ٽيلي ۽ سينيما لاءِ فلمي ڪهاڻيون لکيون آهن. جيڪي ڪھاڻيون، سنڌوءَ ڪناري، پيار ڪھاڻي، ڏهيسر، ڪفن سر سان، تري مورتي، ڌرتي ڌياڻي، سنڌياڻي، خوني چور ۽ نيڪي کا سفر سنڌي اردو گڏيل طور پي ٽي وي، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي تان نشر ٿيل. ڪھاڻين جو مجموعو " بند سپون" تياري هيٺ آهي. "پريم تنهنجا پار " ناول ۽ "سيني تي نشان " ناوليٽ سنڌ رنگ ڊائجسٽ ۾ اشاعت ٿيل آهن.
اعجاز سولنگي پنهنجي ٻوليءَ تي سٺي مهارت رکندڙ سچيت فرد آهي. ٻوليءَ جي مقدس حق ڀلي ڀت ڄاڻي شاھ لطيف جي هيٺين بيت وانگر بلڪل عمل پيرا بہ آهي.

جَي فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،
جو ٻَڌو ٻن ڳالھين، سو ڪيئن چائي ڄام،
اُڃو تان آب گھُري، بُکيو تان طَعام،
اِيءُ عامِيَنِ سندو عامُ، خاصن منجهان نہ ٿئي.

ٻوليءَ جي بقا لاءِ اعجاز سولنگي جو قلم ڪٿي بہ دم نہ پٽيو آهي. سنڌي ڪھاڻي جي کيتر ۾ ٻہ اکري ڪھاڻي جو سرو بہ اعجاز سولنگي جي محنت آهي جنھن تي سوَ کان مٿي ڪهاڻيون لکي ڪتاب " سرخ آيتون" ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي.
سنگت، اعجاز سولنگي کي مانُ ڏيندي "علي بابا ۽ امر جليل ڪري سڏيندا اٿس. سائين اعجاز سولنگي کي هڪ اعزاز اهو بہ حاصل آهي تہ ڊرامو " جيڪا سنگت جي صلاح " مختلف نالن سان سنڌ جي گهڻن شهرن ۾ 200 کان مٿي اسٽيج ۽ ناٽڪ منڊلين جي سونهن بڻيو آهي.
لاڙڪاڻي جي ٿيٽر منظر جي داستان کي ترتيب ڏيڻ ۾ سندس منفرد اها ڪهاڻي آهي. اعجاز سولنگي جي تجربي ، اسٽيج، ناٽڪ ۽ ليکڪن کي بلاشڪ بيشمار ماڻهن کي ٿيٽر جي دنيا ۾ پنهنجن خوابن جي تعبير لاءِ متعارف پڻ ڪرايو آهي.
اعجاز سولنگي جي شاندار ادبي سفر ۽ لاڙڪاڻي جي ثقافتي منظرنامي تي هن جي اثرن کي ساراهڻ کان رهي نٿو سگهجي . اعجاز جي خواهش فنڪارن لاءِ اميد جي روشني جي طور تي ڪم ڪرڻ رهي آهي ،تاريخ ۾ انهن فردن کي ياد ڏياريندي ته ڪاميابي پهچ ۾ آهي پر جدوجهد سان ۽ صرف استقامت، عزم جي ذريعي.آخر ۾ لطيف سرڪار سٽون آهن.
پوربيا پوري آسڻ ويا اڄ صبوح،
کٿوري خوشبوءِ، آهي آديسين ۾.
 
Back
Top