عبد الله جروار
جونيئر رڪن
ٽنڊي الهيار جو هڪ تاريخي ماڳ
"اَبُل جو دڙو "
لڳ درگاھ شيخ موسي ا شاهپور رضوي
عبدالله جروار
ڪجھ ڏينھن اڳ ڳوٺ بهار ميرجت جي دوستن جي ٺاهيل مزاحيه وڊيو ڏٺي. جنهن ۾ "ابل جي دڙي" جو ذڪر هو. جنهن تان مون کي ڪافي عرصو اڳ پڙهيل هڪ ڪتاب ياد آيو جنهن ۾ ابل جي دڙي جو ذڪر هو. هاڻ اهو ڪتاب ڪٿي رهجي ويو. پر ڪتابن جا پنا ڦلهوريندي ھڪ رسالي جيڪو ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد مان جاري ٿيندڙ قديم رسالو آهي. ان اخبار تعليم رسالي جي شماري اپريل 1967ع ۾ شايع ٿيل هڪ مضمون منهنجو ڌيان ٻيهر ابُل جي دڙي ڏانهن ڇڪايو. اهو شايع ٿيل مضمون کي هتي رکجي ٿو. جيئن تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندڙ دوست هن قديم ماڳ ڏانهن متوجھ ٿين. هن مضمون جو ليکڪ ماستر محمد اسلم آرائين (جيمس آبادي) صاحب آهي.
راقم الحروف جو 22 آڪٽوبر 1965ع تي جناب محمد حنيف مهر ڪاڇيلوي ( مصنف عالمي رومان) سان گڏجي ابل جو دڙو ڏانهن وڃڻ جو اتفاق ٿيو. جيڪي ڪجھ اتي ڏٺو وائٺوسين تنهن لاء محمد حنيف مهر ڪاڇيلوي صاحب جن جي رهنمائي هيٺ جيڪو ڄاتم سو پيش ڪريان ٿو. دنيا جي ٻي ثباتي جو ڪهڙو روئڻ روئجي. جنهن سڀ ڪجھ مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي ۽ ائين ملائيندي رهندي. وڏين وڏين هستين کي نيست و نابود ڪري ڇڏيائين، سڪندر اعظم جهڙن بادشاهن کي به پير کوڙڻ نه ڏنائين. بابل جهڙو شهر به صفحه هستي تان مٽائي ڇڏيائين، موهن جو دڙو ، برھمڻ آباد، ڀنڀور، منصوره ، ڪاهو جو دڙو، پاٽ پراڻي، الور ، ابل جو دڙو ۽ ٻيا به اهڙا جهونا دڙا يادگار طور پيا پسجن.
انهي دڙن مان "ابل جو دڙو" شايد اوهان لاء نئون هجي! تنهن لاء اڄ مان اوهان کي انهي باري ۾ واقفيت ڏيان ٿو. ابل جو دڙو ٽنڊو الهيار اسٽيشن کان چار ميل اتر طرف ٽنڊي آدم روڊ کان هڪ ميل اوڀر طرف ساڱره ندي جي ڦاٽ جي ڪناري تي واقع آهي. هن دڙي جي ڀرسان ئي شيخ موسي ا رح جو قبو ۽ قبرستان آهي.
قديم زماني ۾ جڏهن هندوستان تي مسلمان بادشاھ علاؤالدين خلجي جي حڪومت هئي. تنهن کان اڳ انهي دڙي جو نالو "گاجپور" هو، جو هڪ گاجي " هندو جي نالي تي ٻڌل هو. راجا گاجي کان پوء راجا ابل تخت تي ويٺو تڏهن هن هتي هڪ مضبوط قلعو جوڙايو. جنهن جي نالي سان اڄ هي دڙو سڏجي ٿو.
قلعو :
هن وقت قلعي جي ايراضي تقريبن چار ايڪڙ جي پکيڙ ۾ آهي. قلعي جو شاهي دروازو اتر طرف آهي. قلعي جي وچ ۾ هڪ کوه به هو. جنهن جا هن وقت صرف نشان باقي آهن. قلعي جي چوڌاري شاهي محل هو ۽ سندس ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ تي ست ماڙ محلات ٺهيل هئي. جنهن ۾ راجا ابل جون نياڻيون رهنديون هيون. قلعي جو وچون حصو بلڪل خالي هو. قلعي جي بلندي به زبردست هئي. جنهن جو اندازو موجوده مٽي جي ڍيرن مان لڳائي سگهجي ٿو. هن وقت انهي جاء تي سواء ڀڳل ٽٽل سرن ۽ ٺڪرن جي ٻيو ڪو به نشان نه آهي. جيڪڏهن هن قلعي جي کوٽائي ڪئي وڃي ته تاريخ جي بابن ۾ نئون اضافو ٿي سگهي ٿو.
تباهي :
خليفي علي گل ولد شيخ پير بخش لاشاري جي زباني ٻڌڻ ۾ آيو ته راجا ابل وڏو ظالم هو. جنهن جو وڏي ۾ وڏو ظلم اهو هو ته سندس شهر ۾ جيڪڏهن ڪا به نئين ڪنوار پرڻجي ايندي هئي ته پهرين رات پاڻ وٽ ترسائيندو هو. عوام کي ان ظالم جي ظلم کان نجات ڏيارڻ لاء شيخ موسي ا پنهنجن مريدن شاھ خراسان، شاھ حيدر ، حاجي جوڳي ۽ سيٺ ليلا ڀٽي ( جي انهي ساڳئي قبرستان ۾ دفنايل آهن) سان گڏجي ملتان کان هتي پهتو. شيخ موسي ا جي بددعا هن شهر کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو. اها تباهي علاؤالدين خلجي جي آخري زماني ۾ آئي.
بيبي خوندي :
بيبي صاحبه راجا ابل جي نياڻي هئي جو پيءُ جي انهي ظلم ۽ سچ ڳالهائڻ سبب عاجز ٿي شيخ موسي ا وٽ پناھ هيٺ رهي ۽ اسلام قبول ڪيائين. هن وقت سندس قبر شيخ موسي ا رح جي قبر جي اڀرندي پاسي کان آهي. سندس ڀرسان ئي سيٺ ليلا ڀٽي جي آخري آرام گاھ آهي.
سيٺ ليلا ڀٽي :
هي صاحب ڪمال پهرين علاؤالدين خلجي هندوستان جي بادشاه وٽ وڏو وزير هو. پوء شيخ موسي ا جي محبت هيٺ سنڌ ۾ آيو. ابل جي دڙي تي پهچڻ کان پوء هن لاشاري قوم مان شادي ڪئي ۽ سندس اولاد شيخ موسي ا رح جي عقيدت مندي هيٺ شيخ سڏائڻ لڳا. هن وقت شيخ موسي ا جي پوئلڳن مان صرف ٻه ڀيڻون اچي رهيون آهن. جي هن درگاھ آمدني جو حقي وارث آهن.
شيخ موسي ا تي هر سال لکاني واري مهيني ۾ پهرين سومر کان ٽي ڏينهن ميلو لڳندو آهي.
شاھ عنايت رضوي :
نصرپور جو سادات شاہ عنايت الله رضوي به شيخ موسي ا رح جي قبرستان ۾ مدفون آهي. شاھ عنايت رضوي جا پوئلڳ شاهپوٽا سڏائين ٿا. هن وقت سجاده نشين مخدوم سيد ڀورل شاھ هڪ با اثر زميندار آهي.
دوستو!
هي ان مضمون جو تت آهي جيڪو سائين محمد اسلم آرائين صاحب جن اخبار تعليم ۾ لکيو. هن مضمون جي سمورين ڳالهين سان متفق هجڻ ضروري ڪونهي. پر تحقيق جو بنيادي پٿر ضرور آهي. اسان تاريخ ۽ تحقيق دلچسپي رکندڙ دوست تحقيق ڪن هن جيئن مقامي قديمي ماڳ بابت تاريخي حقيقتون سامهون آڻي سگهجن.