• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پر ٻڌڙي ڳالهه، پرخطر نتيجا

جاويد احمد سومرو

سينيئر رڪن
الله تعاليٰ انسان کي عقل، شعور ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت عطا ڪئي آهي ته جيئن هو هر ڳالهه کي سمجهي، پرکي، ۽ پوءِ فيصلو ڪري. اها صلاحيت ئي انسان کي ٻين مخلوقن کان ممتاز بڻائي ٿي. پر افسوس، ڪيترائي ماڻهو “پر ٻڌڙا” بڻجي وڃن ٿا، يعني ڪنهن ڳالهه جو صرف هڪ پاسو ٻڌي، بغير جاچ ۽ تصديق جي، پنهنجو فيصلو ڪري ڇڏين ٿا. اهڙو رويو نه صرف ٻين لاءِ نقصانڪار هوندو آهي پر خود ان ماڻهو لاءِ به نقصان جو سبب بڻجي ٿو جيڪو بغير سوچ ۽ پرک جي هڪ طرفو فيصلو ڪري ٿو.
دينِ اسلام ۽ انساني اخلاق ٻنهي ۾ اها ڳالهه واضع طور بيان ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به معاملي ۾ فيصلو ڪرڻ کان اڳ ٻنهي ڌرين کي ٻڌڻ لازمي آهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ ارشاد فرمائي ٿو:
"اي مؤمنو! جيڪڏهن ڪو فاسق ماڻهو اوهان وٽ ڪا خبر آڻي، ته تصديق ڪريو."
(سوره الحجرات: 6)
هي آيت انسان کي سيکاري ٿي ته هر ڳالهه تي بنا ثبوت ۽ جاچ جي يقين نه ڪيو وڃي، ڇو⁠ته بنا تصديق جي فيصلا ڪرڻ ناانصافي ۽ غلط فهميءَ جو سبب بڻجي ٿو.
زندگيءَ جي هر شعبي ۾ انصاف، سچائي ۽ غيرجانبداري بنيادي اصول آهن. هڪ باشعور ماڻهوءَ کي گهرجي ته ڪنهن به ڳالهه تي فيصلو ڪرڻ کان اڳ مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري، ٻنهي ڌرين جي ڳالهه ٻڌي، ۽ پوءِ عقل، دليل ۽ انصاف سان نتيجو ڪڍي.
اسان جي سرڪاري ادارن، آفيسن ۽ تنظيمن ۾ به اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪجهه ماڻهو بنا جاچ ۽ بغير ٻنهي ڌرين کي ٻڌڻ جي صرف هڪ پاسو ٻڌي فيصلا ڪري ڇڏين ٿا. نتيجي ۾ حق تلفي ٿئي ٿي، بيگناهه ماڻهو سزا ڀوڳين ٿا ۽ ڪوڙا بچي وڃن ٿا. اهڙو عمل نه صرف ناانصافي آهي پر پنهنجي عهدي، تنظيم ۽ شخصيت جي ساک ۽ اعتماد کي به نقصان رسائين ٿا.
هڪ پاسو ٻڌندڙ ماڻهو اڪثر ڪري غلط نتيجا ڪڍي ويهندا آهن، ڇو⁠ته هو حقيقت جي هڪ رخ کي ڏسي، ٻئي رخ کي نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا. اهڙي روش سان نه رڳو انصاف جي ڀڃڪڙي ٿيندي آهي پر ڪيترن ماڻهن جا جذبات، حق ۽ عزت به مجروح ٿيندي آهي.
مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن دوست اوهان کي ٻڌايو ته فلاڻو ماڻهو توهان جي خلاف ڳالهائي رهيو آهي، ۽ اوهان بغير تصديق جي ان سان ناراض ٿي وڃو، پوءِ جڏهن حقيقت سامهون اچي ته اها ڳالهه سراسر غلط هئي، تڏهن افسوس به ڪو فائدو نه ڏئي سگهي ٿو. اهڙي فيصلي سان نه صرف هڪ سٺو تعلق ختم ٿي وڃي ٿو، پر ماڻهن ۾ بي اعتمادي، نفرت ۽ غلط فهمي به وڌي وڃي ٿي.
فيصلو ڪرڻ هڪ وڏي ذميواري آهي، ڇو⁠ته هڪ غلط فيصلو ڪنهن جي زندگي، عزت يا حق تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو. جيئن عدالت ۾ جج ٻنهي ڌرين کي ٻڌي پوءِ فيصلو ڪري ٿو، تيئن عام زندگيءَ ۾ به هر معاملي کي ٻنهي پاسن کان ڏسڻ لازمي آهي.
انساني فطرت آهي ته هر ماڻهو پنهنجي ڳالهه کي صحيح ۽ ٻين کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر دانشمندي اها آهي ته ٻڌندڙ ماڻهو ٻنهي پاسن جي ڳالهه ٻڌي، جاچ ڪري، ۽ پوءِ غيرجانبدار ٿي فيصلو ڪري. جيڪو ماڻهو صرف هڪ پاسو ٻڌي نتيجو ڪڍي ٿو، اهو حقيقت تائين ڪڏهن به نٿو پهچي. اهڙو ماڻهو پنهنجي محدود ڄاڻ ۽ اڳواٽ خيالن ۾ ڦاٿل رهندو آهي، ۽ نتيجي ۾ انصاف بدران ناانصافي ڪري ويهندو آهي.
گهرن ۾ به جڏهن والدين هڪ ٻار جي ڳالهه ٻڌي ٻئي کي ڏوهاري سمجهن ٿا، ته محبت ۽ ڀروسو ختم ٿي وڃي ٿو. اهڙن عملن سان رشتن ۾ نفرت، شڪ ۽ فاصلا پيدا ٿين ٿا، ۽ معاشرو بي اعتماديءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو.
اصل دانشمندي اها آهي ته انسان ڪنهن به ڳالهه تي فيصلي کان اڳ ٻنهي ڌرين کي ٻڌي، تصديق ڪري، ۽ پوءِ عقل ۽ انصاف سان نتيجو ڪڍي. جيڪو ماڻهو هڪ پاسي ٻڌي فيصلا ڪري ٿو، اهو نه صرف ٻين کي نقصان ڏئي ٿو پر پنهنجي عزت، اعتبار ۽ ساک به وڃائي ويهي ٿو.
سچ هميشه ٻنهي پاسن ۾ لڪل هوندو آهي، ۽ جيڪو ماڻهو صرف هڪ پاسو ٻڌي ٿو، اهو اڌ سچ تي يقين ڪري ٿو ــ ۽ اڌ سچ اصل ۾ ڪوڙو ئي هوندو آهي.
ان ڪري، هميشه ياد رکڻ گهرجي ته سچ، انصاف ۽ امن اُن وقت قائم ٿين ٿا جڏهن انسان غيرجانبداريءَ سان ٻنهي ڌرين جي ڳالهه ٻڌي، ۽ فيصلو عقل ۽ ايمان سان ڪري.
 
Back
Top