• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تحرير

تحرير

اداسيون ۽ رولاڪيون

شاعر مرڪندڙ جونھر لال ايس پڙھيار

ڪڏھن ڪڏھن اھو سوچي اداس ٿي ويندو آھيان, ته منھنجي جھرندڙ جيون ۾ اداسيون ۽ رولاڪيون ڇو لکيل آھن.
ڪنھن جي درد کي پنھنجو درد ڇو محسوس ڪندو آھيان، ھرڪا چمڪندڙ شيءِ سون ڇو لڳندي آهي.
مون ھن حساس دل رکندڙ انسان تي ھرڪو چڙ ٽوڪ مذاق ڇو ٿو ڪري..
ڪڏھن ڪڏھن اھو سوچي اداس ٿي ويندو آھيان ، جن سان مان محبت ڪيان ٿو ، اھي مونکي پرکي نه ٿا سگهن ۽ جيڪي مونسان محبت ڪن ٿا، انھن کي مان پرکي نہ ٿو سگھان.
ڪڏھن ڪڏھن اھو سوچي اداس ٿي ويندو آھيان ته منھنجي ھن جيون ۾ رڳو رولاڪيون ڇو آھن، مونکي سڀ سمجھ ھوندي ڀي نا سمجهه ڇو آھيان.
ڪڏھن ڪڏھن اھو سوچي اداس ٿي ويندو آهيان ته ڪي اهڙا به دوست آهن جيڪي منھنجي عمر نه بلڪه منھنجو قد ۽ صورت ڏسي منھنجي کل ڀوڳ ڪندا آهن ، ته اھو مونکان برداشت ڇو نه ٿو ٿئي،.
ڪي دوست جيڪي مونکي غلط سمجهي سڌي راھ تي ھلڻ جو مشورو ڏيندا آهن، ته ڪي دوست مونسان اجايو بحث مباحثو ڪندا آھن.
ڪڏھن ڪڏھن اھو سوچي اداس ٿي ويندو آهيان، اھي ماڻھو جيڪي زندگيءَ جي جھروڪي ۾ دل جي ڪٽهڙي ۾ قيد ٿين ٿا اھي منھن مکا ڇو نه ٿا ٿين،
ڇا مون ۾ ڪو عيب آهي، يا مان رشتن ناتن رسمن رواجن کي وساري انھن سان نينهن جو ناتو اڙائي ويٺو آھيان.
بس آخر ۾ مان پنهنجو پاڻ کي سچل جي انھن جيان محسوس ڪندو آھيان ته

مان جو ئي آھيان سو ئي آهيان
 
Back
Top