• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حاجي گل محمد عرف گلڻ فقير لغاري

Abdul aziz laghari

سينيئر رڪن

AVvXsEiqQOIaAmB3A17aZy33O0nT_7Py5RW_VZ-19oBfj1WLnZkALahGtPG5AQIzPuSDYWsDJIT3f8LojVcnDEn8G0zCVeMxscPxgQi6aiMd194Cepkxl1Jzz2NpZxnyKcBXDmT6Ol_0XW8otoloB2y0D87xePpeWzy-zStc9tPw4vAPqidYR7VV_5gRRigZY6WT
حاجي گل محمد عرف گلڻ فقير لغاري ڳوٺ مولوي خير محمد لغاري تعلقه سانگهڙ ۾ 1919ع تي مولوي عيسيٰ لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو. سندن تعليم ڪيتري هئي اُن بابت معلوم نه ٿي سگهيو آھي.
سال 1945ع ۾ پاڻ محمد يعقوب لغاري سان گڏجي حضرت خواجه محڪم الدين سيلاني رحه جي درگاه جي فيض يافته بزرگ حضرت ميان محمد بخش عرف فقير الله والا اويسي جو طالب ٿيو.پاڻ ڪافي سال پنهنجي مرشد سان سفر وحضر ۾ گَڏ رهيا ۽ فيض پاتائون. ياد رهي ته ميان محمد بخش عرف فقير الله والا اويسي جي درگاه تعلقي علي پور ضلع مظفر ڳڙھ ۾ مرجع خلائق آھي. پاڻ 150 سالن جي عمر ۾ 1991ع تي وصال ڪيائون هر سال 3شعبان المعظم تي سندس عرس پاڪ ملهايو ويندو آھي.



حاجي گل محمد عرف گلڻ فقير لغاري ڪافي عرصو کپري واري سيٺ حاجي عطامحمد لغاري جون بسون پڻ هلايون .مگر پوءَ ڊرائيونگ ڪرڻ ڇڏي ڏنائين.
پاڻ شريعت جا پابند ۽ تهجد گُذار بزرگ هئا. سال 1964ع ۾ فقير صاحب کي حج جي سعادت نصيب ٿي . مديني شريف ۾ روضئه اطهر تي سندس ملاقات سرائڪي ٻولي جي مشھور شاعر ۽ بزرگ حضرت فقير بخت علي اويسي سان ٿي.پاڻ فرمائيندا هئا ته مون ڏٺو ته حضرت فقير بخت علي اويسي روضئه اطهر تي ٻُھاري ڏيئي رهيو هو.۽ مون ويجهو وڃي کيس چيو ته (او بختا! ڪهين بي بختي ڪون وي ٻُھاري ڪڍڻ دا وارا ڏيو.)ايئن چوڻ سان يڪدم فقير بخت علي اويسي ٻُھاري منهنجي هٿ ۾ ڏني اهڙي طرح فقير صاحب کي پڻ روضئه اطهر تي ٻُھاري ڏيڻ جو شرف حاصل ٿيو.



فقير صاحب جي دوستي منهنجي ناني نور محمد لغاري سان هئي .منهنجو نانو پنهنجي وقت جو سٺو حڪيم هو .پاڻ اڪثر منهنجي ناني وٽ ايندا رهندا هئا.منهنجي ناني نور محمد لغاري جي فو ت ٿيڻ بعد منهنجي مامي صابر حسين لغاري وٽ پاڻ ايندا رهندا هئا. پاڻ اڪثر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي هي ڪافي ڳائيندا هئا .(مولا مدينو ڏيکار پوء ڀلي مار لهن اوجاگا اکڙين جا )يا حضرت سوڀي فقير لغاري رح جي هي ڪافي ڳائيندا هئا (هيڪر ڏسان پنهنجو يار اڳ نه مار -ملڪ الموت مُٺي کي)
سال 2001 ۾ منهنجو مامو صابر حسين لغاري گذاري ويو .ان کان بعد سال2004ع تي آخري دفعو اسان جي ڳوٺ حاجي احمد خان لغاري ۾ آيا. ۽ خوب ڪچهري ٿي اُن وقت مون وٽ “برڪات الصلواة“ڪتاب جيڪو فقير محمد اسماعيل ٽٺوي رح جو لکيل هو ۽ قاضي عبدالقدوس راڄڙ في سبيل الله ڇپائي پڌرو ڪيو ان ڪتاب جي هڪ ڪاپي فقير صاحب کي تحفي ۾ ڏنم پاڻ ڏاڍو خوش ٿيا.اُن کان پوء ضعيف العمر هئڻ ڪري فقير صاحب وري اسانجي ڳوٺ نه آيا.بهر حال جيستائين هلڻ ڦرڻ جهڙا هئا اسان جي وڏڙن جو ڀيرو نه ڀڃيائين.
سندن دوست ۽ احباب جو حلقو به تمام وسيع هو جن مان ڪجھ جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
قاضي شير محمد راڄڙ
قاضي غلام حيدر راڄڙ
ميان عزيزالله ڪيريو
ميان منٺار ڪيريو
قاضي فيض محمد راڄڙ
قاضي عبدالقدوس راڄڙ
فيض محمد سڪندري
نور محمد لغاري
مٺل فقير لغاري
محمد قاسم حجام
جانب وساڻ
حڪيم خان محمد سومرو
صابر حسين لغاري
داد محمد لغاري
حاجي عنايت الله زنگيجو
فقير امير بخش ڪوه سليمان
فقير خالد محمود لاهور.
سيٺ عطا محمد لغاري
ڊاڪٽر احمد خان
احمداڻي



سندس همعصر بزرگ شخصيتون:
ميان ڪمال فقير اويسي
محمد دائود فقير شر غفاري
اله بخش عرف سهڻا سائين غفاري
سيد غلام نبي شاه
مولوي عبدالهادي شر
مولوي عبدالقادر لغاري
سيد پير محمد شاه
حاجي جيوڻ فقير لغاري
فقير بخت علي اويسي
سال 1992ع ۾ سندس پٽ خادم حسين لغاري ديھ ڍورو جانب تعلقه سانگهڙ ۾ زمين خريد ڪئي جنهن ۾ فقير صاحب پنهنجي نالي تي ڳوٺ ٻَڌو .ان کان سواء اڳتي هلي پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول پڻ منظور ڪرايائين.
سندس وفات کان هڪ مهينو پهريان راقم الحروف سندس ڳوٺ حاضري لاء ويو .ڇا وڃي ڏسان ته فقير صاحب سندي اوطاق ۾ کَٽ تي ستل هو رڳو هڏڙيون بچيل هيون. حال احوال ڪيائون سڀني گهر ڀاتين جو پڇيائون ڏاڍو خوش ٿيا.
پاڻ9نومبر 2012ع تي جمع جي نماز پڙھي تسبي جو ورد ڪندي وڃي مالڪ حقيقي سان مليا. حضرت قادر بخش بيدل رح چواڻي ته:
مرڻو اڳي جي مرين-باقي رهي ذات
هردم حيات- مرد نه مرن ڪڏھين.



کيس چار پُٽن جو اولاد ٿيو .امير بخش -عبدالقيوم-خادم حسين۽ آدم حسين.سندن وڏو فرزند فوت ٿي چُڪو آھي .باقي سندس ٽي پُٽ حال حيات آھن.سندس پٽن مان آدم فقير فقيري طبيعت جو مالڪ آھي ۽ سٺو مولودي پڻ آهي ۽ پنهنجي والد صاحب جي جاء تي پنهنجي مرشد پاڪ جي حاضري ڀريندڙ آھي.




 
آخري ترميم:
Back
Top