فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
نور احمد جنجهي جو ڪتاب "ٿري لوڪ گيتن جو سماجياتي اڀياس" تي هڪ نظر ....!
فقير محمد سنڌي
لوڪ گيت ڪنهن بہ خطي جي ثقافتي يادگيرين، اجتماعي شعور ۽ زندگيءَ جي سچائيءَ جو بهترين اظهار آهن. ٿر جيڪو ڏڪار، ڏک ۽ محنت جي ڌرتي آهي اتي لوڪ گيت ماڻهن جي زندگيءَ جو ساٿ آهن. انهن گيتن ۾ ڪڏهن برسات جي اميد، ڪڏهن محبت ۽ عشق، ڪڏهن جدائي ۽ ڏک، تہ ڪڏهن سماجي اتحاد ۽ گڏيل جشن جو عڪس ملي ٿو.
هن مضمون ۾ ٿر جي مشهور لوڪ گيتن جو عالمانہ جائزو پيش ڪجي ٿو جيئن انهن جي موضوعاتي اهميت نروار ٿئي.مينهن ۽ فطرت سان لاڳاپيل گيت پنهنجي رڌم ۾ اميد، سوز ۽ جياپي لاءِ هڪ ئي نواڻ جو رستو ڳولين ٿا.
بادلو: بادل لاءِ اميد ۽ دعا، ڏڪار ۾ زندگيءَ جي اُميد.
ورسارو: مينهن جي خوشحاليءَ جي علامت.
سانوڻ ٽيج: سانوڻ جي برساتي مهيني سان ڳنڍيل جشن ۽ خوشيءَ جو گيت.
ڪونجل: فطرت، حسن ۽ آزاديءَ جي علامت.
موريو: مور جي حسن ۽ فطرتي جماليات جو اظهار.
ڇيل ڀمريو ۽ پئاگ: ڦلن ۽ ڀمريءَ جي دنيا ۾ فطرتي جماليات ۽ موسيقيءَ جو عڪس.
اهي گيت ٿر ۾ قدرتي حالتن سان ماڻهن جي سڌي لاڳاپي کي ظاهر ڪن ٿا. ڏڪار ۾ مينهن لاءِ دعائون ۽ ساڳي طرح مينهن ۾ جشن، زندگيءَ جي فطري تسلسل کي زنده رکندا آهن.سماجي اتحاد ۽ گڏيل زندگيءَ جا گيت نمايان رهندا آهن.
ڀئيئو،ڀائرن جي محبت ۽ گڏيل سهڪار جو گيت.
همرچو، دوستي ۽ گڏيل جشن جو اظهار.نئون همرچو، ساڳي موضوع جو نئون روپ، لوڪ ادب جي ارتقا جو ثبوت.چئو ماسو، نياز ۽ مذهبي رسمن ۾ ڳايل گيت.وڻجارو، واپار ۽ سفرن سان لاڳاپيل، سماجي ۽ معاشي لاڳاپن جو عڪس. اهي گيت سماجي ادارن (خانداني نظام، دوستي، مذهبي رسمن ۽ واپار) کي مضبوط ڪن ٿا ۽ گڏيل زندگيءَ ۾ محبت ۽ سهڪار کي اجاگر ڪن ٿا.ڏک، ڏڪار ۽ جدوجهد جا گيت آهن.
ڏهرڪو: ڏڪار ۽ ڏکن جي عڪاسي.بادلو ، ڏڪار ۾ خاص اهميت سان، دعا ۽ اميد.پڻهياري ۽ پاڻي ڀرڻ واري محنت ۽ عورتن جي جدوجهد کي ظاهر ڪري ٿو. هينڊامڻي، چوپائي مال ۽ زندگيءَ جي جدوجهد. اهي گيت ٿري ماڻهن جي محنت، ڏک ۽ ڏڪار سان جهيڙڻ جي نفسياتي قوت وڌائين ٿا. خاص ڪري عورتن جي ڪردار کي نمايان ڪن ٿا، جيڪي پاڻي ڀرڻ ۽ مال جي سار سنڀال ذريعي زندگيءَ کي زندھ رکڻ ۾ اهم آهن.
عشق ۽ جذباتي گيت. للرياڙي لو، عشق ۽ حسن جي ساراھ.مومل، سنڌ جي ڪلاسڪ عشق ڪهاڻي، مومل جي محبت.راڻو، مومل راڻو ڪهاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار، عشق ۽ بهادريءَ جي علامت طور تي موجود آهن. هچڪي، يادگيرين ۽ محبت جي شدت جو اظهار.ولارو،جدائي ۽ الوداع جو درد.خيالي گومند ،تصوراتي دنيا ۽ خوابن جي دنيا ۾ عشق ۽ خواهشن جو اظهار.عشق وارا گيت انساني جذبات، حسن جي ساراھ ۽ محبت جي وابستگيءَ کي زنده ڪن ٿا. مومل راڻو جهڙا قصا سنڌي تهذيب جي ڪلاسيڪل ورثي کي زندھ رکڻ جو ذريعو آهن.
بهادري ۽ اخلاقي قدرن جا گيت جوڌيو، بهادري ۽ مزاحمت جو گيت، ماڻهن کي همٿ ڏيڻ لاءِ.سونپجيرو، تحفن ۽ خانداني رشتي ناتن جي محبت.مڻيهارو، زيورن ۽ هنر جي ساراھ، عورتن جي زيبائش ۽ فنڪارن جي حيثيت.اهي گيت سماج ۾ اخلاقي قدر بهادري، سخاوت، محبت، هنر کي اجاگر ڪن ٿا. نسلن ۾ بهادري ۽ قربانيءَ جي روايت کي زنده ڪن ٿا.
ٻالڪپڻ ۽ جشن جا گيت:
جھونٻڪيو، ٻارن جي معصوم دنيا ۽ راندين جو اظهار.ٽُڙڙڙ ٽُڙڙڙ، جشن، موسيقي ۽ رقص ۾ ڳايل گيت. اهي گيت سماجي خوشين ۽ ٻارن جي دنيا کي نمايان ڪن ٿا جيڪي انساني زندگيءَ جي فطري ۽ سادي خوشين کي زندھ رکندا آهن مجموعي تجزيو ليکڪ جو اهو ئي رهيو آهي. ٿر جا لوڪ گيت موضوعاتي طور اهميت رکن ٿا. هي ڪتاب ٿر جي سماجيات ۽ ثقافتي ورثي کي لوڪ گيتن جي آئيني ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نور احمد جنجهي ٿرپارڪر ضلعي جي سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي پس منظر کان وٺي انساني تهذيبي بقا تائين هڪ رستو ٺاهيو آهي. ڪتاب جا باب ترتيب سان پڙهندڙ کي ٿر جي ماحول، معاشرت، روايتن ۽ گيتن جي دنيا ۾ وٺي وڃن ٿا.نور احمد جنجهي، ٿر جي تاريخي ۽ جاگرافيائي حيثيت بيان ڪئي آهي. ٿر پارڪر، جيڪو سنڌ جي اوڀر ۾ رنڇوڏ، گجرات ۽ راجسٿان سان لڳي ٿو، ريگستاني پر ثقافتي طور مالا مال خطو آهي. راجپوت، ڪولي ، ڀيل، ساما، سميجا ۽ ٻين قبيلن جي زندگي هن خطي کي الڳ سڃاڻپ ڏئي ٿي. هتي جا ماڻهو سخت حالتن ۾ بہ محبت، موسيقي ۽ روايتن کي زندھ رکندا آيا آهن. نوراحمد جنجهي سماجيات کي هڪ علمي حوالي سان پيش ڪيو آهي. ٿر جو سماج صرف معاشي جدوجهد سان نہ پر گڏيل سماجي ادارن، رشتن، گڏيل غم ۽ خوشين سان جڙيل آهي. شاديون، ميلو، برساتي موسم، ٽيج ۽ ٻين تهوارن ۾ گيتن جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکن ٿا.هتي ٿري سماج جي بناوت تي بحث آهي جنهن ۾ ذات، برادري، ڀائيواري، ڌارمڪ روايتون ۽ عورتن جو مرڪزي ڪردار شامل رهي ٿو. ٿر جي عورت گيتن جي اصل تخليقڪار جو ذخيرو آهي. چرندڙ مال، پاڻي جا کوھ ۽ ڏڪار سان جهيڙڻ ۾ گيتن جي صورت ۾ ئي همت پيدا ڪئي ويندي آهي.
نور احمد جنجهي جي محنت هيٺين لوڪ گيتن کي پنهنجي اسلوب بيان ۾ نمايان ڪري پيش ڪيو آهي. دنيا جي خيالي پيچرن ڇڏي حقيقت بيان ڪئي اٿس.
ڪتاب ۾ ٿر جي 25 کان وڌيڪ مشهور لوڪ گيتن تي باريڪ بيني سان روشني وڌل آهي.ڪتاب جي اهميت، هن ڪتاب نہ رڳو لوڪ گيتن کي محفوظ ڪيو آهي پر ٿر جي سماجيات کي علمي انداز ۾ سمجهڻ لاءِ بہ هڪ بنيادي ماخذ بڻيل آهي . لوڪ ادب ۽ سماجيات جي سنگم تي بيٺل هي تحقيق پڙهندڙ کي اهو احساس ڏياريندي تہ لوڪ گيت ڪنهن علائقي جي تاريخي ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو اهم ذريعو آهن.تاريخي طور ٿر جا لوڪ گيت صديون پراڻا آهن. سنڌ جا شاهڪار قصا جهڙوڪ مومل راڻو، مارئي ۽ ٻيا بہ ٿر جي راڳ سان ڳنڍيل آهن. راجستان ۽ سنڌ جي سنگم واري علائقي ۾ اهي گيت هنڌ، سنڌ جي گڏيل تهذيب جا مثال آهن. جڏهن ڏڪار آيو، يا لڏي وڃڻيون ٿيون، تڏهن بہ گيت ساٿ ڏيندا رهيا.انهن گيتن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ ٿر جا ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي خوشي ۽ ڏکن کي موسيقيءَ ۾ بدلائي هميشہ جي لاءِ محفوظ ڪندا رهيا آهن.ٿري لوڪ گيتن جو سماجي اڀياس سنڌي ادب، سماجيات ۽ لوڪ ورثي لاءِ هڪ اهم تحقيقي ڪم آهي. هي ڪتاب نہ رڳو ٿر جي تاريخي سماج کي اجاگر ڪري ٿو پر مستقبل جي محققن لاءِ بہ رستو هموار ڪري ٿو. ٿري گيتن کي علمي طريقي سان گڏ ڪرڻ ۽ انهن جي سماجي اهميت بيان ڪرڻ سان مصنف هڪ وڏي ثقافتي خدمت سرانجام ڏني آهي. قدرتي حالتون، برسات، ڏڪار، فطرت.سماجي ادارا ،شاديون، ميلو، نياز، واپار.محبت ۽ عشق، ڪهاڻيون، جذبات، جدائي.محنت ۽ جدوجهد،پاڻي، مال، عورتن جو ڪردار.اخلاقي ۽ بهادريءَ جا قدر، بهادري، سخاوت، محبت.خوشي ۽ جشن، ٻالڪپڻ، موسيقي، رقص اهم آهي.
عالمانہ راءِ موجب، ٿري لوڪ گيت صرف موسيقي يا تفريح جو ذريعو نہ آهن پر سماجيات، نفسيات، تاريخ ۽ ثقافت جا زندھ دستاويز آهن. انهن ۾ انساني زندگيءَ جي هر رخ جي عڪاسي ملي ٿي.
ٿر جا لوڪ گيت انساني تهذيب جي بقا، گڏيل شعور ۽ ثقافتي سڃاڻپ لاءِ اهم آهن. اهي گيت صديون گذرڻ باوجود اڄ بہ ٿري ماڻهن کي ھمت، محبت، اتحاد ۽ حسن سان ڳنڍي رکن ٿا. لوڪ ادب جي هي صنف انساني زندگيءَ جي مڪمل تصوير پيش ڪري ٿي ۽ تحقيقي لحاظ کان هڪ وڏي ماڳ جي حيثيت رکي ٿي.