• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آصف رضا موريو : فڪري، تحقيقي ۽ ادبي شخصيت...…!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
آصف رضا موريو : فڪري، تحقيقي ۽ ادبي شخصيت...…!
فقير محمد سنڌي
هاڻ کڻو ساري خُدائي پئي اٿو،
مون کنيو آهي، فقط چنگ وَ رباب.
سنڌ جي فڪري ۽ ادبي منظرنامي ۾ جيڪي نالا تحقيق ۽ تنقيد جي حوالي سان چمڪيا آهن تن ۾ آصف رضا موريو جو نالو نمايان حيثيت رکي ٿو. آصف رضا جو جنم پهرين اپريل 1971ع تي تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ سومر خان موريو (ڪوٽ ڪالو مرزا) ۾ در محمد موريو جي ڪھول ۾ ٿيو. آصف رضا ننڍپڻ کان ئي پڙهائيءَ، مشاهدي ۽ علمي تجسس ڏانهن سندس رجحان نمايان رهيو.
آصف رضا موريو پنهنجي اعليٰ تعليم جو سفر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان مڪمل ڪيو جتي هن علم الانسان (Anthropology) ۾ ماسٽرز (M.A) ڪئي. شعبي هن کي نہ رڳو انسانن جي سماجي ۽ ثقافتي ارتقا سان آشنا ڪيو پر سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ کي نئين عالمي تناظر ۾ ڏسڻ جو ڏانءُ بہ ڏنو.
ارنالڊ ٽائنبي جو تاريخ بابت مشاهدو آهي، تہ
"تاريخ خدا جي تخليق جي هلچل جو نظارو آهي. " اهڙن نظارن ۾ آصف رضا موريو بنا رنڊڪ جي تاريخي ۽ تهذيبي طور نمايان نظر اچي ٿو.
آصف رضا هڪ ئي وقت ايڊيٽر، مورخ، محقق، مضمون نگار ۽ پبلشر جي حيثيت ۾ سڃاتو وڃي ٿو. لکڻين جو دائرو بہ اوترو وسيع اٿس جنھن جا مثال ڪجھ هن ريت بہ آهن. ڪيترائي مضمون ڏيھ ۽ پرڏيهي جرنلن ۾ ڇپيا.Jewel Time نالي بين الاقوامي انگريزي جريدي جو ايسوسيئيٽ رهيو.مختلف يونيورسٽين، ميڊيا چينلز ۽ اين جي اوز سان سڌي طرح ڳنڍيل رهيو ۽ اهم عهدن تي خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.
وليئم ڊيورنٽ جو تعليم بابت پرفيڪٽ خاڪو هن ريت آهي، تہ "تعليم تهذيب جي وراثت جي منتقلي آهي." آصف رضا موريو جي تحقيقاتي ۽ اشاعتي ڪردار تي اهو خاڪو سڌو سنئون زندگيءَ سان ڀرپور نموني لاڳو ٿئي ٿو.
آصف رضا موريو جي فڪري ۽ تحقيقي دلچسپيءَ جا موضوع گهڻ رخي آهن:
سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب،
آثار قديمہ ۽ سياحت،
علم الانسان ۽ انساني ارتقا،
ماحوليات ۽ ٻوٽن جي سار سنڀال،
پکي پالڻ ۽ حياتيات،
سماجي مسئلا ۽ عالمي صحت.
آصف رضا مٿين سڀني موضوعن تي سٺي دسترس رکي ٿو. مقامي تجربن ۽ عالمي تناظر کي گڏ کڻي هلڻ جو ڏانءُ ڪو هن کان سکي. آصف رضا جا سنڌي ڪتاب تاريخ جو اهم حصو آهن.
عظيم پرٿوي قديم سنڌ،
مورڙو ميربحر ۽ ڪلاچي جي شارڪ،
انساني ارتقا کان ويهين صديءَ تائين،
سنڌيا.
انگريزي زبان ۾ آصف رضا پاڻ موکيو آهي.
Larkano
The Pictorial Profile
Mohenjo Daro
Leading Land of Ancient Cultures
Ancient Sindh
AIDS:
International Health Emergency of the World
Moriro Fisherman and the Shark of Kalachi
Bhutto and International Media
هن ڪتاب ۾ درج ٿيل معلومات نرالي آهي. Mohenjo Daro, Mysterious city of Indus Valley Civilization
ايترا سارا ڪتاب ۽ هزارين ڪالم ۽ مقالا سندس علمي وسعت، تاريخي ورثي ۽ تخليقي شعور جو آئينو آهن. سماجي زندگيءَ ۾ طبيعتن هر فن مولا آهي.دوستيءَ ۾ سچائي، نڀاءُ ۽ اعتماد کي بنيادي حيثيت ڏئي ٿو سندس تنقيد جو انداز علمي ۽ سماجي ٻنهي رخن سان لاڳاپيل آهي.انگريزي، اردو ۽ سنڌي ادب ۾ جداگانا حيثيت رکي ٿو.
آلبيرٽ آئن اسٽائن ڄڻ آصف رضا لاءِ چيو آهي :
"علم جو حقيقي سرچشمو تجربو آهي."
آصف رضا موريو جي زندگي ۽ تحقيق مشاهدي ۽ عملي اظهار جو نتيجو آهي. ڇو جو تحقيقي تجربا حقيقي بنيادن تي بيٺل آهن. جيڪا مون کي ذاتي طور تي ان جو علم آهي.
علامہ آءِ. آءِ. قاضي جو روح بہ تڙپي اٿيو آهي تڏهن تہ چيائين :
"سنڌ جي تاريخ رڳو حڪمرانن جي تاريخ نہ آهي پر اها ان جي ثقافت، ماڻهن ۽ روح جي تاريخ بہ آهي."
آصف رضا موريو جي تحقيقاتي ڪم مان صاف ظاهر آهي تہ هو سنڌ جي ماڻهن، تهذيب ۽ سماجي روح کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيو آهي.
ساڳئي طرح شيخ اياز چيو:
"عشق، علم ۽ آزادي، زندگيءَ جي ٽن لاڙن کان سواءِ نامڪمل آهي.” آصف رضا موريو جي فڪري جستجو، علمي ڪردار ۽ سماجي خدمتون تاريخ ۾ پنهنجو حسن رکن ٿيون.
موريو ذات سنڌ جي قديم ۽ فطرت دوست برادرين مان هڪ آهي جيڪا اڄ بہ سنڌ جي مرڪزي ضلعن جهڙوڪ ميرپورخاص، ٽنڊي الهيار، بدين، ٿرپارڪر ۽ لاڙڪاڻي ۾ وڏي تعداد ۾ آباد آهن.
موريو لفظ جي جڙ سنڌي لفظ “مور” سان جڙيل آهي جنهن جي معنيٰ آهي پکي يا مور جيڪو حسن، رنگ، ۽ فطرت جي جاذبيت جو استعارو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو موريا برادريءَ جي ماڻهن ۾ جمال پرستي، فطرت سان لڳاءُ ۽ فن سان عشق قدرتي طور ملي ٿو.
اهي رڳو آبادگار ۽ مال پالڻ وارا نہ پر فطرت جا محافظ ۽ ماحول جا دوست پڻ رهيا آهن.
انهن جي زندگيءَ جو وڏو حصو ڌرتي، پاڻي، پکين ۽ فطرتي حسن جي سنڀال ۾ گذريو آهي.
موريو برادري سنڌ جي سماج ۾ امن، سادگي ۽ تخليق جي علامت طور سڃاتي وڃي ٿي.
اهي ماڻهو فطرتي ذوق، سنگيت، رنگ ۽ فن سان گهري دلچسپي رکن ٿا.
آصف رضا موريو جديد سنڌ جو اهو حساس ۽ فطرت دوست نالو آهي جنهن پنهنجي زندگيءَ کي پکي پکڻ، جيوت، ماحولياتي حسن، آرٽ ۽ آرڪائيوز جي بهتري لاءِ وقف ڪيو آهي.
هو سنڌ جي ڍنڍن، ٿر جي ريگستان ۽ ميدانن ۾ فطرت کي محسوس ڪري ٿو.
پکي، وڻ، پاڻي ۽ آسمان سڀ سندس اکين ۾ هڪ تصويري ڪائنات بڻجي وڃن ٿا. فوٽوگرافي ۾ فطرت کي نہ رڳو ڏٺو وڃي ٿو پر ان سان ڳالهائڻ جو احساس بہ پيدا ٿئي ٿو.
آصف رضا موريو آرٽ ۽ آرڪائيوز جي شعبي ۾ سنڌ لاءِ اهم ڪم ڪيو آهي.
سندس سوچ ۾ هڪ عجيب علمي، جمالياتي ۽ صوفيانہ توازن آهي۔
هو فطرت کي “ڪتابِ وجود” جيان پڙهي ٿو جتي هر پتي، هر پکي، ۽ هر ڇانوَ خدا جي جمال جو جلوو سمجهي ٿو.
موريو ذات سنڌ جي فطرت دوست ۽ فنڪار نسلن مان هڪ آهي جيڪا ماحول، حسن ۽ انسانيت جي احترام کي پنهنجي روايت بڻائي ويٺي آهي.
آصف رضا موريو انهيءَ روايت جو جديد علمبردار آهي جنهن سنڌ جي حسن کي تصويرن، آرٽ ۽ فڪر جي صورت ۾ امر ڪري ڇڏيو آهي.
آصف رضا موريو سنڌ جي اُنهن فڪر مند شخصيتن مان آهي جيڪي مقامي ۽ عالمي فڪر کي گڏائي هڪ اهڙو فڪري نقشو جوڙيو آهي جيڪو مستقبل جي نسلن لاءِ سرمايو آهي. زندگي علم، تحقيق، ثقافت ۽ سماج سان سلهاڙيل هڪ جامع داستان آهي. هن جو ڪم نہ رڳو سنڌ پر پوري دنيا لاءِ انساني تهذيب ۽ تاريخ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. تڏهن تہ حافظ شيرازي جو روح گرمائجي ويو ۽ چئي ڏنائين. "سونهن فقط محبوب جي چال ۽ هلڻ، چلڻ ۽ رفتار ۾ نہ آهي ڪيتريون ئي ادائون آهن، محبوبن جون جن جو اڃا تائين نالو بہ نہ رکيو ويو آهي". آصف رضا موريو جي قلم مان ڪيترائي مضمون رهيل آهن جن جو وجود اڃان اچڻو آهي.
لطيف سرڪار جا ڪيترائي بيت يا بيت جا ٻہ پد مستقل مزاجي ۽ حوصلي لاءِ ڪافي آهن.
ماڻڪ مٽ سندوم اونداھيءَ ۾ سوجهرو!
يا
پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ.
قومي ۽ بين الاقوامي مڃتا ايوارڊ :
آصف رضا موريو جي تحقيقي ۽ ادبي خدمتن کي نہ صرف سنڌ، پاڪستان نہ پر عالمي سطح تي بہ مڃتا ملي آهي. کيس ڪيترن ئي ادبي ۽ تحقيقي ادارن، فورمن ۽ ميڊيا پليٽ فارم طرفان اعزازن سان نوازيو ويو.اهم ايوارڊ ۽ مڃتا:ايمي پين ايوارڊ، رائيٽرز گلڊ ايوارڊ،مانڃياچي ٽائيمز ايوارڊ،نيشنل جيوگرافڪ چينل طرفان بهترين تحقيقڪار طور ايوارڊ،رينائسنس گيلريز ايوارڊ،گلوبل انويسٽيگيٽو جرنلزم نيٽورڪ ايوارڊ ۽ ٽوماروز هوپ ايوارڊ،اهي ايوارڊ سندس بين الاقوامي سطح تي علمي ۽ تحقيقي حيثيت کي اجاگر ڪن ٿا. آخر ۾ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون :
هاڻ آئون بہ تون، لٿو مون تان مامرو،
تون ئي پنهنجي پنڌ ۾،آهين هوت پنھون ،
تون ئي پير پٿون ،تون ئي ڏونگر ڏورئين.
 
Back
Top