فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
دنيا ڪردار ۽ پاڪيزگيءَ کي اهميت ڏئي ٿي ...!
اعجاز سولنگي
زندگيءَ جو شروعاتي مرحلو...؟
اعجاز :منھنجو ڇٺيءَ جو نالو اعجاز علي ۽ ذات سولنگي آهي. پر ادبي حلقن ۾ اعجاز سولنگيءَ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃان ٿو، جو ادبي دنيا ۾ ٽن اسمن واري نالي جو ڪو رواج مروج ناهي. نہ تہ آنءُ پنھنجي ڪُڙم پاران ڏنل نالي اعجاز عليءَ مان علي سائينءَ جو نالو حذف ڪرڻ جي انتھائي خلاف آهيان ۽ فقھي حوالي سان اثناء عشري شيعہ هجڻ ڪري مولا علي عليه السلام کي نہ رُڳو پنھنجي ايمان جو ئي، پر نالي جو پڻ اٽوٽ انگ سمجهندي، جڏهن بہ پنھنجو تعارف پاڻ ڪرائڻ جو موقعو ملندو آهي تہ اعجاز علي سولنگيءَ سان ئي تعارف ڪرائيندو آهيان. جيئن شروعات ۾ مرقوم ڪيو اٿم. پر جيئن تہ اسان جي ادبي دنيا جي دوستن جو گهڻو تڻو تعلق دهريت، سيڪيولرزم، ڪميونزم توڙي کاٻي ڌُر سان هجڻ ڪري، اسلامي نالن توڙي ثقافت سان خدا واسطي جو وير هوندي ٻِہ اسمي نالي اعجاز سولنگيءَ طور ئي مشھور و معروف آهيان.
منھنجي جنم جي تاريخ سرڪاري رڪارڊ موجب 07 فيبروري 1970 آهي، پر اصل پيدائش سال سوا سال کنُ اڳ جي آهي. پرائمري تعليم جي شروعات 1976ع ۾ گ. ب. پ. اسڪول علي گوهر آباد لاڙڪاڻو ۾ داخل ٿي، سال 1981ع ۾ پنجون درجو پاس ڪري، ڇھين کان نائين تائين سيڪنڊري هاءِ اسڪول ديني مدرسي ۾ ۽ ڏهون يعني ميٽرڪ جو امتحان وري ڪِنِ اڻ ٽر سببن جي ڪري باقراڻي هاءِ اسڪول، تنھن وقت جي تعلقي ڏوڪريءَ مان، سال 1987ع ۾ پاس ڪيو ۽ انٽر 1989ع ۾ ۽ بي. ڪام 1993ع ۾ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس آئوٽ ڪيم. تنھن کان پوءِ ايم. اي اڪنامڪس سال1995ع ۾ ۽ ايم. اي سنڌي وري شاھ لطيف يونيورسٽي آف خير پور مان سال 1998ع ۾ پاس ڪئي. فرسٽ ايئر جي هلندڙ امتحانن دوران، ان وقت جي مروج قانون مطابق مئٽرڪ پاس جي بڻياد تي 01 جون 1988ع ۾ ماسڪ اسڪول ٽيچر (MST بعد ۾ PST) جي نوڪري ملي، جيڪا حال هيڊ ماستر گ. ب. پ. اسڪول علي گوهر آباد ۾ هلندڙ آهي. نوڪريءَ دوران اڪيڊمڪ تعليم جي پورائي لاءِB. Ed:1994, CT:1992, PTC:1990 ۽ 1998ع۾ M, Ed پڻ ڪئي. ميٽرڪ پڙهڻ دوران فلمون ۽ ٽي. وي ڊرامن جي ڏسڻ سان ڪھاڻيون لکڻ جو شوق پيدا ٿيو، جيڪو وهندي ئي نوڪري ملڻ شرط پنھنجي پيرن تي بيھڻ سبب پُختو ۽ پڪو ٿيندو ويو. 1989ع ۾ لطيف آرٽ ڪلب سان وابستگي جُڙي تہ انهن دوستن منھنجو پھريون پاڻ هُڙتو لکيل مزاحيہ منڊلي ناٽڪ "ڊاڪٽر ملڪ الموت " پلي ڪيو. جيڪو نہ رُڳو عوامي طور بيحد پسند ڪيو ويو، پر تنھن وقت جي فنڪار لڏي ۾ پڻ مقبول ۽ پسند ڪيو ويو ۽ ائين منھنجو شمار لاڙڪاڻي جي سنڌي ڊرامي نويسن جي فھرست ۾ پنھنجي الڳ ٿلڳ سڃاڻپ بڻجندو ويو ۽ پوءِ هڪ جي پٺيان ٻيون، ٻئين جي پٺيان ٽيون، ٽئين پٺيان چوٿون ۽ چوٿين پٺيان پنجون، ائين ڪندي ڪندي هن وقت تائين 20 کنُ سنڌي منڊلي ناٽڪ لکي چڪو آهيان. جن جا نالا ڊاڪٽر ملڪ الۡموت، داناء ديوانا، اٽي تي چٽي، بيگم 93 ، جيڪا سنگت جي صلاح، تو کان ٿيندي ڌار، عاشق وات پٽيو، هٽ پري، حقدار، ماسات مٺي ذات، پيار ڪيو سينگار، ننگي ننگ سُڃاڻ، ٽيچر ان ٽربل، يس باس، پيسي جو پٽ، ڀڄ تہ پُڄانءِ، کلندي کلندي يار ۽ زور اڳيان زاري سميت هر ڊرامو هڪ ڀيري کان وڌيڪ مختلف نالن سان ۽ ڪيترائي ڀيرا سنڌ جي ننڍي وڏي شھر کان ڳوٺن توڙي پاڙن ۾ ڏهاڪن کان سوَنِ توڙي ٻن، پوڻن ٻن سوَن کان بہ وڌيڪ ڀيرا ٿي چڪا آهن. جيڪو پنھنجيءَ پَرِ ۾ هڪ رڪارڊ آهي. ماسات مٺي ذات تہ اهو سنڌي منڊلي ناٽڪ آهي، جيڪو جڏهن بہ، جتي بہ ۽ جنھن بہ فيسٽيول ۾ مقابلي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي تہ پھريون نمبر کڻندي، سنڌي منڊلي ناٽڪن جي تاريخ ۾ "ٽائٽينڪ" جو خطاب ماڻي چڪو آهي ۽ اهڙن ڪامياب منڊلي ناٽڪن جي طفيل ئي منھنجا هم عصر فنڪار توڙي چاهيندڙ مونکي امر جليل ۽ علي بابا جي لقبن ۽ خطابن سان پُڪاريندا آهن. جيڪو منھنجي لاءِ پڻ اعزاز توڙي خوشيءَ جي ڳالهہ آهي ۽ ان ويلي آنءُ گد گد ٿيڻ کان سواءِ رهي ناهيان سگهندو.
اها تہ آهي منھنجي سنڌي منڊلي ناٽڪن جي ڪار گذاري، پر سنڌي ادبي حوالي سان منھنجا ٽي ڪتاب بلڪل تيار رکيا آهن. جيڪي پيسي جي اڻ هوند توڙي اشاعتي ادارن جي بي رُخيءَ سبب اڃان تائين هٿ سان لکيل پنن، ڊائرين توڙي رجسٽرن ۾ تہ محفوظ آهن، پر ڪتاب جي صورت وٺي منظرِ عام توڙي پڙهندڙن جي هٿن جي زينت بڻجڻ کان وانجهيل آهن. ادبي ڪھاڻين جو تعداد پڻ 15هن کنُ ٿيندو. جيڪي مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڊائجسٽن ۾ وقت بوقت شايع ٿيل آهن. ۽ "بند سپون" جي عنوان سان ڪتابي شڪل ۾ اوهان جي پڙهجڻ لاءِ اجهو ڪي اجهو پھچڻ وارو آهي. ان شاء ﷲ...!
ٻہ اکري ڪهاڻي ۽ آءُ...؟
اعجاز : سنڌي ادب ۾ هڪ نئين تجربي ۽ طرز طور ٿورن اکر تي مشتمل شارٽ اسٽوري ۽ مختصر ڪھاڻين جي خالص سنڌي اصطلاحي نالي ٻِہ اکري ڪھاڻين تي آڌاريل ڪتاب"سُرخ آيتون" جي عنوان سان پڻ ڇپجڻ لاءِ تيار آهي. جيڪو بہ دير بہ دير ڇپبو ضرور...!
ٽيون ڪتاب نثري ٽُڪرن تي مشتمل "ڪھاڻين کان رهجي ويل لفظ / اعجازيات " جي عنوان سان پڻ قلم جي ڪور هيٺ آهي.
فلم، ٽي وي، ٽيلي فلم ۽سولو پلي....؟
اعجاز : تنھن کان سواءِ درجن کنُ فلم توڙي ٽيلي فلم پڻ لکيل آهن، جن مان ڪافي تہ فلمائجي بہ چُڪيون آهن.
ان کان سواءِ پي. ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين ۽ سنڌ ٽي ويءَ تي سولو پليز پڻ نشر ٿي چڪا آهن. جيڪو سڀ هاڻي ماضيءَ جو قصو بڻجي ويا آهن.
آنءُ هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻو سان سلهاڙيل آهيان ۽ ادبي کيتر ۾ پنھنجي حصي جي کيڙ جاري وساري آهي. ان اميد سان تہ ادب هر رُخ کان سماج جي سڌار ۽ کٽ کيڙ جو بھترين ذريعو آهي. ادب سماج کي مروج تعليمي طريقي کان وڌي ڪري، هم نصابي سرگرمين ذريعي نہ رُڳو لکڻ پڙهڻ سيکاري ٿو. پر پُرجهڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو.
سنڌ ۽ تعليمي ادارا....؟
اعجاز : اسان جا تعليمي ادارا پرائمريءَ کان سيڪنڊري توڙي هائير تائين رُڳو رٽو رٽايل طوطا ۽ بنديءَ تي حساب لکندڙ مُنشي پيدا ڪرڻ جون فيڪٽريون آهن. ادب کين سوچڻ، سمجهڻ ۽ پُرجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. ادب منجهنِ ساهت، شعور ۽ ساهس ڀري ٿو. تڏهن وڃين ڪو قومي شاعر، ڪو سپورنج سُگهڙ، ڪو سٺو استاد، ڪو هڏ ڏوکي سماج سڌارڪ، ڪو فرض شناس آفيسر، ڪو ايماندار ڪامورو، ڪو محنتي انجينئر ۽ ڪو سٺو انسان بڻجي پنھنجي گهر، پاڙي، شھر ۽ وطن توڙي ويڙهيچن جو همدرد پيدا ٿئي ٿو.
اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا....؟
اعجاز : ادب، ريڊيي، ٽي. وي، اسٽيج، فلم، اخبار، ميگزين ۽ ڪتاب ذريعي سماج ۾ موجود ڪمي پيشي، ڏوھ ثواب، سياسي توڙي سماجي روين کان ويندي ذاتي۽ اجتماعي مسئلن جي اپٽار ڪندي، راھِ حل ۽ ذهني نشونما توڙي پرورش ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ادب ئي انسان ۾ اخلاقيات جا اعلي'گُڻ اُجاگر ۽ پيدا ڪرڻ سان گڏ سنگ بڻياد نشانبر ۽ مضبوط پڻ ڪري ٿو.
پيغام...؟
اعجاز :آنءُ پنھنجي ادبي لڏي جي دوستن کي اها گذارش ڪندس تہ: توڙي جو ادب جو اصطلاح لکت پڙهت جي فني مھارت جو اهڃاڻ آهي، پر عام ماڻهون ادب جي ئي هم آواز لفظ "ادب" مان مراد سٺو اخلاق ، تميزداري ۽ ڪردار جي پاڪيزگي سمجهن ٿا ۽ اسان لکڻ پڙهڻ جي ڪوڏيَن اديبن مان ساڳي ئي اخلاق، تميز ۽ پاڪيزگيءَ جي اميد رکن ٿا.
هونئن بہ اسان جي شھر لاڙڪاڻي جي آدم شماري غير سرڪاري انگن اکرن مطابق 18هنِ، 20هنِ لکن کان 22هنِ لکن جي عام عوام ۾ اسان اديبن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. سو جيئن اٽي جي چاڻي ۾ لوڻ پنھنجو نيمڪ ملهائيندي مانيءَ کي سوادي بڻائيندو آهي. ائين ئي اسان جو سماج اسان جي ئي ساهت، ساهس ۽ شعور جي طفيلي ئي ڪارگر، ڪارآمد ۽ ڪارائتو بڻبو. تنھن ڪري اسان نہ رُڳو پنھنجي ادب کي فني طور نکاري نروار ڪيون، پر پنھنجي ڪردار کي پڻ نِت نکاري پڙهندڙن لاءِ مشعل راھ بڻايون.