• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيلف انٽرويو ،جيئل اوڏ

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
تحقيقي سفر پيار ۽ درد ۾ سمايل آهي...!
جيئل اوڏ
*منھنجو شروعاتي تعارف ۽ تعليم..!
جيئل : منھنجو بابا اتم چند جنھن جي گهر 10 آڪٽوبر اڱاري ڏينهن تي 1944ع، 23هين شوال 1363هجري، 25 اسوج 2001بڪرمي ڳوٺ شاھ يارو يوسي عاقل ۾ جنم ٿيو جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ سنڌو درياءَ جي ڀر ۾ آهي.
تعليم : ايم. اي سنڌي، ايم. اي سوشالاجي، ايم. اي انٽر نيشنل رليشنس ۽ ايل ايل بي آهيان.
*ادب ۾ وجھ شعرت...؟
جيئل : تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندڙ آهيان.
*لکڻ جي شروعات...؟
جيئل : ڪاليج دور کان ميگزين وڻجارا نڪرندو هو ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان.
*لکڻ جو شوق...؟
جيئل : جڏهن پڙهيم تہ تاريخ ۾ ڪافي جهول نظر آيا ان لاءِ پنھنجي تاريخ کي سهيڙڻ جو شوق پيدا ٿيو.
*اتساھ...؟
جيئل : شيخ حفيظ کان مليو جيڪو منھنجو آفيسر هو، منھنجو استاد هو جنھن جو جملو اڄ بہ ياد اٿم تہ تعليم ايتري حاصل ڪيو جيڪڏهن توهان کان ڪو تعليم پڇي تہ بيهوش ٿي ڪري پوي.
*لکڻ سان زندگيءَ ۾ فرق...؟
جيئل : لکڻ، پڙهڻ سان ماڻهپو اچي ٿو. ادب ۾ سڃاڻپ ٿئي ٿي پنھنجي تاريخ جي ڄاڻ ملي ٿي. ڪتابن سان واسطو رهي ٿو ۽ سنگت سان واسطا وڌن ٿا.
سنڌ جو مستقبل...؟
جيئل : هٿ جي تريءَ کي سڌو ڪري ۽ ان کي ابتو ڪيو.
ڪنھن کان نفرت...؟
جيئل : دنيا سڄي ڪوڙ کان نفرت ڪري ٿي جنهن جو بنياد اڃا ختم نہ ٿي سگهيو آهي.
معاشرو...؟
جيئل : ٻار کي صحيح تربيت ڪونھي، معاشريءَ ۾ ٻار جي ترتيب ۾ ماءُ جو اهم ڪردار آهي. ماءُ جيڪڏهن معاشريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي تہ هيءُ معاشرو سونهري ٿي پوندو.
پيغام..؟
جيئل : تعليم کي عام ڪجي ان ۾ ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري فرق نہ رکڻ گهرجي. ٽيليڪميونيڪيشن جو صحيح استعمال ڪرڻ گهرجي. اسان جي آفيسر کي جيڪڏهن سائيڪل هجي تہ صحت سان گڏ معاشرو ترقي ڪري سگهي ٿو. باقي فضول پروٽوڪول خراني جي تباهي آهي.
 
Back
Top