• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سيلف انٽرويو ،عيسي ميمڻ

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
اسان کي پاڻ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي...!
عيسي ميمڻ.
منھنجي شروعاتي تعليم ۽ ننڍپڻ...؟
عيسي ميمڻ : منهنجو ننڍپڻ نج ٻهراڙيءَ ۾ سنڌو دريا جي ساڄي ڪپ تي ڳوٺ عبدالڪريم کوهاري تعلقي باڪراڻيءَ ۾ گذريو.منهنجو والد صاحب پهريان ڌنار هو. عمر جي آخري حصي ۾ هن هارپو ڪرڻ شروع ڪيو.ائين چئجي ته والد صاحب پورهيت هو.مون کي هڪ ڀاءُ ۽ 6 ڀينر آهن.ٻهراڙي سان تعلق هجڻ جي ڪري گهر جي ڀاتين ۾ ڪو ٻيو پڙهي نه سگهيو. صرف مان اڪيلوئي پڙهڻ طرف آيس. . ڳوٺ ۾ هڪ پرائمري اسڪول هوندو هو جتي هڪ استاد مقرر ٿيل هوندو هو. جيڪو ڪڏهن ڪڏهن اسڪول ايندو هو. اتي منهنجي داخلا به ٿي هئي. اتي منهنجي جنم جي تاريخ 8 فيبروري 1983ع لکي وئي هئي. جيڪا به اندازي مطابق تاريخ لکي وئي هئي. امان چوندي آهي ته 1980ع ۾ گرمين ۾ منهنجي پيدائش ٿي. 1989ع ۾ جڏهن اسان جا وڏا ڏوڪريءَ لڏي آيا تڏهن اسڪول ۾ 1990ع ۾ مون کي اسڪول داخل ڪيو ويو. تڏهن مان 10 سالن جو هيس . اتي وري استادن منهنجي پنج سال عمر گهٽائي جنم جي تاريخ 9 جولاءِ 1985ع لکي ڇڏي. 1990ع ۾ منهنجي پڙهائيءَ جو سلسلو شروع ٿيو ته 1995ع ۾ پنجون درجو پاس ڪيو ته ڏهين جماعت وري 2000ع ۾ پاس ڪئي. 2002ع ۾ انٽر پاس ڪئي. 2004ع ۾ وري بيچلر پاس ڪئي. 2006ع ۾ ايم اي (سنڌي ادب) ۾ ڪئي. 2019ع ۾ ايم فل سنڌي ادب ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي ۽ جڏهن ته هاڻي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پي ايڇ ڊي سنڌي ادب ۾ ڪري رهيو آهيان. مون 2007ع ۾ وڪالت جي ڊگري به ڪئي مگر 2010ع ۾ سرڪاري نوڪري ملڻ جي ڪري وڪالت طرف ڌيان نه ڏنو.
ادب ۾ پھرين لکڻي...؟
عيسي ميمڻ : ادب ۾منهنجي پهرين لکڻي ٻارن لاءِ شايد شاعريءَ جي صورت ۾ “تون آن منهنجي جان امڙ، ٿيان توتان قربان امڙ” جي نالي سان هئي جيڪا سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي گڏجاڻيءَ ۾ پيش ڪئي هئي. مون کي ادبي حوالي سان تراشڻ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جو ڪردار آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري منهنجي ادبي تربيت ڪئي. منهنجي سکيا ڪئي. مون کي سنوارڻ، سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. جيڪڏهن مان ائين چوان تہ جيڪي بہ مون ۾(جيڪڏهن) خوبيون آهن ته اهي سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪري جي ڪري آهن خاميون منهنجون پنهنجون آهن.
جديد ادب جا لوازمات....؟
عيسي ميمڻ : هر دور جو ادب پنهنجي هيئت ۽ افاديت جي ڏس ۾ جديد گهرجن کي جيڪڏهن پاڻ سان گڏ نہ کڻندو تہ هوند اهو ادب جٽاءُ نہ ڪري سگهندو. جديد ادب جو مطلب آهي اڄ جو ادب. اڄ جو مطلب آهي اڄ جون سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جي عڪاسي ادب ۾ هجي. جنهن ۾ سماج کي ڏسي سگهجي. نہ صرف ڏسي سگهجي ان کي بهتر بہ ڪري سگهجي. جيڪڏهن ادب اڄ کي ڇڏي صرف “ڪالھ” ۾ ئي جيئندوته اهو ادب قدامت پسند هوندو جديد نہ هوندو. ان جديد ادب، فني توڙي فڪري حوالي سان “اڄ” جي نمائندگي ڪرڻ لازمي شرط آهي.
سنڌي ادب ۾ منهنجي سڃاڻپ..؟
عيسي ميمڻ : سنڌي ادب ۾ منهنجي سڃاڻپ اڃان تائين نہ ٺهي سگهي آهي. مون نثر گهڻو لکيو آهي. مضمون، مقالا، خاڪا ۽ ڪالم بہ جام لکيا آهن. ست کن ڪتاب بہ شايع ٿيا آهن. ايم فل ٿيسز، پي ايڇ ڊي جي ٿيسز سميت ٽي ڪتاب بہ اڻ ڇپيل موجود آهن. سوال اهو آهي تہ اهو سڀ ڪجھ ڏيڻ باوجود به پڙهندڙ منهنجي نالي سان اچي ڪتاب بوڪ اسٽال تان اچي خريد ڪري، تڏهن سمجهندس تہ ادب ۾ منهنجي سڃاڻپ ٺهي آهي. باقي شاعري کان وڌيڪ نثرنويس هجڻ منهنجو پسنديده شعبو آهي.
سنڌي نظم سگهارو آهي يا نثر...؟
عيسي ميمڻ : منهنجي نظر ۾ سنڌي نظم سگهارو آهي.ڇاڪاڻ تہ سنڌي نظم جي پکيڙ عوامي سطح تائين تمام گهڻي آهي. محفلن کان وٺي گائڪي تائين، گائڪي کان وٺي ڪتابن جي ڇپائي تائين سنڌي نظم جو واهپو گهڻو موجود آهي. سنڌي سماج تي نظم جو ايترو ته اثر آهي جو عام ماڻهو نظم ياد بہ ڪري ٿو، ڳائي بہ ٿو، تہ شاعرن کي سڃاڻي بہ وڌيڪ ٿو. اسان وٽ نثرنويس کي عوامي سڃاڻپ گهٽ ملي ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ نثر نويس کي صفا سڃاڻپ ملي ئي نہ ٿي. جنهن عوام لاءِ جيڪا شيءِ لکجي ۽ اها انهن تائين پهچي بہ نہ، نہ وري پڙهڻ ۽ نہ وري سڃاڻن تہ باقي ان جي سگهاري هجڻ ۽ نہ هجڻ جي ڪري معنيٰ بچي ٿي.
محبت جي باري ۾ .....؟
عيسي ميمڻ : محبت،هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن جو مٺاس،محسوس ڪري سگهجي ٿو ٻڌائي نہ ٿو سگهجي. ڪجھ ماڻهو جنسي بک کي محبت جو نالو ڏيندا آهن.جيڪو ماڻهو، صرف محبت کي جنس بک تائين محدود ڪندا آهن انهن جي محبت بہ صرف جنسي بک تائين محدود هوندي آهي. اهي محبت جي جذبي کي ڪڏهن بہ سمجهي نہ سگهندا. مون جيڪا محبت ڪئي، اها جنسي بک کان گهڻو مٿي آهي.
سنڌي ادبي سنگت جو مستقبل....؟
عيسي ميمڻ : سنڌي ادبي سنگت، جنهن دور ۾ جڙي ان دور جا موضوع، مسئلا، حالتون ۽ ضرورتون الڳ هيون هاڻي دور مڪمل مٽجي ويو آهي. سنڌي ادبي سنگت اڃان تائين ايڪهين صديءَ ۾ داخل نہ ٿي آهي. جنهن ڪري نئون نسل سنڌي ادبي سنگت ڏانهن اچڻ نہ ٿو چاهي. سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجي مقصد ۽ پنهنجي تنظيمي ڍانچي ۾ بدلاءَ جي ضرورت آهي. افسوس اهو آهي ته اها ضرورت، ويهين صدي جي قيادت پوري ڪري نہ ٿي سگهي. سنڌي ادبي سنگت جون اڪثر شاخون صرف ووٽر شاخون آهن جيڪي ڪنهن نہ ڪنهن پنهنجي ڌڙي کي ووٽ ڏيڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن. هاڻي تہ سنگت جي چونڊن ۾ روايتي طريقي سان پيسن تي ووٽ ڏنا وڃن ٿا. اها آهي اسان جي شعور جي بيھڪ...جنهن ڪري مون کي سنڌي ادبي سنگت جو مستقبل سٺو نظر نہ ٿو اچي.
سنڌ .....؟
عيسي ميمڻ : سنڌ جو ماضي شاندار ۽ حال تباهي طرف ويندڙ آهي. ائين چئجي تہ اسان زوال جي دور ۾ بيٺا آهيون تہ ان ۾ ڪو وڌاءُ نہ آهي. سنڌ جنگي حالت ۾ آهي جنهن جو وجود خطري ۾ آهي. سنڌ کي اسان جي اڻ ٿڪ جدوجهد ۽ بي لوث قربانيون ئي بچائي سگهن ٿيون.
پيغام...؟
عيسي ميمڻ : پيغام ڏيڻ، اصل ۾ وڏن ماڻهن جو ڪم آهي. ماڻهو، ڳالھ بہ انهن جي مڃيندا آهن جيڪي عهدي، علم، ادب ۽ سماجي مرتبي ۾ وڏا هجن. مان اڃان تائين ان مرتبي تي نہ پهتو آهيان جو ماڻهن کي پيغام ڏيان ۽ ماڻهو ان تي عمل ڪن. اسان جي گهڻائي، پاڻ کي عقل ڪل سمجهي ٿي جيڪا ٿورائي آهي اها وري، ماڻهوءَ جي حيثيت ڏسي پوءِ ان جي ڳالھ مڃين ٿا. مان صرف ايترو چوندس دنيا بدلجي پئي،پاڻ کي بہ دنيا سان گڏ بدلجڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن پاڻ ۾ بدلاءُ نہ آڻينداسين تہ دنيا جي بدلجندڙ حالتن ۾ اسان کوھ جي ڏيڏر جيان هونداسين جنهن جي دنيا کوھ کان مٿي نه هوندي.
 
Back
Top