• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فقيرمحمد سنڌي، ڏاتر ڌرتي جو انوکو ڏات ڌڻي...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
فقيرمحمد سنڌي، ڏاتر ڌرتي جو انوکو ڏات ڌڻي...!
آصف رضا موريو
قدآور، جانٺو، مضبوط بتائتو، ملنسار، تڪي توري ڳالھائيندڙ، جاذب نيڻ نقشن واري فقير محمد سنڌي پهرين نظر ۾ مون وانگي اديب نه لڳندو آهي. جيسيتائين ساڻس ويھي نه ڳالھائجي، کيس ٻڌجي يا سندس لکڻين کي نه پڙهجي.
هر لکاريءَ جي ڪا پهرين سڃاڻپ هوندي آهي پر فقيرمحمد جي خاص سڃاڻپ لکڻ يا سمجهڻ منهنجي لاءِ لکڻ ڏکيو آهي جو هو ايترو ته ڏوريو ۽ هنرمند آهي جو ادب جي تمام هٿ ۾ کنيل صنفن سان انصاف ڪندي ڏٺو وڃي ٿو. بيشڪ هو هڪ برجستو ۽ ڪل وقتي قلمڪار جوڌو آهي.
فقير محمد جو جنم 7 جنوري 1983ع ڌاري لاڙڪاڻو جي اوڀاري اترئين حصي نانو پڌر ۾ ناناڻي ڪھول ۾ ٿيو . سندس وڏڙا باقراڻي تعلقي جا رهواسي آهن سندس والد دين محمد پنهنجو ٻني ٻارو ڪندو هيو جنهن جون ٻه شاديون ٿيل هيون. سندس پهرين گهرواري مان کيس صرف فقيرمحمد ڄميو جڏهن ته ٻين گهرواري مان کيس پنجن پٽن ۽ پنج ڌيئرن جي اولاد آهي .
فقيرمحمد جي ذات پنهنجي ذات سنڌي آهي جو هو ذات ڪنھن کي نه ٻڌائيندوآهي ان لاءِ منھنجي سوال ته”ڀلا تنهنجي والد جي ذات ڪھڙي آهي؟ تي کلندي چيائين ”سائين ڇڏيو ذات کي بس ائين سمجهو ته الطاف شيخ به منھنجومائٽ آهي تہ حليم بروهي به“.
ننڍڙي هوندي کان راند روند جوڪوڏيو هوندو هيو، ڪارٽون فلمون شوق سان ڏسندو هيو ته پکي پکڻ پالڻ جي بہ هير هوندي هيس. 3 ڊسمبر 2006ع ۾ سندس پنهنجن شيخ برادري جي مائٽن مان شادي ٿي هئي ۽ کيس ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻين جي اولاد آهي.
فقيرمحمد پنجين جماعت گورنمنٽ پرائمري اسڪول شاھ محمد سنڌي اسڪول ۾ پڙهيو. تنھن کان پوءِ 1998ع ۾ گورنمنٽ پائلٽ هاءِ اسڪول مان ڏهين جماعت پاس ڪئي. 1998ع ۾ئي مولوي، عالم فاضل جو امتحان پاس ڪيو. 2000ع ۾ سچل سرمست اورينٽل ڪاليج مان ٻارهين جماعت اڪلائي ٽن سالن کان پوءِ ساڳي ڪاليج مان بي اي پڻ ڪيائين. 2001ع ۾ مدرسہ جامعہ عربيہ جيلاني لاڙڪاڻو مان درس نظامي جو ڪورس پڻ ڪيو. مولوي، عالم ۽ فاضل ٿيڻ جو سبب سندس ناناڻي گهر جو ديني هجڻ هيو جتي سندس ناني جنھن کيس پالي پوسي وڏو ڪيو سا ٺيٺ ملياڻي ۽ نيڪ نمازڻ هوندي هئي جيڪا اوڙي پاڙي جي ٻارن کي قرآن پاڪ پڻ پڙهائيندي هئي.
شاعري ڏانهن سڀ کان پهريون لاشعوري لاڙو ننڍپڻ ۾ پرائمري جي ٽئين درجي ۾ پڙهندي سندس استاد قادربخش ڪلهوڙي آندو جيڪو موڪل واري آخري ويھن منٽن ۾ ڪا ڪهاڻي، ڪو نظم جهونگاري پنھنجي شاگردن کي ٻڌائيندو رهندو هيو جيڪي ننڍڙي فقيرمحمد جي روح کي ڇھندا رهنداهيا ۽ هو سوچيندو هيو ته ”هڪ ڏينھن هُو پاڻ به سائين قادر جيان وڏو ٿي جهونگاريندو“. فقيرمحمدسنڌي وڏو ٿي نه رڳو پاڻ جهونگاريو پر سندس ڪلام کي وقت جي استاد راڳين جهڙوڪ صادق فقير، غلام شبيرسمون ۽ عاشق نظاماڻي جهڙي فنڪارن پڻ جهونگاريو آهي.
اهڙي ريت نثر جي ستي کيس پاليندڙ سندس ناني پياري جيڪا ننڍڙي هوندي رات جو ننڊ ڪرائڻ لاءِ فقيرمحمدکي سنڌ جا لوڪ قصا، ديون پرين جون ڪھاڻيون ۽ داستان ٻڌائي سمهاريندي هئي.
شاعري ۾ سرجيل شروعاتي دور ۾ پنھنجي شاعري جي اصلاح ۽ سکيا فاروق احمد خاصخيلي،جي ايم رئيساڻي ۽ سرمدچانڊيو کان ورتي. شاهه عبدالطيف ڀٽائي سندس پسنديده شاعر آهي، کيس ڪشنچند بيوس جي نظمن، اڪبر جسڪاڻي ۽ اسرار شام جي لکڻين پڻ گهڻ لکڻ لاءِ گهڻو اتساهيو. پھنجي ادبي خدمتن جي مڃتا طور کيس بيشمار سرٽيفڪيٽ، ايوارڊ، شيلڊون مليون آهن ۽ ملنديون رهنديون آهن.
فقيرمحمد سنڌي جي اندر ادبي گهڻائي ۽ گهاٽائي شاعري جي ڏٺي وئي آهي جنھن جي شروعات هن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ڪئي. سندس پهرين شاعراڻي تحرير ميرپوربٺورو مان شايع ٿيندڙ ”باک“ رسالي ۾ ڇپي هئي. پنھنجي ان پهرين لکڻي متعلق هڪ انٽرويو ۾ فقيرمحمد ٻڌايو هيو تہ پنھنجي تحرير رسالي ۾ ڇپيل ڏسي کيس ”شادي جي ڏينھن، پنهنجي پهرئين پٽ غلام مرتضی جي ڄمڻ جيترو ئي خوبصورت ۽ دلآويز احساس ٿيو هيو“.
ادب جي هن وشال ڏس ۾ هي جوان اهلِ ڪتاب پڻ آهي جو سندس پهريان ٻه ڪتاب ”وچن وفا جا“ ۽ ”جاني جيون جوڙ“ به سندس شاعري جا مجموعا آهن جڏهن ته سندس ٽيون ڪتاب ”قلمڪار ڪوي“ پڻ شاعرن متعلق مرتب ٿيل آهي.
هن جديد سائيبر دور ۾ به ڏينھن رات جا چوويھ ڪلاڪ مصروف رهندڙ ريڊيو ٻڌندڙن ۾ هڪ ٻئي سان جڙڻ جو بهترين ۽ طاقتور ذريعو مڃيو وڃي ٿو جنھن ۾ سامعين کي آواز ذريعي مصروف رکي، تمام زميني سرحدون اورانگهي انھن کي دنيا ڀرجي تازي معلومات ڏئي سندن اندر جذباتي رابطا پڻ پيدا ڪيا وڃن ٿا. ريڊيو ٻڌندڙن کي سندس پسند جي موسيقي، راندين۽ تفريح متعلق خبرون وغيره ڏئي هر دور ۾ ڊپريشن مان ڪڍيو آهي.
ڪنھن دور ۾ ريڊيو اهڙو ادارو رهيو آهي جتي فن جڙندا ۽ فنڪار ٺھندا هيا. ريڊيو اوطاق هوندو هيو تہ دوست، استاد ۽ وندر جو بهترين ذريعو پڻ هوندو هيو. هن وقت پوري دنيا ۾ ريڊيو جي دنيا ۾ جدتون آڻيندي ان کي بهترين انسٽيٽيوشن طور سامهون آندو وڃي ٿو پر افسوس آهي هاڻي ريڊيواسان وٽ اسان جي تمام ادارن جيان آخري ساھ کڻي رهيوآهي. فقير محمد ريڊيو جو تمام سٺو سامعين رهيوآهي جنھن کي پنهنجي ڪلاس ميٽ حيدري لال ڏني رند جي سنگت ريڊيو ٻڌڻ جي ويجهوآندو جتي آي آر بلوچ وغيره جهڙي بيھڪي ۽ خوبصورت آوازن کي ٻڌندي هن جي دل ۾ پڻ آس پيدا ٿي تہ ”مان به ڇو نہ ائين ڳالھايان ۽ سنڌ جي جهنگ جهر جا ماڻھو مون کي ٻڌن“.
سندرو ٻڌي همراھ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جا چڪر ڪٽڻ شروع ڪيا پر اسان وٽ ادارن ۾ اتساهيندڙ ۽ اداره ساز ماڻھو آهن ڪٿي. ڪنهن بہ ڪونه همٿايو ويتر دل کٽا ٿيندا رهيس پر فقيرمحمد مڙيو ڪونہ. اڻ مڙين جا ارادا پسي قدرت بہ مهربان ٿيندي آهي. 2006ع ۾ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو جي اسٽيشن ڊائريڪٽرمحمد علي ٻانڀڻ سندس هٿ پڪڙي ريڊيو جي دنيا ۾ڀليڪار ڪندي متعارف ڪرايو جنھن کان پوءِ هن وقت تائين فقيرمحمد پنھنجي امير آواز جو جادو جوڙيندو رهي ٿو. ڀرپور آواز هجڻ جي موٽ ۾ کيس بهترين ريڊيو ڪمپيئر لاڙڪاڻو ايوارڊ پڻ مليو آهي.
فقيرمحمد سان منھنجي گهڻي ويجهڙائي ڪونہ آهي ۽ نہ ئي ساڻس گهڻيون ملاقاتون آهن. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڀيرا بہ نہ مليا آهيون پرسندس لکڻين ۽ ادبي ڪارڪردگين سبب نہ رڳو هر روز پر هر وقت هو ڪتابن، اخبارن ۽ سوشل ميڊيا جي ويجهو رهندڙ مون جهڙي ماڻهوءَ جي سامھون رهندو آهي. گهڻي ويجهڙائپ نه هئڻ جي باوجود پنھنجي ادبي تخليق ڪاري سبب هو منھنجي تمام ويجهي دوستن کان بہ ويجهو، پيارو ۽ قربائتوآهي. مون ۾ عادت آهي تہ مان هرو ڀرو بہ ماڻھن سان گهاٽو ڪونہ ٿيندو آهيان پر فقيرمحمد جومعاملوجدا آهي جو مان سندس ادبي قدڪاٺ کي سامھون رکندي ملڻ مهل هجائتو ٿيندو آهيان.
عظيم هستين جا عظيم قول، سنڌ جي تاريخ، ڳڻ جنھن جا ڳائن ماڻهو، سونهن سمبارا، تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر، هر ڏينهن صليب تي شامل آهن. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جو انگ ڏهاڪي کان مٿي آهي جن ۾ ڏات جو ڏيھه، لاڙڪاڻو موتين مالها، سڏڪا سڏڪا سنڌ، نڪ ۾ ناڪيلي، سائي ڌرتي، ڏاهپ اخلاقيات، سدا بهار مرڪ، منهنجو لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو، ڏات جرڪي ٿي ڏيھ ۾ ۽ لاڙڪاڻي جا صاحب ڪتاب وغيره شامل آهن.
فقيرمحمد نہ رڳو ريڊيو تي براڊڪاسٽر ۽ ڪمپيئر آهي پر سنڌي ارادو اخبار جو ”ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر“، ٻہ ماهي قلمڪار ميگزين، ماهوار سجاڳ ميگزين، سلسليوار اخبار قلمڪار جو ”ايڊيٽر“آهي. هو قلمڪار پبلڪيشن جو چيئرمن، اياز ادبي اوطاق سنڌ جو سيڪريٽري جنرل، جيئي لطيف ريڊيو لسنرز ڪلب سنڌ جوصدر، نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻو جو رابطہ سيڪريٽري پڻ آهي.
پنهنجي ديس جي پوئتي پيل صورتحال تي قلم ڪشائي ڪندي لاچارن، اٻوجهن، غريبن ۽ بي پهچ ماڻهن جا زخم ڏيکاريندو رهندو آهي جو هن ”سموري زندگي ملڪ ۾ گهلندڙ ظلم جي واچوڙن خلاف واڪا ڪندي گذاري آهي“. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن خيال ونڊيو هيو تہ”سڄو دارومدار نظام تي آهي جيڪڏهن نظام ۾ بهتري آهي ته سڀ پاسا بهتر کان بهتر ٿي سگهن ٿا. نظام ئي مڏو آهي ته پوءِ جديد کان جديد دور بہ اسان جي معاشري ۾ بهتري آڻي نٿو سگهي“.
مون سنڌ جي پڙهيل لکيل اديبن ۾ هڪ تمام گهڻي خامي ڏٺي آهي جو اهي تعليم يافتہ هئڻ ڪري هميشه پنهنجي ئي لڏي جي اديبن ۾ عيب تلاش ڪندا آهن پر فقيرمحمدسنڌي انھن ئي لکارين ۾ هاڪاري خوبين کي تلاش ڪندي سامهون آڻيندورهندو آهي جيڪوهڪ عالم جو وڙ هوندو آهي ۽ اصليت ئي حقيقي علميت جو جوهرٿيندي آهي. علم ڪڏهن ختم ڪونہ ٿيندو آهي، هو سدائين تلاش ۾ رهندي ڳولائو رهندوآهي. فقيرمحمد سنڌي پڻ هڪ تلاش جي رستي تي جاکوڙيندڙ عالم آهي.
فقيرمحمد سنڌي، سنڌ جو ساڃاھ وند انسان، ڪارائتو وجود ۽ سٺو دوست آهي جنھن جي دل ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسي وسندا آهن. جڏهن بہ سرِ راھ ملڻ ٿيندو آهي يا فون تي ڳالھ ٻولھ ٿيندي آهي تہ خيالن جي ڏي وٺ سان گڏ اسان جي وچ ۾ ڪنهن نه ڪنھن ڳالھ تي ٽهڪن جي ٽانڊاڻ ضرور اٿندي آهي.
سنڌ ۽ لاڙڪاڻو شهر جي شخصيتن متعلق ڊاڪٽردرمحمدپٺاڻ، سائين ستار ڀٽي، پياري رضوان گل ۽ لياقت راڄپر جيان فقيرمحمدسنڌي تمام گهڻو، حيرت انگيز ۽ ساراھ جوڳو ڪم ڪيو آهي. مان سندس گهڻ رخي علمي شخصيت، ادبي حيثيت ۽ جاڳرو لکاري طور ڪيل خدمتن جو تمام گهڻو مڃيندڙ آهيان.
 
Back
Top