• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وحيد محسن جي ڪھاڻين جي مجموعي " ننڍڙي پري" جو جائزو...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
وحيد محسن جي ڪھاڻين جي مجموعي " ننڍڙي پري" جو جائزو...!
فقير محمد سنڌي
مڌر ٽريسا جو پيار متعلق ذهني خاڪو آهي، تہ " پيار ڀريا الفاظ، ڳالهائڻ ۾ ٿورا ۽ آسان ٿي سگهن ٿا ليڪن انهن جو پڙاڏو لازوال هوندو آهي." سنڌي ادب جي ليکڪن جيڪو ٻاراڻي ادب تي ڪم ڪيو آهي اهو ڏسڻ بلڪل آسان نظر ايندو آهي پر ان جڏهن طبع آزمائي ڪبي آهي ته ڪيترو مشڪل عمل آهي. جس آهي وحيد محسن کي جيڪو ٻاراڻي ادب لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. ڪتاب" ننڍڙي پري" ۾ يارنهن ڪھاڻيون ٻارن لاءِ سرجيل آهن. ادب ۽ اخلاص جي اسلام ۾ تمام گهڻي تعليم ڏنل آهي. هڪ حديث ۾ فرمايو ويو آهي، ته " جيڪو وڏن جو ادب نٿو ڪري ۽ ننڍن تي رحم نٿو ڪري اهو اسان مان نہ آهي."
ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري شخصیت بيدل مسرور جو لکيل آهي. بيدل مسرور پنهنجي راءِ ۾ لکي ٿو، ته :" وحيد محسن جي تحرير جو انداز بہ پنهنجي شهر شڪارپور وارو آهي سندس ڪهاڻين جي ڪردارن، منظرنامن ۽ مڪالمن ۾ بہ پنهنجي شهر شڪارپور ۽ ان جي پسگردائيءَ رهڻي ڪهڻي جو نقش عمدي نموني سان چٽيل آهي."
ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي "سالگره" آهي جنھن جو ڪجهه حصو پڙهندڙن لاءِ " علي جان کي پنهنجي سالگرھ تي ايتري خوشي ملي جو هو اسڪول ۾ تعليم سان دل لڳائڻ شروع ڪئي. ان جي اهڙي ڪرت ڏسي سڀئي گهر ڀاتي سندس محنت تي سرها ٿيڻ لڳا. " ڇو جو زندگيءَ ۾ ڪا هڪ خواهش پوري ٿئي ٿي ته هو ان خواهش، خوشي کي محنت ۾ تبديل ڪري ٿو. والدين لاءِ اهو بهترين مثال آهي، ته پنهنجي ٻارن کي ننڍيون ننڍيون خوشيون ميسر ڪري ڏين جيئن ٻار جو حوصلو بلند رهي.
سنڌ جو البيلو شاعر گوهر سنڌي لکي, ٿو ته :" وحيد محسن ننڍڙن جيان معصوم دل رکندڙ آهي، حساس طبيعت جو مالڪ آهي. مرڪون ٽهڪ چلولايو سندر لمحا خوشيون ڀاسندڙ آهي، پيار، محبت ۽ امن جهڙي سماج جي خواهش رکندڙ آهي."
ڪتاب جون ٻيون ڪھاڻيون جنهن ۾، گڏين راند، نم جو وڻ، سائنس جو پيرڊ، هاريءَ جو پٽ، ننڍڙي پري ۽ ٻيون پنهنجن ٻارن کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجن. ڇو جو جيڪو نفسياتي خواهشن تي غالب پئجي وڃي، سو سمجهو فرشتن کان اعلي آهي. ٻار بہ فرشتن جو روپ آهن ان لاءِ انهن جي ترتيب تي هر وقت ڌيان رکڻ گهرجي. ڪتاب جي 19هين صحفي کان 22هين صحفي تائين وحيد محسن جو بهترين تعارف بہ شامل آهي جيڪو ليکڪ جي زندگيءَ جو سرمايو آهي. مرڪ پبليڪيشن ڪراچي جو 69هون ڪتاب "ننڍڙي پري" (ٻارن لاءِ ڪھاڻيون) ڊسمبر 2019ع تي شايع ٿيل آهي.
ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري ليکڪ جاويد شيخ لکيو آهي. لکي ٿو, ته :" وحيد محسن پنهنجي ڪھاڻين ۾ ڪجھ سنڌي محاورن ۽ اصطلاحن جو استعمال بہ ڪيو آهي سندس اها ڪوشش سنڌي ٻارن لاءِ لاڀائتي ٿيندي ۽ ان جي ڪھاڻين ۾ نصيحت، هدايت، معصوميت ۽ تارن جهڙي جهرمر ڪندڙ روشني تفريح ٻارن جي مستقبل سنوارڻ لاءِ ڪوشان نظر اچي ٿي."
وحيد محسن معاشري جي اندر اگهور ننڊ ستلن کي جاڳائڻ جي ڪرت سان رڌل آهي. تڏهن ته لطيف سرڪار فرمايو آهي.
اَگها ئي سگها ٿيا، جَي وِيٺا وٽ ويڄن،
ترسي طبيبن، چيٺي ھوند چڱا ڪيا
 
Back
Top