
20 مارچ 2003ع جي صبح پنج بجه چويتاليھ منٽن تي آمريڪي ميزائلن صدام حسين جي صدارتي محل کي نشانو بڻايو… اهي منظر سڄي دنيا جي ٽي وي اسڪرينن تي ڏيکاريا پئي ويا… ساڳئي وقت صدر جارج بش اعلان ڪيو ته “آپريشن عراق فريڊم” شروع ٿي چڪو آهي… دنيا کي ٻڌايو ويو ته عراق وٽ تباھي ڦهلائيندڙ هٿيار موجود آهن ۽ القاعده سان ان جا لاڳاپا آهن… ايندڙ اٺ سالن تائين آمريڪا ۽ ان جا اتحادي عراق تي ظلم ۽ ستم جا پهاڙ ٽوڙيندا رهيا.. انساني حقن جي ڌجيون اڏائيندا رهيا.. جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪندا رهيا.. پر اهي هٿيار ڪڏهن به نه مليا جن جو جواز بڻائي هيءَ جنگ شروع ڪئي وئي هئي…
هن جنگ جي نتيجي ۾ مقامي ذريعن موجب ڏھ لک عراقي شهري مري ويا.. لکين بي گهر ٿي پيا.. لکين ماڻهن کي ملڪ ڇڏي هجرت ڪرڻي پئي… هن تباهي کي جواز ڏيڻ لاءِ چيو ويو ته اسان عراقي ماڻهن کي صدام جي آمريت مان آزاد ڪرايو آهي… ٽوني بليئر جنهن خطرناڪ هٿيارن بابت ڪوڙي انٽيليجنس رپورٽ تيار ڪئي هئي.. آخرڪار معافي گهري… اصولي طور تي کيس عالمي فوجداري عدالت جي سامهون پيش ٿيڻ گهرجي ها.. پر يهودي بئنڪرن کيس سدائين لاءِ پنهنجي ڇانوري ۾ پناھ ڏئي ڇڏي… ستم ظريفي ڏسو ته تازو ئي کيس غزه جي نام نهاد امن عمل جي نگراني جو ڪم سونپڻ جي تجويز ڏني وئي…
عراق تي آمريڪي حملو 1991ع جي خليجي جنگ سان ڳنڍيل هو… آمريڪا ڪويت کي ته آزاد ڪرايو پر صدام کي اقتدار مان نه هٽايو… ان کان پوءِ جيڪو ڪجهه وچ اوڀر ۾ ٿيو.. ان جو ماسٽر پلان نيتن ياهو پنهنجي 1995ع ۾ لکيل ڪتاب “Fighting Terrorism: How Democracies Can Defeat Domestic and International Terrorists” ۾ ڏنو هو…
هي سلسلو عراق تي سخت پابندين سان شروع ٿيو.. تيل جي برآمد تي حدون لڳايون ويون.. گڏيل قومن جا معائنو ڪندڙ هر ميزائل سائيٽ جي نگراني ڪندا رهيا… عراق کي ايترو تنگ ڪيو ويو جو صدام 1998ع ۾ انهن معائنو ڪندڙن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏيو… ان جي جواب ۾ آمريڪا چار ڏينهن تائين بمباري ڪئي پر حڪومت نه ڦٽڪائي سگهيو… پوءِ نائين اليون کان پوءِ حالتون بدلجي ويون… آمريڪا دهشتگردي ۽ “روگ اسٽيٽس” يعني سرڪش ملڪن کي هڪ ئي درجي ۾ رکي ڇڏيو… صدر بش عراق.. ايران ۽ اتر ڪوريا کي “AXIS OF EVIL” قرار ڏنو ۽ اعلان ڪيو ته آمريڪا دنيا جي خطرناڪ حڪومتن کي برداشت نه ڪندو… آمريڪا اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو جو ڳالهه ٻولهه جي ڪا به گنجائش نه رهي…
آمريڪي انٽيليجنس صدام خلاف الزامن جي هڪ ڊگهي ڪهاڻي گھڙي… چيو ويو ته هن وٽ حياتياتي هٿيار آهن.. موبائل ليبارٽريون آهن.. ايلومينيم جا پائپ ايٽمي سينٽريفيوجز لاءِ آهن… فيبروري 2003ع ۾ ڪولن پاول گڏيل قومن ۾ هڪ شيشي جي بوتل ڏيکاري ۽ چيو ته اهو ئي اهو زهر آهي جيڪو صدام لڪائي رهيو آهي… پوءِ معلوم ٿيو ته اهو سڀ ڪوڙ هو… گڏيل قومن جا پنهنجا معائنو ڪندڙ هنس بليڪس ۽ محمد البرادعي بار بار چوندا رهيا ته عراق ۾ ڪو به فعال پروگرام موجود ناهي… پر واشنگٽن ۾ فيصلو اڳ ئي ٿي چڪو هو…
بغداد تي پهريون حملو 20 مارچ 2003ع تي ٿيو… آمريڪي فوج ۽ ان جا اتحادي جلدي اڳتي وڌيا… صدام جي فوج جيڪا سالن جي پابندين سبب ڪمزور ٿي چڪي هئي.. بکي پئي وئي… 9 اپريل تي بغداد تي قبضي جو اعلان ٿيو… ڪجهه هفتن بعد صدر بش هڪ ٻيڙيءَ تي بيهي چيو “مشن مڪمل ٿي ويو”.. پر ان کان پوءِ حقيقي تباهيءَ جو دور شروع ٿيو… آمريڪا عراقي فوج ختم ڪري ڇڏي.. هزارين سرڪاري ملازم فارغ ڪيا.. ۽ سڄو نظام هٿن مان نڪري ويو… لکين نوجوان بي روزگار ٿي پيا ۽ ملڪ ۾ ذلت ۽ مايوسيءَ جو احساس پکڙجي ويو… انهيءَ زمين مان ئي مزاحمت ۽ دهشتگردي پيدا ٿي…
پهريون حملو جولاءِ 2003ع ۾ ٿيو جڏهن هڪ آمريڪي قافلي تي بم ڦاٽيو… ان کان پوءِ روزانو ڪيترائي حمله ٿيڻ لڳا… اهڙي ماحول ۾ شيعه سني فساد ڪرائڻ لاءِ سني دهشتگرد گروهن کي تيار ڪيو ويو… اردن مان هڪ شدت پسند ابو مصعب الزرقاوي کي القاعده عراق جي نالي سان تنظيم ٺاهڻ لاءِ آندو ويو… هن تنظيم شيعه مسجدن تي خودڪش حملا شروع ڪيا… 2006ع ۾ سمارا ۾ امام عسڪري جي مزار تي ڌماڪي گهري تڪرار کي باهه ڏئي ڇڏي… بغداد جون گليون لاشن سان ڀرجي ويون… آمريڪا ظاهري طور تي صورتحال سنڀالڻ لاءِ جنرل پيٽريئس جي اڳواڻي ۾ وڌيڪ فوج موڪلي.. سني قبيلن کي مالي مدد ڏئي مضبوط ڪيو… ٿوري وقت لاءِ حالتون ظاهري طور سنڀالجي ويون پر اندروني طور فرقيوار ورهاست وڌيڪ وڌي وئي…
2011ع ۾ صدر اوباما آمريڪي فوج واپس گهرايائين… آمريڪا جي مقرر ڪيل وزيراعظم نوري المالڪي جي شيعه حڪومت ۽ سني گروهن ۾ فاصلو وڌندو رهيو جنهن جي نتيجي ۾ مغربي مدد سان داعش جو جنم ٿيو ۽ صرف ٽي سال بعد داعش موصل تي قبضي بعد خلافت جو اعلان ڪيو… داعش جا ظلم ايترا انسانيت سوز هئا جو دنيا جون ڪيترين ئي قوتون.. جن ۾ روس.. ترڪي ۽ ايران شامل هئا.. انهن کي روڪڻ لاءِ مداخلت شروع ڪئي… آمريڪي فوج به ٻيهر واپس آئي… اڄ به ٻن هزار کان وڌيڪ آمريڪي فوجي عراق ۾ موجود آهن…
هن جنگ جي انساني قيمت ناقابل تصور آهي… آمريڪي انگن مطابق چار هزار کان وڌيڪ آمريڪي فوجي مارجي ويا.. ٽيھ هزار زخمي ٿيا.. هڪ لک اٺيھ هزار کان وڌيڪ عراقي شهري مارجي ويا.. ٻه ملين بي گهر ٿيا… آزاد ذريعا چون ٿا ته ڏھ لک عراقي مارجي ويا هئا… چيو وڃي ٿو ته آمريڪا ٻن ٽريلين ڊالر خرچ ڪيا پر عراق جا اسپتال.. اسڪول ۽ بجلي گهر اڄ به تباهه حالت ۾ آهن… ساڳيا انگ افغانستان بابت به ٻڌايا وڃن ٿا.. اتي به عراق جهڙي تباهي آهي…
سڀ کان وڏو فائدو صهيوني ڪارپوريشنن کي ٿيو جن هن جنگ ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو… ڊڪ چيني جي اڳوڻي ڪمپني هيلي برٽن اربين ڊالر ڪمائي ورتا… هڪ مثال اها آهي ته بغداد ۾ ڪويت مان فيول آڻڻ جو هڪ ٺيڪو هو جنهن جي مارڪيٽ قيمت 80 هزار ڊالر هئي.. جيڪڏهن عراقي حڪومت روايتي طريقي سان اهو ٺيڪو ڏئي ها ته ان تي 240 هزار ڊالر خرچ ٿئي ها.. ساڳي ڪم لاءِ هيلي برٽن 27 ملين ڊالر ورتا هئا…
عراق جي جنگ مغربي ضمير تي اهڙو داغ آهي جيڪو مٽائڻ سولو ناهي… اڄ جڏهن آمريڪا ۽ ان جا اتحادي چين جي اويغور مسلمانن جي مسئلي کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ماڻهو انهن جي ڳالهه ٻڌڻ به نٿا چاهين… جڏهن آمريڪا ۽ يورپ وارا انساني حقن جي ڳالهه ڪن ٿا ته ناقد عراق ۽ افغانستان جي جنگ ۾ ٿيل انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ياد ڪرائن ٿا…
جڏهن به ڪنهن ملڪ خلاف جنگ جو ڪوڙو جواز پيش ڪيو وڃي ٿو.. ماڻهو ڪولن پاول جي شيشي کي ياد ڪن ٿا.. ٽوني بليئر جي ڪوڙي رپورٽ جو حوالو ڏين ٿا… جڏهن مغرب ڪنهن ملڪ ۾ انقلاب جي حمايت ڪري ٿو.. مشرقِ وسطى جا ماڻهو پڇن ٿا ته ڇا نتيجو عراق جهڙو ٿيندو؟ ۽ جڏهن ڪنهن ملڪ کي آزاد ڪرائڻ جو نعرو هنيو وڃي ٿو.. ته ماڻهو چون ٿا: ڇا جيئن عراقي آزاد آهن.. يا جيئن ليبيا جا ماڻهو آزاد ٿيا آهن؟
اڄڪلهه ٽرمپ امن جو ڪبوتر بڻجي دنيا ڀر ۾ اڏامي رهيو آهي ته جيئن مسلم دنيا پنهنجا سڀ ظلم وساري ڇڏي ۽ چين خلاف نئين جهاد ۾ ان سان شامل ٿي وڃي…