• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گُڙ جي لسي

گل ڀنگر

جونيئر رڪن
گُڙ جي لسي
تحرير: گل


اِهو پراڻن ڏينهن جو قصو آهي، جيڪو اسين سڀ ننڊپڻ ۾ ڪيترائي ڀيرا ٻڌندا اھيا سئين۔
ڪهاڻي ڪجهه ائين آهي ته هڪ عقل کان خالي بادشاهه کي ڳجھارتون ڀڃڻ جو جنون جي حد تايئن شوق ھو۔ صبح کان شام ۽ شام کان رات تائين سندس درٻار ۾ ڳجھارت ڀڃڻ جي محفل هلندي رهندي هوئي. جيڪا ڳجھارت بادشاهه نه ڀڃي سگهندو ھو، ٻڌائڻ واري کي ڪوڙن جي سزا ملندي ھئي۔
هڪ ڏينهن بادشاهه وزيرِ خاص کي حڪم ڏنو ته ڪو ڳجھارت ٻڌاءِ. وزير خاص پريشان ٿي ويو، ھن سوچيو ته جيڪڏهن مشڪل ڳجھارت ٻڌائيندس ۽ بادشاهه نه ڀڃيئن سگهيو ته منھنجي ڪوڙن سان چڱيءَ طرح خدمت ڪئي ويندي۔ ڪجهه دير سوچڻ کان بعد وزير عرض ڪيو،
”سرڪار! ڳجھارت ٿوري ڏکي آهي پر مونکي پڪ آهي ته اوهان جهڙو ذهين بادشاهه ان کي ضرور ڀڃي وٺندو“
بادشاهه خوش ٿي چيو، ”ڳجھارت ٻڌاءِ.“
وزير ڳجھارت ٻڌائي ته،
گهرن ۾ رهندي آهي
چار پيرن تي هلندي آهي
چُلهي جي چوڌاري ڦرندي آهي
مياؤں مياؤں ڪندي آهي
کڻي اھوان چئو اھا ٻلي آھي
هاڻي ٻڌايو، اها ڪهڙي شئي آهي؟

صاف ظاهر هو ته جواب ”ٻلي“ آهي پر بادشاهه مٿو پڪڙي ويٺو. گهڻي دير سوچڻ کان بعد چوڻ لڳو،
”ها! وئي. . . . . مونکي خبر پئجي وئي، اها آهي گُڙ جي لسي
سڀ درٻاري حيران ٿي ويا پر ڪو به ڪوڙن جي ڊپ کان ڪجهه چوڻ جي جرئت نه ڪري سڳيو.
وزير فوراً چاپلوسي ڪندي چوڻ لڳو،
”واهه سائين واه! لڳي ٿو اوهان اڳ ئي اها ڳجھارت ٻڌي هئي“
بادشاهه سينو ويڪرو ڪري چئو،
”نه هرگز نه، آئون ته پنهنجي عقل سان ڳجھارت ڀڳي آهي.“
۽ درٻار واه واه جي صدائن سان گونجي اُٿيو۔

هي ڪهاڻي رڳو افسانو نه آهي پر اڄ جي پاڪستان، خاص ڪري بلوچستان جي حالتن جو آئينو آهي۔ هتي به حڪمران ”گُڙ جي لسي“ وارا بادشاهه بڻيل آهن۔ سوال ڪجهه ٻيو هوندو آهي، جواب ڪجهه ٻيو ڏنو ويندو آهي۔
مسئلا ڪجهه ٻيا آهن پر حل ائين ڏنا وڃن ٿا ڄڻ ڀولڙي جي هٿ ۾ استرو اچي ويو هجي۔
ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آهي، نوجوان بيروزگاري سبب ذهني مريض بڻجي رهيا آهن۔ تعليمي ادارا تباهيءَ جو شڪار آهن، اسپتالن ۾ مريضن جون قطارون آهن پر نه دوائون آهن نه ڊاڪٽر۔
بلوچستان جي پري پري وارن ڳوٺن ۾ ته لڳي ٿو ڄڻ رياست جو وجود ئي ناهي۔ نه رستا آهن، نه پاڻي، نه بجلي آھي پر وزير ۽ مشير ايونن ۾ فخر سان چون ٿا ”اسان ترقياتي منصوبن تي اربين روپيا خرچ ڪيا آهن“
سوال اهو آهي ته اهي اربين روپيا آخر ڪيڏھان پيا ونڃن؟ عوام کي ته ڪو به فائدو نه ٿو نظر اچي۔
بلوچستان جو هاري اڄ به پاڻيءَ لاءِ تڙپي رهيو آهي، نوجوان روزگار جي ڳولا ۾ مارا مارا ڀري رھيا آهن، عورتون ميلون پري پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون پر ڪاغذن ۾ سڀ ڪجهه ”ٺيڪ ٺاڪ“ ڏيکاريو وڃي ٿو۔
سڄي ملڪ ۾ عوام جي حالتون ڪجهہ مختلف ناهن۔ ڪڏهن چون ٿا ”سي پيڪ خوشحالي آڻيندو“، ڪڏهن چون ٿا ”مهانگائي جي وڏي سبب عالمي حالتون آهن“۔
عوام جو سوال هوندو آهي ”نوڪري ڪٿي آهي؟ اٽو،ڀاڄي ائين دال ڇو مڱهائي ڪئي وئي آهي؟
تعليم ۽ علاج ڇو تباهه آهن؟“
پر جواب هميشه ”گُڙ جي لسي“ ملندو آهي۔
اسان جي بدقسمتي اها آهي ته هتي حقيقت بدران خوشامد جي پاليسي هلندي آهي۔ بادشاهه غلط جواب ڏئي ته به درٻاري تاڙيون وڄائين ٿا۔ ڪو به جرئت نٿو ڪري ته سچ ڳالهائي۔ نه ڪو وزير، نه ڪو مشير، نه ڪو ايم اين اي ايترو حوصلو رکي ٿو جو حڪمران کي ٻڌائي ته جواب غلط آهي۔ نتيجو اهو نڪري ٿو ته سماج هر روز زوال ڏانهن وڃي رهيو آهي۔
بلوچستان ۾ جيڪڏهن اڄ ڪو نوجوان هٿيار کڻي ٿو ته ان جي وڏي سبب اها آهي ته کيس پنهنجي سوالن جا سچا ۽ سڌا جواب نٿا ملن۔ جڏهن هر سوال جو جواب ”گُڙ جي لسي“ ڏنو وڃي ٿو ته عوام جو اعتماد به ٽٽي پوي ٿو ۽ اعتماد ٽٽڻ سان بغاوت پيدا ٿيندي آھي۔
انڃان به وقت آهي ته حڪمران ۽ انهن جا درٻاري هن ڪهاڻي مان سبق سکن۔ حقيقت کي حقيقت مڃن۔ جيڪڏهن مسئلو ”ٻلي“ آهي ته جواب به ”ٻلي“ هجڻ گهرجي، ”گُڙ جي لسي“ نه۔
جيڪڏهن مهانگائي آهي ته مڃن ته مهانگائي آهي ۽ ان جو حقيقي حل ڳولن۔ جيڪڏهن بيروزگاري آهي ته نوجوانن کي خالي واعدن بدران روزگار جا موقعا ڏين۔ جيڪڏهن اسپتال ويران آهن ته بيانن بدران دوائون ۽ ڊاڪٽر فراهم ڪن۔ جيڪڏهن تعليمي ادارا ڪمزور آهن ته نوٽيفڪيشن بدران استاد ۽ سهولتون مهيا ڪن۔
رڳو وڏا وڏا دعوٰي ڪرڻ سان ترقي نٿي اچي سڳي۔ اصل ترقي سچائي، ايمانداري ۽ عملي ڪمن سان ايندي آهي۔
 
Back
Top