الشيخ قادر بخش حیدری
فعال رڪن
			
		اسلام ۾ عورت جي عظمت 
تحرير : مولانا الشيخ قادر بخش حيدري
انسان جي تخليق ۾ عورت کي هڪ اھم ۽ پاڪيزه حيثيت حاصل آھي. جتي مرد زندگيءَ جي ظاهري محاذن تي ڪردار ادا ڪري ٿو، اُتي عورت زندگيءَ جي روح، محبت، ۽ تربيت جو سرچشمو بڻجي اُڀري ٿي. تاريخ جي هر دور ۾ جڏهن عورت کي ظلم، جهالت ۽ غلاميءَ جو نشانو بڻايو ويو، تڏهن اسلام اچي انساني عزت ۽ برابريءَ جو نئون باب کوليو.
اسلام عورت کي نه فقط معاشري جو ھڪ اھم فرد طور تسليم ڪيو، پر عظمت، حرمت ۽ عزت جي بلند ترين مرتبي تي فائز ڪيو. قرآن مجيد ۾ جتي مردن جي ذميوارين جو ذڪر آھي، اُتي عورتن جي حقن ۽ مرتبي کي به واضح ڪيو ويو آهي. رسول خدا صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جي تبليغ ۽ تعليم ۾ عورت نه ڪا معمولي مخلوق هئي، ۽ نه ئي حقن کان محروم، عورت هڪ اهڙي هستي جيڪا خاندان جي بنياد، سماج جي روح، ۽ امت جي بقا جو سرچشمو آهي.
اسلام چيو ته جنت ماءُ جي پيرن ھيٺ آھي ـ اهو اعلان، عورت جي حيثيت ۽ عظمت جو سڀ کان وڏو بيان آهي. نبي ڪريم صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جي زندگيءَ ۾ حضرت خديجهؓ جي قربانين ۽ حضرت فاطمه زهراؑ جي پاڪيزگيءَ جو مثال، عورت جي اسلامي عظمت جو روشن دليل آهي.
اسلام جي نظر ۾ عورت صرف گهر جي چئن ديوارن تائين محدود نه آهي، پر علم، عبادت، اخلاق ۽ سماجي خدمت ۾ مرد جي برابر حصيدار آهي. قرآن عورت کي “لباسٌ لکم وأنتم لباسٌ لهنّ” (اوھين هڪ ٻئي لاءِ لباس آهيو) جي تشبيھ سان بيان ڪري، انساني توازن ۽ محبت جو فلسفو پيش ڪيو.
اسلام اهو سبق ڏنو ته عورت عزت جو تاج آهي، ۽ محبت جو گهر آهي، ۽ انسانيت جي بقا جو سڀ کان مقدس ذريعو آهي. تنهن ڪري، جڏهن ڪو اسلام ۾ عورت جي عظمت تي ڳالهائي ٿو، ته اها رڳو صنف بابت گفتگو نه آهي، پر انسانيت جي اصل قدردانيءَ جو اظهار آهي.
دينِ اسلام، عورت کي نه رڳو تسليم ڪيو آهي، پر هن لاءِ مستقل شخصيت، حيثيت ۽ حقن جو نظام قائم ڪيو آهي. عورت جو مقام اسلام ۾ هڪ نرالو ۽ بي مثال مقام آهي ـ اھڙو مقام جيڪو اڳئين ڪنھن بہ قوم يا مذهب عورت کي نه ڏنو هو۔
اسان جا ديني پيشوا به عورتن لاءِ تمام وڏي عزت ۽ احترام جا قائل رهيا آهن. جيئن باني اسلام حضرت محمد مصطفىٰ صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم ان زماني ۾، جڏهن عرب جاهليت ۾ پنهنجين نياڻين کي زنده دفن ڪندا هئا، حضرت فاطمه زهراءِ سلام الله عليها کي پنهنجي اکين جو ٺار ۽ جسم جو ٽڪڙو قرار ڏنو ۽ قيامت تائين ھر عورت جي عظمت کي باقي رکيو ۔
اسلام عورت کي انساني وقار جو مڪمل حق ڏئي ٿو ۽ قرآن مجيد ۾ عورت جي عظمت اهڙي وضاحت سان پيش ڪئي وئي آهي، جو هر مسلمان لاءِ عورت جي عزت ڪرڻ هڪ ديني فريضو بڻجي ٿو۔
قرآن ۽ عورت جو مقام
سڀ کان پھريان تہ اللہ جي نزديڪ ڪنھن مخصوص قوم ، قبيلي مرد يا عورت جي ڪابہ حيثيت نہ آھي بلڪہ ان جي نظر بندہ جي بندگي آھي يعني انسان خدا جو ڪيترو مطيع آھي ، باقي قبيلہ ذات پات ۽ قومن جي ورھاست سڃاڻپ خاطر آھي مغرب وارن ۽ اسلام جي مخالفن جو اسلام تي اھو اعتراض تہ اسلام ۾ عورت جي ڪا بہ حيثت ناھي انھن جو چوڻ تہ عورت قيد آھي يا عورتون مردن جي مقابلي ۾ ڪابہ اھميت نٿيون رکن وغيرہ ....ليڪن حقيقت ۾ مغرب عورتن کي آزادي جي بھاني انھن کي پنھنجي حقن کان محروم ڪري رھيو آھي .
حقيقت اھا آھي تہ اسلام عورتن کي پنھنجا پورا حق ڏنا آھن جيڪي ڪنھن بہ مذھب ناھن ڏنا ،عورت اگر ڌي جي صورت ۾ آھي تہ پيءُ ۽ ماءُ جي مٿان لازم آھي تہ ان جي سنڀال ڪن ، اھا عورت اگر زال جي صورت ۾ آھي تہ ان جي شوھر جي مٿان لازم آھي تہ ان جي رھڻ ، کائڻ ۽ لباس وغيرہ جو بندوبست ڪري مطلب تہ عورت جي مٿان سرپرست رکيو ويو آھي تاڪہ ان جي ضروريات زندگي کي پورو ڪري .
اسان ھيٺ قرآن مجيد منھجان ڪجھ آيتون پيش ڪيون ٿا جن ۾ عورت جي عظمت اڃا وڌيڪ روشن ۽ واضح ٿئي ٿي ، عورت بہ خدا جي نظر ۾ مردن کان گھٽ ناھي ايسيتائين جو ڪجھ عورتون مردن کان بہ افضل آھن .
لِلرِّجَالِ نَصِیبٌ مِمَّا اکْتَسَبُوا ۖ وَلِلنِّسَاءِ نَصِیبٌ مِمّا اکْتَسَبْنَ ...... النساء 32
۽ خدا جو توهان مان هڪڙي کي ٻئي تي فضيلت ڏني آهي، ان جي هوس نه ڪريو (ڇو ته
فضيلت يا مرتبو ته نيڪ اعمال تي آهي) مردن کي پنهنجي ڪئي جو حصو آهي ۽ عورتن
کي پنهنجي ڪئي جو حصو پر (هيءَ ٻي ڳالھ آهي) جو اوهان خدا کان سندس فضل ۽
ڪرم جي گهر ڪريو. خدا ته هر شيءِ کان بلڪل واقف آهي
جڏهن قرآن انسان جو ذڪر ڪري ٿو ـ جيڪو حقيقت ۾ عورت يا مرد نه پر انسان آهي ـ ته اهو صرف انساني ذات جي ڳالهه ڪري ٿو، جنهن ۾ مرد ۽ عورت برابر آهن. جڏهن انساني مقام ۽ ان جي برتري تي ڳالهه ٿئي ٿي، يا انهن امانتن تي جيڪي انسان کي سونپيون ويون آهن، يا روح خدا جو جيڪو ان ۾ دم ڪيو ويو آهي، يا جڏهن خدا پاڻ کي انسان جي تخليق ۾ مبارڪ سمجهي ٿو، تڏهن اهو سڀ انسان جي بلند حقيقت جي ڳالهه آهي، جنهن ۾ مرد ۽ عورت برابر حصيدار آهن.
وري ٻي جاءِ تي قرآن فرمائي ٿو:
لَيْسَ لِلْإِنسَانِ إِلَّا مَا سَعَى (نجم 39
پڻ هي ته انسان کي اهو ئي (ڪجھ) ملندو آهي جنهن جي اهو ڪوششش ڪندو آهي.
..... إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِندَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ . حجرات 13
انسانو! اسان اوهان کي هڪ مڙس ۽ هڪ زال مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان کي ذاتيون
۽ پاڙا ڪيو آهي ته (جيئن) هڪ ٻئي کي سڃاڻو (باقي) اوهان مان زياده چڱو الله وٽ اهو
آهي جيڪو اوهان مان ڏاڍو پرهيزگار آهي. بيشڪ الله (سڀ ڪجھ) ڄاڻندڙ (۽) پوري پوري
خبر رکندڙ آهي
إِنِّي لا أُضِيعُ عَمَلَ عَامِلٍ مِنكُم مِّن ذَكَرٍ أَوْ أُنثَىٰ بَعْضُكُم مِّن بَعْضٍ . آل عمران / 195
پوءِ سندن پروردگار انهن جي دعا قبول ڪئي (۽ فرمايائين ته) آءُ اوهان مان ڪنهن عمل ڪندڙ مرد يا عورت جو عمل نه وڃائيندس. اوهين هڪ ٻئي (جي جنس) مان آهيو.
(يعني اوهين مرد هجي يا زال مون وٽ سڀ برابر آهيو). پوءِ جن ماڻهن (اسان لاءِ) وطن
ڇڏيو ۽ پنهنجن ماڳن مان ڪڍيا ويا ۽ اسان جي راھ ۾ ڏکويا ويا ۽ (ڪافرن سان) جنگ
ڪيائون ۽ شهيد ٿيا ته آءُ ضرور سندن براين کي درگذر ڪندس ۽ انهن کي ضرور بهشت
جي باغن ۾ داخل ڪندس. جن جي هيٺان واھ وهن ٿا. اهو بدلو خدا وٽان (اهڙو ئي آهي
جو) بيشڪ ان وٽ ته سٺو بدلو ئي آهي
إِنَّ الْمُسْلِمِينَ وَالْمُسْلِمَاتِ وَالْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ... (احزاب / 35
يشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون عورتون ۽
فرمانبرادر مرد ۽ فرمانبردار عورتون ۽ سچا مرد ۽ سچيون عورتون ۽ صبر ڪندڙ
عورتون ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ خيرات
ڪندڙ مرد ۽ خيرات ڪندڙ عورتون ۽ روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون ۽ پنهنجي
اگهڙن جي حفاظت ڪندڙ مرد ۽ نگهباني ڪندڙ عورتون خدا کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد ۽
ياد ڪندڙ عورتون، انهن (سڀني) لاءِ خدا معافي ۽ (تمام) وڏو اجر تيار ڪري رکيو آهي
هن آيت مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ايمان، عبادت، صبر ۽ اعمال صالح ۾ عورت ۽ مرد ٻئي برابر آهن.
الله وٽ عورتِ مومن ۽ مردِ مومن جي ڪا تفريق نه آهي؛ ٻنهي جو اجر ۽ عزت هڪ جهڙي آهي ۔ جڏھن اسان تاريخ اسلام جي ورقن کي اٿلائيندا سين تہ اسان کي عورتن جي روپ ۾ الھي نمايندا نظر ايندا جن پنھنجي حياتي ، پنھنجي عزت ، پاڪدامني ۽ اطاعت الھي ۾ وقف ڪري ڇڏي آھي .
يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُم مِّن ذَكَرٍ وَأُنثَىٰ (حجرات / 13
انسانو! اسان اوهان کي هڪ مڙس ۽ هڪ زال مان پيدا ڪيو آهي
اسلام ڪڏهن به عورت ۽ مرد ۾ خلقت يا حيثيت جي لحاظ سان فرق نٿو رکي۔
برتريءَ جو معيار صرف ۽ صرف تقوىٰ (پرھيزگاري) آهي۔
هن آيت ۾ انساني برابريءَ جو اعلان آهي۔
اسلام عورت ۽ مرد ٻنهي کي انسانيت جي هڪ ئي درجي ۾ رکي ٿو ۽ الله وٽ سڀ کان وڌيڪ عزت وارو، جنس جي لحاظ سان نه، پر تقوىٰ جي لحاظ سان برتر آهي۔ اھو ھرگز درست ناھي تہ اللہ وٽ صرف مردن جو مقام آھي ھن آيہ ڪريمہ جي روشني ۾ خدا جي نزديڪ اگر ڪنھن جو مقام ۽ عظمت آھي تہ اھو تقوي وارو آھي چاھي اھو مرد ھجي يا عورت .
اهي آيتون ثابت ڪن ٿيون ته انسان جي اصليت ۾ عورت ۽ مرد برابر آهن. پر انساني نفسيات ۽ عقل ۾ اهڙيون خاصيتون آهن جيڪي ٻنهي جنس کي مخصوص فرض ۽ ذميواريون سونپين ٿيون، جيڪي زندگي جي مختلف شعبن ۾ منصفاڻو ۽ موزون تقسيم آهن.
هدايت سڀني انسانن لاءِ آهي
قرآن مجيد جي نظر ۾ هدايت ۽ رحمت الاهي سڀني انسانن لاءِ آهي، ۽ ان ۾ ڪنهن مرد يا عورت جي تخصيص نه ڪئي وئي آهي۔
الله تعاليٰ فرمايو:
إِنَّا هَدَیْنَاهُ السَّبِیلَ إِمَّا شَاکِرًا وَإِمَّا کَفُورًا
سوره انسان آيہ 3
اسان کيس سڌي راھ به ڏيکاري (هاڻي اهو) شڪر گذار ٿئي يا بي شڪرو بڻجي
هيءَ آيت انسان جي آزادي، اختيار ۽ مساوات جو اعليٰ فلسفو پيش ڪري ٿي۔
اسلام چوي ٿو ته عورت ۽ مرد ٻنهي کي پنهنجي ڪردار، ايمان ۽ عمل سان ڪمال جي منزل تي پهچڻ جو موقعو برابر حاصل آهي ۔
قرآن ۾ عورتن جا نمونا ۽ الڳ مقام
قرآن مجيد عورت کي نه صرف عزت ڏني آھي ، پر عورتن جا بهترين نمونا ۽ راھنما مثال پڻ پيش ڪري ٿو۔
انهن مان هڪ بيبي آسيا، زوجه فرعون ۽ ٻي بيبي مريم بنت عمران آهي۔
الله تعاليٰ فرمايو:
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِلَّذِینَ آمَنُوا امْرَأَتَ فِرْعَوْنَ إِذْ قَالَتْ رَبِّ ابْنِ لِی عِنْدَکَ بَیْتًا فِی الْجَنَّةِ وَنَجِّنِی مِنْ فِرْعَوْنَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنِی مِنَ الْقَوْمِ الظَّالِمِینَ
سورہ تحريم آيہ 11
۽ خدا ايمان وارن لاءِ فرعون جي زال (آسيه) جو مثال بيان ڪيو آهي ته جڏهن ان دعا گهري:
پروردگار! منهنجي لاءِ پاڻ وٽ بهشت ۾ هڪ گهر بنائي! ۽ مون کي فرعون ۽ سندن
ڪرتوتن کان پناھ ڏي ۽ مون کي ظالم ماڻهن (جي هٿن) کان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.
اهڙيءَ طرح، قرآن پاڪ مريم عليها السلام کي به پاڪدامني، ايمان ۽ تسليم جي علامت طور پيش ڪري ٿو۔
۽ عمران جي ڌيءَ مريم جنهن پنهنجي شرمگاھ کي (مردن کان) بچايو، پوءِ
اسان ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيو ۽ ان پنهنجي پالڻهار جي ڳالهين ۽ سندس ڪتابن کي سچو
ڪري مڃيو ۽ پاڻ تابعدارن مان هئي
هيءَ ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته اسلام عورت کي نه رڳو سماجي وجود طور قبول ڪري ٿو، پر روحاني ۽ ايماني ڪمال جو اعليٰ نمونو پڻ تسليم ڪري ٿو۔ حضرت بيبي آسيا جيڪا فرعون جي زوجہ آھي اھا خدا جي نگاہ ۾ مومنن لاءِ نمونہ آھي ۽ ھوءَ پاڻ کي فرعون ۽ ان جي عمل کان نجات ٿي ڏياري
عورتن جا حق ۽ اسلام جو قانوني نظام
اسلام عورتن لاءِ نه رڳو روحاني، پر سماجي ۽ قانوني حقن جو نظام به قائم ڪيو
قرآن ۽ احاديث ۾ عورتن تي جيڪي ذميواريون آهن، ساڳيءَ طرح انهن جا حق به مقرر ڪيا ويا آهن۔
اسلام عورت کي ملڪيت، تعليم، شادي، طلاق، وراثت، شهادت ۽ سماجي حيثيت ۾ واضح حق عطا ڪري ٿو، جيڪي ڪنهن ٻئي قديم نظام ۾ موجود نه هئا۔
علم حاصل ڪرڻ عورتن جو حق
اسلام عورت کي علم ۽ شعور کان روڪيندو ناهي، بلڪه عورت ۽ مرد ٻنهي لاءِ تعليم کي فرض قرار ڏنو ويو آهي.
رسول الله صلي اللہ عليہ وآلہ وسلمفرمايو:
طلب العلم فریضة علی کل مسلم و مسلمة
امالي شيخ طوسي حديث 40، ص 486
علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان مرد ۽ عورت تي فرض آهي۔
اسلام چاهي ٿو ته عورتون به علم، فهم، ۽ تربيت جي ذريعي پنهنجي شخصيت سنوارين، پنهنجي گهر ۽ سماج کي روشني ڏئي۔۽ اسلام عورت کي بيخبر، غافل يا جهل ۾ رهڻ نه ٿو گهري، پر عورت کي انساني ترقيءَ جي برابر ميدان ۾ رکيو آهي۔
اسلامي فڪر موجب، عورت نه صرف خاندان جو مرڪز آهي، پر امت جي فڪري ۽ اخلاقي تربيت جو سرچشمو پڻ آهي۔ اسلام جي طرفان مومنن کي وڏي ۾ وڏو اجر ملي ٿو اھو آھي جنت ليڪن اھا جنت خدا ماءُ جي قدمن ھيٺ رکي آھي ، الله صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم فرمايو:
الجنّة تحت أقدام الأمهات
جنت مائرن جي پيرن ھيٺ آهي رسول
زندگيءَ جو حق
اسلام کان اڳ عورت کي سماج ۾ گھٽ اهميت حاصل هئي، ۽ گهڻو ڪري زنده دفن ڪيو ويندو هو:
وَإِذَا بُشِّرَ أَحَدُهُمْ بِالْأُنْثَیٰ ظَلَّ وَجْهُهُ مُسْوَدًّا وَهُوَ کَظِیمٌ (سوره نحل 58)
۽ جڏهن انهن مان ڪنهن هڪ کي ڌيءَ ڄمڻ جي خوشخبري ٻڌائجي ته ڏک مان سندس
منهن ڪارو ٿي وڃي ٿو. ۽ اهو ڄڻ زهر جهڙو ڍڪ پي ڍڪر ۾ اچي ٿو.
( ڌيءُ جي) عار کان جنهن جي کيس خوشخبري ڏني ويئي آهي، قوم جي ماڻهن کان پيو
لڪندو ڇپندو. (۽ پيو سوچيندو) ته ڇا ڪري! خواري (سر تي) کڻي کيس جيئرو ڇڏي يا
کيس (جيئرو ئي) زمين ۾ پوري ڇڏي. (ڏسو ته!) اهي ڪهڙو نه بڇڙو حڪم لڳائين ٿا
رسول صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جي نبوت سان، عورت جي عزت بحال ٿي، ۽ نياڻين کي رحمت ۽ برڪت جو ذريعو قرار ڏنو ويو
جاهليت جي زماني ۾ جڏهن ڪنهن عرب کي اهو ٻڌايو ويندو هو ته تو وٽ ڌيءَ ڄائي آهي، تڏهن هو ڪاوڙ ۽ شرم ۾ ڪارا ٿي ويندا هئا. بدخبريءَ ۽ سماجي رسوائيءَ جي خوف سبب هو چپ ٿي وڃي سوچ ۾ پئجي ويندا هئا ته ڇا ان ٻارڙي کي جيئرو رکڻ سان ذلت برداشت ڪن يا ان کي جيئري ئي مٽيءَ هيٺ لڪايو ڇڏين. اهو عمل انهن لاءِ عام رواجي رسم بڻيل هو.
چون ٿا ته عرب پنهنجي ٻار ڄمڻ کان اڳ ئي زمين ۾ هڪ کوهه کوٽيندا هئا. جيئن ئي کين معلوم ٿيندو ھو ته ڄاول ٻار نياڻي آهي، تڏهن هو ان معصوم کي انهي کوهه ۾ اڇلائي مٿس مٽيءَ جو ڍير ڪري ڇڏيندا هئا، جيستائين اها بيگناهه ٻارڙي مٽيءَ هيٺ دم نه ڏئي ڇڏي.
طباطبائي، محمد حسين، الميزان في تفسير القرآن، ترجمه موسوي همداني، ج12، ص401
اسلام سڀني انسانن لاءِ زندگيءَ جو حق مقرر ڪيو آهي. ڪنهن به شخص کي اهو حق حاصل نه آهي ته هو ڪنهن نياڻي کي زنده دفن ڪري يا انساني جان کي بغير حق جي ختم ڪري. جيڪو اهڙو ڪم ڪري، اهو آخرت ۾ سخت پڇاڻي ۽ عذاب جو مستحق بڻبو.
قرآن مجيد ۾، سوره التکوير ۾ الله تعاليٰ انهي ظلم کي ياد ڪندي فرمائي ٿو:
وَإِذَا الْمَوْءُودَةُ سُئِلَتْ
بِأَيِّ ذَنبٍ قُتِلَتْ
۽ جڏهن جيئري پوريل نياڻي کان پڇيو ويندو، ته ڪهڙي گناھ ڪري ماري وئي هئين؟
سوره التکوير، آيت 7-9
هيءَ آيتون نه رڳو جاهليت جي بربريت جو پردو چاک ڪن ٿيون ، پر عورت جي زندگيءَ، وجود ۽ عزت جي حفاظت لاءِ اسلامي فڪر جو دائمي پيغام به ڏئي ٿي. اسلام اعلان ڪري ٿو ته هر انساني جان ڇوڪري هجي يا ڇوڪرو خدا جي امانت آهي، ۽ ان جو قتل ظلمِ عظيم آهي.
حق آبرو (عزت)
الله جي نظر ۾ عورت ۽ مرد جي عزت برابر اهم آهي۔
تهمت ڏيڻ ۽ عورتن جي آبرو کي ختم ڪرڻ سخت منع آهي، جيئن الھي فرمان آھي تہ :
إِنَّ الَّذِینَ یَرْمُونَ الْمُحْصَنَاتِ الْغَافِلَاتِ الْمُوْمِنَاتِ لُعِنُوا فِی الدُّنْیَا وَالْآخِرَةِ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِیمٌ (نور 23)
بيشڪ جيڪي ماڻهو پاڪ دامن بي خبر ايمان وارين زالن تي (بدڪاريءَ) جي تهمت هڻن
ٿا، تن تي دنيا ۽ آخرت ۾ (خدا جي) لعنت آهي ۽ انهن لاءِ سخت عذاب آهي
حق امر به معروف ونھي از منکر
اسلام ۾ نيڪين جي ھدايت ۽ براين کان روڪڻ صرف مردن تائين محدود ناهي۔
الله فرمائي ٿو:
وَالْمُوْمِنُونَ وَالْمُوْمِنَاتُ بَعْضُهُمْ أَوْلِیَاء بَعْضٍ یَأْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَیَنْهَوْنَ عَنِ الْمُنکَرِ (توبه 71)
۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون زالون (پاڻ ۾) هڪ ٻئي جا رفيق آهن، چڱي ڪم جو
حڪم ڪن ٿا، ۽ بڇڙي ڪم کان جهلين ٿا ۽ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوات ڏيندا رهن ٿا،
پڻ خدا ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا. هي اهي آهن جن تي خدا جلد ئي رحم
ڪندو. بيشڪ خدا غالب حڪمت وارو آهي.
. الله ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن سان (بهشت جي) اهڙن باغن جو وعدو ڪيو
آهي جن جي هيٺان واھ وهن ٿا ۽ اهي ان ۾ هميشه رهندا. (بهشت) عدن جي باغن جي
سٺن سٺن محلن جو به (وعدو فرمايو آهي). ۽ خدا جو راضپو ته انهن سڀني کان اتاهون
آهي. اها ئي ته وڏي (اعلى درجي جي) ڪاميابي آهي
ھن آيہ ڪريمہ ۾ معاشري جي ڀلائي لا۽ مرد ۽ عورتون ٻئي برابر ڪردار ادا ڪن .۔
حق نفقه
حق مهر
اسلام ۾ حق مهر جو ادا ڪرڻ مرد لاءِ واجب آهي:
وَ آتُوا النِّساءَ صَدُقاتِهِنَّ نِحْلَه (نساء 4)
يعني مهر عورت کي دل جي خوشي سان ڏنو وڃي، ۽ ان ۾ غفلت گناهه آهي۔
حق ارث
اسلام عورت کي وراثت ۾ حصو ڏئي ٿو:
لِلرِّجَالِ نَصِیبٌ مِمَّا تَرَکَ الْوَالِدَانِ وَالْأَقْرَبُونَ وَلِلنِّسَاءِ نَصِیبٌ مِمَّا تَرَکَ الْوَالِدَانِ وَالْأَقْرَبُونَ (نساء 7)
جنهن (مال) کي ماءُ پيءُ يا مائٽ ڇڏي ويا ان مان مردن لاءِ (هڪ خاص) حصو آهي ۽ زالن
لاءِ به ان (مال) مان جنهن کي سندن ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي ويا، ٿورو هجي يا گهڻو هجي
(هر شخص جو) حصو (اسان جي طرفان) مقرر ڪيل آهي
مرد ۽ عورت جي فطري قابليتون
عورت کي طبيعت جي لحاظ کان جذباتي، رحم دل ۽ تڪڙي ردعمل وارن صلاحيتن سان پيدا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مرد کي صبر، مستقل مزاجي، ۽ سوچ ويچار ڪرڻ جي صلاحيت ڏني وئي آهي. انهيءَ سبب مرد کي نفقو ڏيڻ ۽ خاندان جي سرپرستي لاءِ وڌيڪ موزون قرار ڏنو ويو آهي.
سيد قطب لکندا آهن: "هي خاصيتون عورت جي جسماني، ۽ ذهني ساخت ۾ جڙيل آهن. هر سيل ۾ انهن جي جڙ موجود آهي." مرد لاءِ به ساڳيون خصوصيتون جڙيل آهن جيڪي کيس سرپرستي جي ذميواري نڀائڻ لاءِ وڌيڪ قابل بڻائين ٿيون.
شيخ محمد عبده لکن ٿا : "آيت وَلِلرِّجَالِ عَلَيْهِنَّ دَرَجَةٌ مرد کي خاندان جي حفاظت ۽ ذميواري لاءِ ضروري بڻائي ٿي، جيئن زندگي جي معاشرتي ۽ خانداني اصول پورا ٿي سگهن."
علامه طباطبائي پڻ فرمائين ٿا ته لفظ المعروف ان طرز عمل کي بيان ڪري ٿو جيڪو انسان جي فطرت سان هم آهنگ هجي. مرد جي هڪ درجي جي برتري به فطري صلاحيتن ۽ سماجي قابليتن جي بنياد تي جائز ۽ قبول ٿيل آهي
مرد جو حصو عورت جي ڀيٽ ۾ ٻه ڀيرا
اسلامي قانون ۾ عورت جي وراثت تي بحث هميشه اهم رهيو آهي. قرآن عورت کي وراثت ۾ حصو ڏيڻ جي اجازت ڏني، جنهن سان جاهلي نظام، جنهن ۾ عورت کي وراثت کان محروم ڪيو ويندو هو، ختم ٿيو:
۽ پوءِ خداوند حڪم ڏنو
يُوصِيكُمُ اللَّهُ فِي أَوْلَادِكُمْ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْأُنثَيَيْنِ (نساء / 11)
يعني پٽن کي ڌيئرن جي ٻه ڀيرا حصو حاصل آهي. اهو تقسيم خداوند طرفان مقرر آهي، جيئن مرد جي ذميواريون وڌيڪ ۽ وسيع آهن، ۽ عورت جي ذميواريون محدود آهن ۽ اھڙي طرح عورت کي پيءُ وٺان بہ ملي ٿو ۽ شور وٽان بہ . اسلام ۾ عدل انھن جي ذميوارين ۽ حصن جي تناسب تي مبني آهي، جيئن مرد ۽ عورت گڏجي خاندان ۽ سماج ۾ توازن برقرار رکن.
عورت جي حرمت، شفقت ۽ احسان
اسلام عورت سان سختي ۽ تنديءَ سان پيش اچڻ کان مڪمل طور روڪي ٿو ۽ کيس عزت ۽ وقار سان پيش اچڻ جي سخت سفارشون ڪيون ويون آهن. امير المؤمنين علي عليه السلام پنهنجي فرزند امام حسن عليه السلام کي لکي ٿو:
"عورت گل آهي، نه بهادر، ۽ سندس عظمت کي پاڻ تي ڇڏي نه ڏجو."
نهج البلاغه، خط 31، سيد رضى، صفحو 405
يعني عورت جي عزت ۽ وقار کي برقرار رکو، سندس حق ٻين جي وساطت تي نه ڇڏي ڏيو، هر حال ۾ سندس وقار ۽ عظمت پاڻ تي ڀاڙي.
ڪليني به اهوئي بيان ڪيو آھي :
"هن جي اکين کي ڍڪيو، حجاب ۾ رکو، ۽ اهڙو سلوڪ ڪيو جو هو ٻين جي وساطت کان شفاعت طلب نه ڪري."
الکافي، کليني، 5/510، حديث 3
امام صادق عليه السلام فرمائين ٿا ته عورت سان نرمي ۽ درگذر لازمي آهي ، جيڪڏهن هوءَ نادان ٿي وڃي ته معاف ڪيو."
الکافي، حديث 1
مرد جو فرض ۽ عورت جا حق
قوميت ۽ عدل جو اصول واضح آهي: مرد عورت جي حقن جو قائم ڪندڙ آهي، ۽ سندس ذميواري آهي ته هو نرم رويي، شفقت، ۽درگذر سان گڏ زندگي گذاري.
پيغامبر صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم فرمائين ٿا:
"بهترين شخص اهو آهي جيڪو پنهنجي گهر وارن لاءِ بهترين هجي، ۽ مان انهن لاءِ بهترين آهيان."
الکافي، حديث 5/362؛ وسائل الشيعه، 20/168 ـ171
"جن مردن پنهنجي زال جي حقن کي پامال ڪيو، انهن تي لعنت ڪئي وئي آھي ."
من لا يحضره الفقيه، صدوق، 3/103، حديث 417
يعني عورت تي ظلم ڪندڙ مرد نيڪ ماڻهن ۾ شامل نه آهن، بلڪه انهن مان آهن جيڪي شريرن ۾ شمار ٿين.
عورت جا فرض
امام علي عليه السلام فرمائين ٿا:
(نهج البلاغه: خط ۳۱)
عورت تي پنهنجي طاقت کان وڌيڪ بوجھ نه وجھو، ڇو ته اهو سندس لاءِ وڌيڪ مناسب، آرامده ۽ خوبصورتي کي برقرار رکڻ وارو آهي.
عورت جو پهريون فرض شوهر سان ڀلي سلوڪ ڪرڻ ۽ اولاد جي تربيت آهي. امام علي عليه السلام فرمائين ٿا:
"جهاد المراة حسن التبعل"
عورت جو جهاد، سٺي طرح همسردار ٿيڻ آهي.
امام علي عليه السلام عورت ۽ مرد کي برابر سرمائيدار مخلوق سمجهن ٿا، پر هر هڪ پنهنجي خاص خصوصيتن سان ظاهر ٿئي ٿو.
امام علي عليه السلام جي هي نصيحت عورت جي نفسياتي ۽ فطري جوڙجڪ تي مبني آهي. اسلام عورت تي ڪا پابندي نه ٿو مڙهي، پر ان جي فطري طاقت ۽ سڪون کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ٿو. عورت جيڪڏهن پنهنجي گهر جي تربيت، اولاد جي پرورش ۽ مڙس سان نيڪ سلوڪ جي ذميواري نڀائي ٿي، ته اها ئي حقيقت ۾ اسلامي سماج جي بنياد کي مستحڪم بڻائي ٿي.
(نهج البلاغه: حکمت ۲۲۶)
عورتن جون بهترين خصلتون، مردن جي بدترين خصلتن جهڙوڪ غرور، ڊڄ ۽ بخل سان مشابهت رکن ٿيون. عورت جيڪڏهن متڪبر هجي، صرف پنهنجي مڙس جي آڏو سر جھڪائي ٿي؛ جيڪڏهن بخل جوڙيندي، پنهنجو ۽ مڙس جو مال بچائي ٿي؛ ۽ جيڪڏهن ڊڄندي، هر پيش ايندڙ شيءِ کان بچندي آهي.
عورتن جا فرض ۽ سماجي ذميواريون
اڄ جي جديد سماج ۾ ڏسجي ٿو ته عورتون هر شعبي ۾ قدم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، حتّىٰ ڪي اهڙا ڪم به اختيار ڪرڻ چاهين ٿيون، جيڪي سندن فطرت ۽ روحن سان ميل نه ٿا رکن.
اهڙي صورتحال ۾ اميرالمؤمنين حضرت علي عليه السلام عورتن جي فطري حدن ۽ سندن ذميوارين بابت نهايت حڪيمانه هدايت فرمائي ٿو:
حضرت علي عليه السلام فرمايو:
«جهادُ المرأةِ حسنُ التبعلِ»
“عورت جو جهاد، پنهنجي مڙس سان بهترين همسرداری ڪرڻ آهي.”
(وسائل الشيعة، ج ۲۰، ص ۲۳۵؛ نهج البلاغه، مضمون مطابق)
يعني جيئن مرد لاءِ جهاد في سبيل الله آهي، تيئن عورت لاءِ جهاد گهر جي نظام، اخلاق ۽ محبت کي برقرار رکڻ ۾ آهي.
اهو ئي سبب آهي جو امام علي عليه السلام عورت جي حقيقي ڪردار کي “گهر جي محبت ۽ نسل جي تربيت” سان ڳنڍي ٿو جيڪو هڪ اسلامي حڪومتي نظام جي بنيادي پٿر جي حيثيت رکي ٿو.
اهو فرض فقط شخصي ڪردار نه، پر اجتماعي ذميواري به آهي جنهن جي ذريعي اسلام عورت کي معاشري جي روحن سان ڳنڍي ٿو.
اسلامي حڪومت جو هڪ اهم نتيجو عورتن جي عزت ۽ احترام جو قائم ٿيڻ آهي.
اميرالمؤمنين عليه السلام پنهنجي خطبي ۾ حڪومت دينيءَ جي نعمتن جو ذڪر ڪندي عورتن جي عزت کي هڪ اهم نشاني قرار ڏئي ٿو.
«وقد بلغتم من کرامة الله تعالی لکم منزلة تکرم بها إماؤکم و توصل بها جیرانکم…»
“اوھان کي الله تعاليٰ پنهنجي ڪرامت سان ايتري عزت ڏني، جو (اسلام جي ڪري) اوهان جون ڪنيزون اوهان جي عزت ڪرڻ لڳيون، ۽ اوهان جي پاڙيسرين سان به نيڪ سلوڪ ٿيڻ لڳو.”
(نهجالبلاغه، خطبو ۱۰۵، فقره ۹–۱۱)
هي قول ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته اسلام عورت کي ان دور جي ظلم ۽ غلاميءَ مان نجات ڏياري، انسانيت جو مرتبـو عطا ڪيو.
جتي اڳي عورت محض مال يا غلاميءَ جي شيءِ هئي، اتان اسلام ان کي عزت، حيثيت ۽ حق عطا ڪيو
نهج البلاغه ۾ ماءُ جي مقام جي عزت
امام علي عليه السلام ماءُ جي مقام کي وڏي اهميت ڏين ٿا ۽ فرمائين ٿا:
جيڪڏهن ٻار ماءُ سان محبت ڪري، ته ان جو هڪ ڏينهن جي حمل جي احسان کي به پورو نه ڪري سگهي. ٿو
شوهر سان حسن سلوڪ
علي عليه السلام پنهنجي ڪوشش ڪندا هئا ته مرد عورت جي قدر ۽ مقام کي سمجهن ۽ اهو ڄاڻن ته خاندان ۽ شريڪ زندگي کي محبت ۽ شفقت کان وڌيڪ ڪا ضرورت ناهي. ڪو به ظلم يا بي عزتي انهن لاءِ جائز ناهي. حضرت فرمائين ٿا:
«من أذى امرأته لم يقبل الله منه صلاة ولا عمل خير وهو أول من يدخل النار»
وسائل الشيعة، أبواب أحڪام الاولاد، باب 7، حديث 1
يعني جيڪو مڙس پنهنجي زال کي تڪليف ڏئي، الله سندس نماز ۽ نيڪ عمل قبول نه ڪندو ۽ پهريون شخص هوندو جيڪو دوزخ ۾ ويندو.
نهج البلاغه ۾ عورت جي سماجي شموليت، ماءُ جي عزت، سماجي شخصيت، خاندان ۾ ذميواري ۽ شاديءَ جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي. حضرت علي عليه السلام جو پيغام عورتن جي احترام، عزت، علم، ذميواري ۽ سماجي ۽ گهريلو ڪردار کي برقرار رکڻ تي مشتمل آهي، جيڪو اڄ جي دور ۾ به هميشه لاڳو آهي
ڪيو.
حضرت فاطمه زهراء سلام الله عليها سڀني عورتن جي سردار
حضرت فاطمه زهراء سلام الله عليها ڇهن يا ستن سالن جي هئي جڏهن شعب ابو طالب جو مرحلو درپيش آيو. صدر اسلام جي تاريخ ۾ شعب ابو طالب سخت ۽ دشوار دور هو. يعني پيغمبر اسلام صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جي تبليغ دين شروع ٿي چڪي هئي، ۽ ماڻهو آهستہ آهستہ ان جي پيروڪار بڻجي رهيا هئا. اهڙي صورتحال ۾ مڪي جا بزرگ ۽ طاقتور پنهنجو غصو ظاهر ڪرڻ لڳا ۽ فيصلو ڪيو ته پيغمبر صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم ۽ سندن ساٿين کي مڪي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏجي.
هن مشڪل دور ۾ حضرت ابو طالب، جيڪو پيغمبر صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جا مددگار هئا، ۽ حضرت خديجہ کبريٰ پيغمبر صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جي اهم مددگار، ٻئي دنيا کان رخصت ٿي ويا. پيغمبر صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم مڪمل طور تي اڪيلو ۽ بي سهارو ٿي ويا.
ان دور ۾ حضرت فاطمه زهراء سلام الله عليها پيغمبر صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم لاءِ مشير ۽ ماءُ جي ڪردار ۾ رهي. انهيءَ ڪري انهن کي لقب "ام ابيھا يعني والد جي ماءُ چيو ويو. هڪ ڇهن يا ستن سالن جي ننڍڙي ڇوڪري جي هيءَ ذميواري ۽ فرض شناسي اسلام ۾ عورت لاءِ هڪ شاندار مثال آهي.
شوهر جي حوالي سان فرائض
ڪجهه ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته شوهر جي حق ادا ڪرڻ جو مطلب آهي ته عورت باورچي خانہ سنڀالي، صفائي ڪري، بستر ٺاهي وغيره. پر حضرت فاطمه زهراء سلام الله عليها شوهر جي فرائض انهيءَ طريقي سان ادا ڪري رهيون هيون ته پيغمبر صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جو ذهن ۽ دل گهر جي مسئلن کان آزاد رهي، ۽ هو پنهنجي مشن تي ڌيان ڏئي سگهي.
مدينه ۾ پيغمبر صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جا 10 سال گذريا، جنهن ۾ 9 سال حضرت فاطمه زهراء سلام الله عليها ۽ حضرت علي عليه السلام گڏجي زندگي گذاري. انهن 9 سالن ۾ لڳ ڀڳ 60 جنگيون ٿيون، جن ۾ گهڻيون جنگيون حضرت علي عليه السلام شرڪت ڪندا رهيا. حضرت فاطمه زهراء سلام الله عليها گھر ۾ موجود رهيون ۽ پنهنجي وجود سان محاذ جنگ جي مضبوط بنياد فراهم ڪئي.
انهن ڏينهن ۾ حضرت فاطمه زهراء سلام الله عليها جي ذميواري، ثابت قدمي ، مضبوط اعصاب ۽ جذبات هڪ اهڙي ماڊل پيش ڪري ٿي، جيڪو هر نوجوان عورت لاءِ سبق ۽ نمونو آهي.
حضرت امام حسن ۽ حضرت امام حسين عليهما السلام باوجود ته امام هئا، پر حضرت فاطمه زهراء سلام الله عليها انهن جي تربيت ڪئي، ۽ پيغمبر صلي اللہ عليہ وآلہ وسلم جي وفات کان پوءِ پڻ اهي گهڻو وقت زنده نه رهيون، پر انهن جو اثر ۽ تربيتي ڪردار اسلامي معاشري ۾ هڪ اعليٰ معيار قائم ڪيو.
مغربي معاشرن ۾ عورت جي مظلومي
مغرب جي نالي وارن مهذب معاشرن ۾ عورت اڪثر مرد جي خواهش جي تسڪين جو وسيلو آهي، آزاد شخصيت نه آهي، جيڪا پنهنجي مرضي مطابق عمل ڪري سگهي. عورت کي پنهنجي رهائش ۽ رويي ۾ اهڙو رکيو وڃي ٿو جو گلي، بازار يا سماجي حلقن ۾ مردن کي خوش ڪري.
روزمره جي سخت محنت ۾ عورت جو لحاظ نه ڪيو وڃي ٿو ، پر جڏهن مرد کيس شهواني خواهشن جي آڌار تي استعمال ڪري ٿو، ته مرد وٽ هر وسيلو موجود آهي ۽ عورت کي پاڻ کي بچائڻ جو رستو نه آهي.
مغربي ثقافت ۾ عورتن جي آزادي
مغرب ۾ عورتن جي آزادي جو سڀ کان وڏي دعويٰ آهي. آزادي جو مطلب ڪيترن رخن ۾ لاڳو ٿين ٿا
قيد ۽ پابندي کان رهايي
اخلاقيات ۽ رواجن کان آزاد ٿيڻ
شوهر جي تابع نه هجڻ ۽ گهر جي ذميوارين کان آزاد رهڻمغرب ۾ عورت جي حقن جي دفاع جي تحريڪ
عورت تي ظلم، زيادتي ۽ تشدد جي ماحول ۾ جڏهن عورتن جي حقن لاءِ ڪا تحريڪ شروع ڪئي وئي، ته فطري طور تي اها تحريڪ افراط ۽ تفريط جو شڪار ٿي وئي. ان ڪري ڪيترن ڏهاڪن تائين عورتن جي آزادي جي نالي تي فحاشي پکيڙجي وئي، جيترو مغربي مفڪر به حيران ۽ فڪر مند ٿي ويا.
اڄ به مغربي ملڪ ۾ همدرد، عقل مند ۽ با ضمير ماڻهو موجود آهن، جيڪي موجوده صورتِ حال تي فڪر مند آهن، پر ڪنٽرول حاصل نه ڪري سگهن. عورت جي خدمت ۽ مدد ڪرڻ لاءِ تحريڪ شروع ٿي، پر حقيقت ۾ عورتن جي زندگي تي وڏو اثر پيو. بے راہروی، فحاشي، جنسي آزادي ۽ مردن ۽ عورتن جي غير شادي شدہ تعلقات خاندانن جي بنيادن کي تباهه ڪري ڇڏي. جيڪو مرد سماج ۾ آزادانه پنهنجي خواهش پوري ڪري سگهي ٿو ۽ عورت ڪيترن مردن سان آزاد تعلقات قائم ڪري سگهي ٿي، اهي ڪڏهن به سٺو شوهر يا سٺي زال نه ٿي سگهن، ۽ اهڙي ريت خاندان جو ڍانچو تباهه ٿي وڃي ٿو.
حقيقت ۾ مغرب ۾ عورتن جي حقن جي دفاع واري تحريڪ هڪ بي ترتيب، غير منطقي، جهالت تي مبني ۽ الاهي روايتن کان خالي تحريڪ بڻجي وئي، جيڪا مردن ۽ عورتن ٻنهي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي، پر زياده نقصان عورتن کي پهتو. ان جي پيروي ڪنهن به اسلامي ملڪ ۾ نه ڪرڻي گهرجي، ۽ ان کي مڪمل طور رد ڪرڻ ضروري آهي.
اسلام عورت جي عزت، عفت ۽ ذميواريءَ کي هڪ متوازن نظام ۾ رکيو آهي، جتي نه مرد تي برتري حاصل ڪرڻ مقصد آهي، نه ئي عورت جي محرومي.
بلڪه ٻنهي کي سندن فطري صلاحيتن مطابق زندگي گذارڻ
اسان ھن تحرير ھي پڄاڻي تي ان نتيجي تي پھتا آھيون تہ عورت هڪ انسان طور بلند قدر رکي ٿي. خداوند متعال عورت ( زال ) کي پنھنجي نشاني قرار ڏنو آھي . مرد جو فرض آهي ته هن جو وقار ۽ عظمت برقرار رکي. سختي، تندي يا ظلم کان پاسو ڪري. نرم رويي، شفقت، محبت ۽ درگذر ذريعي زندگي گذاري. عورت گل وانگر آهي، بهادر يا جبر ڪندڙ نہ . مرد ۽ عورت مساوي آهن جڏهن عمل صالح ڪن. نسب، قبيلو يا جسماني فرق انساني قدر ۾ فرق پيدا نٿو ڪري. ايمان ۽ تقوا ئي اصل معيار آهن مرد ۽ عورت ٻنهي کي هڪجهڙو اجر حاصل ٿئي ٿو. مرد ۽ عورت ٻه اهم گروهه آهن جيڪي سماج جي تعمير ۾ برابر حصو رکن ٿا. اسلام ۾ عورت ۽ مرد کي عبادت، اقتصادي، سياسي، علمي، ثقافتي ۽ فنون ۾ برابر حيثيت حاصل آهي. اسلام اڳوڻي سماجن جي مردن جي برتري واري سوچ کي ختم ڪري، عورتن کي مردن سان برابر مقام ڏنو . اسلام ۾ عورتن کي مردن جي برابر سماجي، اقتصادي، علمي، ۽ ثقافتي ذميوارين ۾ شامل ڪيو ويو آهي