• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪتاب "سنڌي لغت نويسي( فن، اصول ۽ ارتقا) محقق، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
ڪتاب "سنڌي لغت نويسي( فن، اصول ۽ ارتقا) محقق، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو...!
فقير محمد سنڌي
لغت نويسي ٻوليءَ جي علمي دنيا جو سڀ کان اهم ۽ بامعنيٰ شعبي مان هڪ آهي جيڪو ڪنهن بہ ٻوليءَ جي فڪري سرمائي، ادبي حسن ۽ تاريخي شعور کي محفوظ رکي ٿو. لغت رڳو لفظن جي معنيٰ بيان ڪرڻ وارو ڪتاب نہ پر اهو هڪ اهڙو فڪري دستاويز آهي جنھن ۾ قوم جي فڪر، تهذيب، علم، سماج ۽ ثقافت جا نشان موجود ملندا آهن. لغت علم جو ميدان آهي جتي فڪر جي آزادي ۽ ٻوليءَ جي سچائيءَ جو اظهار ڪنهن بہ سرڪاري يا اداري جي محدود دائري ۾ نٿو اچي لغت نويس، زبان جي سچائيءَ جو امين هوندو آهي نہ ڪنهن پاليسيءَ جو تابع ئي رهندو آهي.
لغت نويسيءَ جي شروعات انساني تهذيب جي شروعات سان لاڳاپيل آهي جڏهن انسان لفظن ۽ معنائن جي لاڳاپن کي سمجهڻ جي سگهہ محسوس ڪئي تڏهن کان لغت جي ضرورت محسوس ٿي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ لغت نويسيءَ جو سڀ کان پراڻو مثال سميري ۽ بابل تهذيبن ۾ ملي ٿو جتي مٽيءَ جي تختين تي لفظن سان گڏ مجسمہ ٺاهيا ويندا هئاجيڪي ترجمي ۽ تعليم لاءِ ڪارگر رهندا هئا.
قديم يونان ۾ بہ اهڙو انداز موجود هيو جن ۾ شاعرن ۽ فلسفين جا مشڪل لفظ وضاحت سان لکيا ويندا هئا. دنيا جي ڇپيل لغتن مان سڀ کان پهرين مڪمل لغت لاطيني ٻوليءَ ۾ “ڪاليپينو ڊڪشنري” 1502ع ڇپي جيڪا لغت نويسيءَ جي منظم شروعات جو نقطو سمجھي وڃي ٿي.
ان کان پوءِ انگريزي لغت نويسيءَ جو آغاز ٿيو. رابرٽ ڪوڊري سن 1604ع ۾ “A Table Alphabeticall” نالي لغت مرتب ڪئي جڏهن تہ ڊاڪٽر ساموئل جانسن جي “Dictionary of the English Language” 1755لغت نويسيءَ کي علمي حيثيت ڏني.
لغت نويسي ٻن مرحلن ۾ ٿئي ٿي:
نظرياتي لغت نويسي (Theoretical Lexicography):
جنهن ۾ لغت ٺاهڻ جا اصول، مقصد ۽ طريقا بيان ڪيا وڃن ٿا۔
عملي لغت نويسي (Practical Lexicography):
جنهن ۾ لفظن کي چونڊڻ، ترتيب ڏيڻ ۽ معنيٰ بيان ڪرڻ جو عمل شامل آهي.
ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ٻنهي کي گڏ ڪري هڪ جامع نمونو پيش ڪيو جيڪو سنڌي لغت لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو.
اسلامي دنيا ۾ لغت نويسيءَ جي شروعات عرب عالمن ڪئي. قرآن پاڪ جي الفاظ جي معنيٰ صرف ۽ نحو کي سمجهڻ لاءِ لغتن جو بنياد وڌو ويو ان حوالي سان سڀ کان اهم لغت خليل بن احمد جي تصنيف ”العين“ آهي جيڪا پهرين باقاعده عربي لغت مڃي وڃي ٿي.
ان کان پوءِ ابن منظور جي “لسان العرب”، الزمخشري جي “أساس البلاغة”، ۽ فيـروزآبادي جي “القاموس المحيط” جهڙيون لغتون عربي لغت نويسيءَ جا وڏا مثال آهن انهن لغتن جو اثر پوءِ فارسي، اردو ۽ ٻين اوڀرائي ٻولين تي بہ پيو.
لغت نويسيءَ جو فن ۽ اصول:
لغت نويسيءَ کي هڪ لساني ۽ فني علم طور مڃيو وڃي ٿوجنهن جا پنهنجا اصول، مرحلا ۽ معيار آهن. لغت نويس کي نہ رڳو لفظن جي معنيٰ ڄاڻڻ گهرجي پر انهن جي اصليت، اُچار، صرف، نحو ۽ ثقافتي پسمنظر کي بہ سمجهڻو پوي ٿو.
لغت نويسيءَ جا اهم اصول:
الفبائي ترتيب (Alphabetical Order):
سڀ لفظ ڪنهن مقرر ترتيب (الف ب تي) رکيا وڃن تہ پڙهندڙ آساني سان ڳولي سگهي.
لفظ جو اصل (Etymology):
لفظ ڪهڙي ٻوليءَ مان آيو ڪهڙي معنيٰ سان استعمال ٿيو۽ وقت سان ڪيئن بدلجندو رهيو.
معنيٰ جي وضاحت (Definition):
هر لفظ جي معنيٰ واضح ۽ جامع هجڻ گهرجي جيئن پڙهندڙ سمجهي سگهي تہ اهو لفظ ڪهڙي مفھوم ۾ استعمال ٿئي ٿو.
استعمال جا مثال (Usage Examples):
لفظ جي معنيٰ کي واضح ڪرڻ لاءِ ادبي يا روزمره استعمال جا مثال هجڻ ضروري آهن.
اُچار جي نشاندهي (Pronunciation):
هر لفظ جي تلفظ يا صوتياتي صورت بہ ٻڌائڻ جيئن پڙهندڙ صحيح طور تي اُچار ڪري سگهي.
متضاد ۽ مترادف لفظ (Synonyms and Antonyms):
لغت ۾ هڪ لفظ جا متضاد ۽ مترادف لفظ بہ ڏيڻ تہ جيئن معنيٰ جو دائرُو وڌي.
لغت جي حدون ۽ مقصد (Scope and Audience):
لغت ڪنهن خاص ميدان (جهڙوڪ سائنسي، ادبي، يا عام) لاءِ آهي اهو واضع هجڻ گهرجي.
برصغير ۾ لغت نويسيءَ جي روايت اسلامي دور سان گڏ شروع ٿي اردو، فارسي ۽ پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ بہ لغتون تيار ٿيون سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت نويسيءَ جو بنياد ميرزا قليچ بيگ رکيو جنهن ڪيترن فني ۽ فڪري اصطلاحن جي تشريح ڪئي.
بعد ۾ محمد صديق ميمڻ، غلام علي الانا۽ سنڌي ادبي بورڊ لغت نويسيءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو۔ سنڌي بورڊ جي سرپرستيءَ ۾ “جامع سنڌي لغت” جهڙو وڏو منصوبو تيار ٿيو جنهن سنڌي ٻوليءَ جي فڪري ۽ لساني حدن کي منظم صورت ڏني.
سنڌي لغت نويسي رڳو لفظن جو مجموعو نه پر سنڌي سماج جي فڪري تاريخ جو عڪس آهي. انهن لغتن ۾ سنڌي ماڻهن جي فڪر، محاورن، لهجن ۽ روزمره زندگيءَ جو پورو رنگ موجود آهي.
سنڌي لغت نويسيءَ جي جديد دور ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جو نالو انتهائي اهميت جوڳو آهي. ڊاڪٽر بدر ڌامراهو نه صرف لغت نويس پر هڪ محقق، اديب ۽ لساني ماهر پڻ آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي لغت سازيءَ کي روايتي انداز مان ڪڍي هڪ نئون رخ ڏنو آهي.
ڊاڪٽر ڌامراهي جو خاص ڪارنامو اهو آهي تہ هن لغت نويسيءَ ۾ نون اصولن جو بنياد وڌو:
لغت ۾ هر لفظ جي معنوي تبديلي ۽ سماجي استعمال کي شامل ڪرڻ گهرجي.
لهجن ۽ علائقائي لفظن کي لغت مان خارج ڪرڻ بدران سندن اصل، معنيٰ ۽ استعمال بيان ڪرڻ گهرجن.
لغت صرف لغوي نہ پر ثقافتي ۽ علمي دستاويز بہ هئڻ گهرجي.
لغت ۾ وقت سان پيدا ٿيندڙ نون فني، سائنسي ۽ ادبي اصطلاحن کي بہ شامل ڪرڻ ضروري آهي.
لغت نويسي اڄ ڊجيٽل دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هاڻي لغت رڳو ڇپيل ڪتاب نہ پر آن لائين ڊيٽابيس، ايپس ۽ خودڪار ترجما سسٽم جو حصو بڻجي چڪي آهي. جديد لغت نويس کي لفظن سان گڏ انهن جي تناظر، لهجي، سماجي استعمال ۽ ادبي رنگ تي بہ ڌيان ڏيڻو پوي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ بہ آن لائين لغتون ۽ ڊجيٽل پروجيڪٽس تي ڪم ٿي رهيو آهي اهڙي دور ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جهڙا محقق لغت نويسيءَ کي علمي پابندين بدران فڪري آزاديءَ جي ميدان ۾ آڻي رهيا آهن جتي ٻولي پنهنجي مڪمل ثقافتي سچائيءَ سان اظهار پئي ڪري.
"اکر ڌاتو" ۽ سنڌي لغت نويسيءَ ۾ جارج شرٽ جو ڪردار اهميت جوڳو آهي.
ڊاڪٽر بدر ڌامراهي سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخي ارتقا کي بيان ڪندي 19هين صديءَ جي انگريز محقق جارج شرٽ (George Shirt) جو ذڪر ڪتاب "اکر ڌاتو" سنڌي لغت نويسيءَ جي بنيادي ۽ سائنسي نوعيت واري شروعاتي ڪوششن مان هڪ آهي. هي ڪتاب 1866ع ۾ آمريڪي مشن پريس لڌيانه (American Mission Press, Ludhiana) مان ڇپيوجنهن وقت سنڌي ٻولي کي منظم لغتن جي کوٽ هئي.
“اکر ڌاتو” رڳو هڪ لغت نہ پر سنڌي ٻوليءَ جي صوتيات، صرفيات ۽ اشتقاق جي اصولن تي مبني هڪ بنيادي ڪتاب آهي. لغت ۾ لفظن جي اصليت (Etymology) ۽ ڌاتن جي وضاحت بہ شامل آهي. سنڌي ٻوليءَ جي ساختي مطالعي کي بنيادي شڪل ملي ٿي. ڊاڪٽر ڌامراهي پنهنجي ڪتاب ۾ 40 صفحا “اکر ڌاتو” جا مڪمل ۽ تجزياتي طور شامل ڪيا آهن تہ جيئن پڙهندڙن کي اندازو ٿئي تہ سنڌي لغت نويسيءَ جي پهرين تحقيقي ڪوششن جو معيار ڪهڙو هو.
لغت نويسي ٻوليءَ جي بنيادي ۽ سائنسي شعبي مان هڪ آهي. لفظن جي معنيٰ، اُچار، اصل ۽ استعمال کي منظم نموني بيان ڪرڻ، لغت نه رڳو زبان جي ڍانچي جو آئينو آهي پر قوم جي فڪري ۽ علمي ورثي جي بہ عڪاسي ڪري ٿي.
لغت نويسيءَ جو سفر قديم تختين کان ڊجيٽل لغتن تائين هڪ علمي ۽ فڪري ارتقا آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهي ان سفر ۾ هڪ فڪري مينار جو بنياد رکيو آهي جنهن لغت نويسيءَ کي جديديت، سائنسي اصول ۽ ادبي اسلوب مهيا ڪيو.
 
Back
Top