سنڌو تُنهنجي ساک ۾ وڌائي اٿئون وِکَ دعا ڪج دلڙيءَ سان، تنهن ۾ اچي تِکَ سنڌ سلامت جي سِڪَ شل شاد هجي درويش چئي عمران درويش سومرو
جواب: ڀائرن کي ڀيٽا هڪ دفعو ٻيهر واهه مٺا درويش!واهه جا عمده خيال اٿي۔۔۔۔ ڊزائين به مالڪ جي مهر سان صفا لشپش آهي۔۔ توهان جي اهڙين شيئرنگس جو انتظار رهندو۔۔۔۔ باقي توهان جي شاعري جي پيار ڀريا ڪمينٽس سائين نثار ناز ڏيندو۔۔۔۔۔۔ باقي ڪم زبردست آهي۔۔۔ مهرباني
جواب: ڀائرن کي ڀيٽا هڪ دفعو ٻيهر ان کي چئبو آهي درويش ۔۔۔۔ جڏهن نينهن لڳائي ته مينگه ملهار ٿيو پون ۔۔۔ سخا تي اچي ته پٽ ڀري ڇڏي ۔۔۔ سنڌ سلامت سان اهڙي جند لڳي جو ٻيا سڀ ناتا وسري ويا، واري خيال کي سهڻن لفظن ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۔۔۔ مٿان وري سهڻي من موهڻي ڊزائيننگ ۔۔۔ هڪ پاڻ سهڻو مٿان وري سورنهن سينگار واري رسم نڀائي آهي درويش۔
جواب: ڀائرن کي ڀيٽا هڪ دفعو ٻيهر ادا درويش،،، پنهنجي شاعري ۽ ڊزائين سان تون اصل اسان مستن کي به پنهنجو ديوانو ڪري ڇڏيو آهي۔۔ تمام بهترين ڪوشش آهي۔۔ سنڌ سلامت جي لاءِتوهان جي نيڪ تمنائن ۽ دعائن تي توهان کي سلام آهي۔۔
جواب: ڀائرن کي ڀيٽا هڪ دفعو ٻيهر ادا هڪ ننڍڙي گذارش آهي ته اوهان جون جيڪي به شاعري واريون تحريرون آهن، ڀلي انهن جو موضوع ڪهڙو به هجي، انهيءَکي شاعريءَ جي سيڪشن جي اندر موڪليندا ڪريو۔۔ سونهن تڏهن وڌندي جڏهن شيون پنهنجي ترتيب واري رنگ ۾ موجود هونديون۔۔۔ مهرباني