ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشيءَ جي لطيف شناسي
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
شاھ عبدالطيف جي ڪلام جو سماجي، تحقيقي اڀياس (پراچين ۽ ويجهي اتهاس جي روشني ۾) ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشيءَ جو پي ايڇ ڊي جو مقالو آھي
عبدالحفيظ ولد عبدالرحمان قريشيءَ جو تعلق پراڻن ھالن سان آھي، سندس جنم لياري ڪراچيءَ ۾ ٿيو علمي طور آرڪيٽيڪچر ۾ ڊپلوما ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما سان گڏ پوليٽيڪل سائنس، ماس ڪميونيڪيشن ۽ سنڌي ۾ ايم اي ڪيائين قانون پڙهيل ھن محقق سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر تهمينہ مفتيءَ جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪئي، 811 صفحن جي مقالي کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري وارن 2021ع ۾ شايع ڪيو آھي، ڪتاب جي آخر ۾ ”حفيظ قريشي قومي سفر جو ساٿي! عنوان سان تاج جويي ۽”ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي!“ ڊاڪٽر شفيق احمد شاھاڻيءَ جا ليک آھن، حفيظ قريشي عبدالواحد آريسر کي گهڻو ويجهو رهيو. ھُو سنڌ جي قومي جدوجهد جو اھم ڪارڪن ۽ اصول پرست انسان آھي، ھِن انهيءَ ڏِسَ ۾ ڪافي تڪليفون ڏٺيون پر اصول جي جنگ وڙهڻ لاءِ ھڪيو تڪيو رهيو، سيد صاحب کان متاثر ٿيل ۽ سندن قومي واٽ تي ھلندي پنھنجو ڪردر نڀائيندو رهيو، مٿئين عنوان واري مقالي جي ارپنا لطيفي پارکن جي نانءُ آھي، ڪتاب جي شروع ۾ ڊاڪتر تهمينہ مفتيءَ پاران ”ڪن ٿي ڪيچين ڪڇئو“ عنوان سان ليک تہ ٻہ ٻول ”ڊاڪٽر فھميدہ حسين پاران آھن”مَهندِيُون“ عنوان سان محقق شاھ لطيف جي قومي جذبي، تصوف، وحدت الوجود ۽ ٻين موضوعن جو مختصر جائزو ڏئي شاھ جي شاعريءَ جي اھميت شروعات ۾ ڄاڻائي آھي ۽ پنھنجي لطيف شناسيءَ جي شوق ۽ ڪم بابت ذڪر ڪيو آھي.
ھن طويل مقالي جا ڇھه باب آھن آخر ۾ سماجي تحقيقي اڀياس جو تت ۽ ڪتابڻيءَ (Bibliography) آھي. ھر باب جي خاص عنوان سان گڏ ننڍا ننڍا ڪيترائي ذيلي عنوان موضوع جي چٽائيءَ لاءِ آھن، جن سڀني جو ذڪر ڪرڻ ھن ليک ۾ ممڪن ڪونهي، ھيٺ مختصر احوال ڏجي ٿو.
باب پھريون شاھ عبدالطيف جي ڪلام ۾ قديم سماجي گروهن ۽ سنڌو تهذيب جي اوسر جا سماجي عڪس ۽ اھڃاڻ (پراچين ۽ ويجهي اتهاس جي روشنيءَ ۾)ٻہ سئو صفحن تي آڌاريل آھي، جنهن ۾ ننڍن عنوانن معرفت موضوع جي اوک ڊوک ڪيل آھي، جي قديم سماجي دور (ڏوٿي ۽ شڪاري دور)، جهانگي جيوت، سنڌ جا ابتدائي سماجي گروهه، آھيڙي سماجي دور، ڍانڍي آھيڙي سماج جا رنگ (نوري ڄام تماچي) سامونڊي سماج جا رنگ (گهاتو-مورڙو مير بحر) قديم شڪاري ھٿيار، ڪونجن سان ڪچھري، پنرو بڊاماڻي، مارئيءَ جو واقعو ۽ دور، پنهوارن پاٻوهيو، ڳُڻواڻ مارو، وطن دوستي، مارئيءَ جي مزاحمت، ڳنڍيون منجهه ڳنڍير، سنڌ جي جاگرافي ۽ سارنگ جا رنگ، ميهارڪي جيوت (سھڻي-ميهار)، سمنڊ سُرڪي نہ ٿئي، ڇوري ندوري، لاکو ڦلاڻي، لاکا آءُ مهراڻ، سنڌ جي پسوئن ۽ پکين جو سماجي- اُتهاسي رُخ، سما حڪومت جي دور ۾ واھن جو احوال، سنڌ جي معاشي تباھي، عام ۽ خاص ماڻهن جو ڪوس (ارغون ۽ ترخان دور) مرزا باقيءَ جا عام ۽ خاص تي ظلم، مغل حڪومت، شاھ عنايت شھيد ۽ شاھ لطيف، اُسرندڙ ڪلهوڙا حڪومتي دور، شاھ عنايت جي شھادت، صوفي لاڪوفي، مري ٿيا نہ مات، سنڌ جي ڪپڙي جي صنعت، ووڻن جا وڻ، ۽ ٻيا موضوع 238 صفحن تي آڌاريل آھن.
باب ٻيو: شاھ عبدالطيف جي ڪلام ۾ سنڌو تهذيبجي اوج جا سما جي عڪس ۽ اھڃاڻ (پراچين ۽ ويجهي اُتهاس جي روشني ۾) سنڌو لوڪ سمنڊ ۽ واپار، لوٿل-سنڌ جو قديم بندرگاھه، سنڌو، امن ۽ واپار،ديوانو درياھه، نين بندرگاھن جو اُسرڻ ۽ پراڻين بندرگاھن جو ڍرڪڻ، پاتال، ڀنڀور، ديبل، لاڙي، شاھه، سورت بندرن جو ذڪر الڳ الڳ آھي ان کانسواءِ ھٽي ۽ ڪولار واريون سون جون کاڻيون، عربن کي سنڌ جو سون ھٿ اچڻ، لنڪا جو سون، مڻين ۽ سچن موتين جو واپار، سمنڊ ۽ درياھ تي باس باسڻ، سنڌو تهذيب جو اُسرڻ ۽ ڦھلاءُ، سنڌي ٻولي، گڏيل قومي سوچ ۽ اڪيلي قومي سڃاڻپ، آريا سنڌو تهذيب جا بانيڪار نہ ھئا، ثقافت جو سفر، سامونڊي سامراجن جو اُسري اچڻ، لطيفي چنتا ۽ دُعائون، سکاڻيا مَ سمهو، سنڌ جي واپار ۽ سمنڊ تي قبضي ڪرڻ لاءِ يورپ جون اڳرايون ۽ ٻيا موضوع 145 صفحن تي موجود آھن،
باب ٽيون: شاھ عبدالطيف جي ڪلام ۾ سنڌو سڀيتا جي فن ۽ ھنرمنديءَ وارا سماجي عڪس ۽ اھڃاڻ (پراچين ۽ ويجهي اُتهاس جي روشنيءَ ۾ ) ھنرمندي، پوکي راھي ۽ باغباني، باغ، ڪتڻ وارو ھنر، ڪنڀار ڪو ھنر، ڪلاڙڪي ڪوءِ متارا ۽ موکيءَ جو مئخانو ۽ ٻيا موضوع صفحي 388 کان 424 تائين آھن.
باب چوٿون: شاھ لطيف جي ڪلام ۾ سنڌو سڀيتا جي وکرڻ ۽ اُسرڻ جا سماجي عڪس ۽ اھڃاڻ (پراچين ۽ ويجهي اُتهاس جي روشني ۾ ) قديم سنڌو سڀيتا، سنڌو سڀيتا کي قدرتي لوڏو، ھاڪڙ و درياھ ۽ اُن جون ڀارتو نديون، ھاڪڙي جي ماڳن تي سارنگ جو سٽاءُ، سنڌ ۾ وڻڪار، مهراڻ سنڌو جو نالو آھي، ھاڪڙي کي آيل سوڪھڙي واري دور جو تعين سنڌو سلطنت جا سمراٽ حاڪم، سمن جي ساراھه، سمن جو لقب ڄام، سخا ۾ ڏهه ھزار حاتمن کان مٿڀرا سما، الله جنگ جين، جکرو جَسَ کرو، سامن تي سِرِ ڏيڻ وارا سما، عادت عنبر جهڙي آھن.
پنجون باب شاھ عبدالطيف جي ڪلام ۾ سنڌ ۽ سنڌومت، شِوَ پنٿ، جين مت، ويدانت ۽ اسلامي تصوف جا فڪري عڪس ۽ اھڃاڻ آھي، جنهن ۾ عنوان مطابق سنڌو مَتَ، شِوَ پنٿ، سنڌو سڀيتا- اوائلي توحيدي تهذيب، ڀڳوان، واحد خدا ۽ ٽمورتي، اَلکَ سان روبرائي، جين مت، مها وير جو دور، اُپنشد ۽ تصوف، سامي مُور نہ سَنَرا، مهاتما ٻڌ ۽ سنڌ، بُک وڌائون بگرئين، شاھ لطيف جا اٺ نڪتا، نفي ۽ اثبات محبت، صوفي ٿيڻ ۽ سڌون ڪرڻ، ويدانت، ڳالهه مڙيائي ڳجهه، تصوف جي مختصر تاريخ، صوفي، تصوف جا اسلامي سلسلا، نقشبندي، سھر وردي، چشتي ۽ قادري سلسلا، عليءَ جو ميدان، وحدت الوجود، وحدت الشھود، صوفي ۽ سماع، پارس ۽ لوهه، جو نجس نيکاري، غم، حسن، موسيقي، راڳي اٽل ۽ چنچل، سماع، سوز ۽ وصال، لطيفي تصوف وارو مارڳ، توحيد ۽ رسالت، شريعت، طريقت، معرفت، حقيقت، ناسوت ملڪوت، جبروت، لاھوت، ھاھوت، مقامِ حيرت، ذات ۽ صفات، صوفياڻي ڪُلا، حق، الوهيت، ڪامل انسان، نفس، عشق، عارف، عجز، ترڪ، توڪل، ملامت، شفقت، تصوف جا ڪجهه اصطلاح، جوڳي، طالب، صفت، اشارو، رمز، لسان ۽ ٻيا آھن.
ڇھين ۽ آخري باب جو عنوان شاھ لطيف جي ڪلام ۾ سماجي ۽ اعليٰ اساسي فڪري عڪس ۽ اھڃاڻ آھي جنهن ۾ آيل ننڍا موضوع پريم ۽ عدم تشدد، سھپ ۽ رواداري فڪر ۽ ڏاھپ، اڏولتا، سچ، سنوَڻ ۽ ساٺ، زنگي ۽ موت، آڳڙيا ۽ رُڪ، ناکئو ۽ معلم، سورهيائي، ڏک ۽ سک، وطن پرستي، حُسن ۽ آزادي، عالمي ڀائيچارو ۽ ٻيا آھن.
ھن تحقيق جو عنوان وضاحتي ھئڻ سبب مقالو طويل آھي، ھلندڙ وقت ۾ ھائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي مقالن جي صفحن جو مناسب مقدار مقرر ڪيو ويو آھي، اصل ڪاميابي اھا آھي تہ کوجنا اختصاري ۽ ھنڌائتي ھجي جيڪي ھدايتون ايڇ اي سي پاران سپروائيزرن کي نظر ھيٺ رکڻ گهرجن ۽ سڀني اسڪالرز کي شروع جي ڪورس ورڪ ۾ ڄاڻائڻ گهرجن، انهيءَ سان پوءِ ڇا ٿيندو تہ موضوع جي وقت جو دائرو گهٽايو ويندو، منهنجي پنھنجي تحقيق جو عنوان تمام ڊيگهه وٺي ويو ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو“ 1985ع تائين انهيءَ لاءِ شروع دور کان 1985ع تائين سوين ڪتابن جو جائزو پي آيو فائنل سيمينار ۾ 650 صفحن جي ھن مقالي جي طوالت تي اعتراض ٿيو تہ پوءِ جواب ۾ موضوع جي وسعت ڄاڻائي وئي، منهنجي چوڻ جو مطلب آھي تہ ايتري طويل وقت جي دورانيي ۽ موضوع جي گهڻ رخائيءَ سان اسڪالر کي پيچيدگين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيڪو ڪم مقرر ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيئي ان جي بدران اھو 8 سال وٺي ٿو وڃي،
ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشيءَ پراچين ۽ ويجهي اتهاس جي روشنيءَ ۾ جيڪو لطيف سرڪار جي شاعريءَ جو سماجي اڀياس ڪٺن ڪشالن سان پيش ڪيو آھي، اھو تحقيق مڃتا جوڳو آھي، تحقيق مان چند حوالا ڏجن ٿا.
شاھ عبدالطيف جي ڪلام ۾ سنڌو سڀيتا جي پيڙهه جوڙيندڙ ڏوٿي، آھيڙي، ڌڻوند ۽ اوائلي قديم ۽ ويجهي زرعي دور جي انساني سماجي گروهن جو فڪر سندس اعليٰ ۽ اتم گڻن سان موجود آھي، ان ۾ ڪو بہ شڪ نہ آھي تہ سنڌو تهذيب دنيا جي ٻين سڀيتائن جي ڀيٽ ۾ انواع، رنگ ورن ۽ روپ واري گهڻ رخي، گهڻ نسلي ۽ گهڻ ڪرت وارن سماجي گروهن جي متحرڪ معاشي سرگرمين سان ڀرپور رهي آھي“ (ص 35)
شاھ لطيف جي سر سامونڊي ۽ سرسريراڳ، پراچين دور جي سنڌو واپارين جي پرڏيهه کڻي ويندڙ سامان ۽ تمام قديم آثارن مان مليل سامان وَٿن (Findings) ۾ حيرت ناڪ حد تائين ھڪ جهڙايون آھن، جهڙوڪ اناج، ڪپڙو، زيور، موتي، مڻيا (Beads) خوشبودار شيون ۽ زيور وغيرہ انهيءَ ڪري سفر ۾ واپاري جهازن ۾ آڳاٽي دور کان ڪلهوڙا دور تائين مختلف قسمن جو وکر کنيو ويندو ھو“(ص 247)
”شاھ لطيف جي مارئي ٻن ڳالهين جي تحفظ جي ڳالهه ۽ عزم ڪري ٿي ھڪ ”وطن جي پاڻي“ ٻي ”اباڻي ٻولي“ لاءِ وچن ڪري ٿي پاڻ زندگي آھي پاڻي تهذيب ۽ ثقافت ”مان ۽ سمان“ سڀ ڪجهه آھي، جنهن جي آڌار تي سماج زندہ رهن ٿا، پاڻي اعليٰ اخلاق ۽ ڳڻ آھن، جن کي ھارجڻ نہ گهرجي ان ريت ”اباڻي ٻولي“ قومي ٻولي بہ آھي تہ قومي ٻول بہ آھن، جنهن ۾ سمورا اخلاقي ۽ اعليٰ سماجي قدر، نيم ريتن ۽ رسمن سوڌو سمورا افرادي ۽ اجتماعي قول ۽ قرار موجود ھوندا آھن، جن جي وسيلي سماج سڳندا ۽ زندہ رهندا آھن.
ماڙي چڙهي سومرا، آءُ ھڏ لڄاڻي،
ھٿان مون مَ ھارجي، پائر جو پاڻي،
ٻولي ٻاٻاڻي، وٺي شال ويڙهه وڃان
(بلوچ 2009) 353(ص 341)
ھيءَ تحقيق انسان ذات جي ھڪ وڏي دور جي فلسفي ۽ فڪر جي ڄاڻ ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي سڄي ڪلام مان وطن دوستي، امن پسندي، انسان دوستي ۽ ٻين انيڪ موضوعن جيڪي اعليٰ انساني قدرن جي چٽائي ڪن، روحاني فڪر جو جوهر بلند ڪن، سنڌ ڌرتيءَ جي سماجي ۽ تاريخي پس منظر جي حوالي سان لطيفي بيتن معرفت ڄاڻائي پئي.
اھا بہ خبر پوي ٿي تہ لطيف سائين ڪالهه ، اڄ بلڪھ سڀاڻي جو بہ سنڌ ۽ پوري عالم جو رهنما، رهبر ۽ فڪري سونھون آھي.
ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشيءَ جي لطيف شناسي ملهائتي ليکبي.