سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي السلام عليڪم ادا منهنجو نالو گل حسن لاکو فرام شهدادپور دوستن جي جواب جو انتظار رهندو۔
جواب: تعارف سهڻي سنڌ جي پياري شهر شهدادپور جي گلن جهڙي دوست گل حسن لاکي کي سنڌ سلامت جي سنڌ دوست اڱڻ تي ڀليڪار ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا ڀائڙا ۔۔۔۔ پر جي ڪم ڪار جي ڪنهن شوق جي ڪنهن مٿانهين هيٺاهين جي ڪنهن علم ۽ هنر جي خبر ڏيو ها ته اڃان وڌيڪ خبر پوي ها ۔۔۔ خئير نينگر به ننڍي جمع به گهڻا ۔۔۔ اميد آهي ته اوهان هن اڱڻ تي ڀيرو ڪري اسانجي دوستن سان ڪچهريون ڪندا رهندا ، ڪجه پنهنجي ٻڌائيندا ڪجهه اسانجي ٻڌندا ۽ ساٿ چڙهندو لڪئين ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔۔ دعائن ۾ گڏ
جواب: تعارف دوست اوهان جا وڏا وڙ جو اوهان اسان جي هن محبتي اڱڻ تي ڪَهي آيا آهيو۔۔ کيا احسان آکان تيڏي آواڻ دا، لک لائق ڪِتوني ليوي پاڻ دا، دوست هن اوطاق تي تمام صوبر قسم جا دوست اوهان کي ملندا جنهن جي سوچ فڪر، علم هنر سڀ پنهنجي سنڌ ڌرتي سان چاهه ڪرڻ وارا ۔۔۔ اميد پنهنجين ڀرپور لکڻين سان هن فورم کي مهڪائيندا۔۔۔۔ اوهان کي لکين واڌيون هجن هن فورم جي ميمبر ٿيڻ تي۔۔۔۔۔
جواب: تعارف ادا گل حسن لاکو صاحب۔۔ توهان کي سنڌ سلامت جي اوطاق جو رڪن ٿيڻتي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿا چئون۔۔ توهان پنهنجي باري ۾ اڃاڻڪجهه وڌيۡڪ ڄاڻ ڏيو ها ته توهان کي سنڌ سلامت جو ڏس پتو ڪنهن ڏنو؟ بهرحال سائين نثار ابڙو جي ڳالهه وانگر نينگر به ننڍي ته جمع به گهڻا ۔۔ اميد ته سنڌ سلامت کي پنهنجي لکڻين سان سنواريندا۔۔ شهدادپور تمام پيارو شهر آهي، اتي ڪيترائي ڀيرا وڃڻ ٿيو آهي۔۔ اسان جي ڳوٺ درٻيلو جي هڪ مشهور هستي، سائين وڪيل شهاب الدين ميمڻ شهدادپور شهر ۾ هينئر رهائش پذير آهن، ان کان علاوه سنڌي ٻوليءَ جي متعلق وڊيوز جي ذريعي بهترين ڪم ڪندڙ ۽ سماجي خدمتن ۾اڳڀرو رهندڙ سائين قربان شاهه به شهدادپور جا رهواسي آهن
جواب: تعارف ادا سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي اسان اوهان کي ڀليڪار ٿا چئون ادا اسان کي اوهان جي نيئن لکڻين جو انتظار رهندو سدائينگڏ
جواب: تعارف ادا سنڌ سلامت تي اچڻ تي اسان اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا اميد ته سنڌ سلامت تي ڪا نواڻ ضرور آڻيندا فقط طالب دعا حافظ اسد ڏاهري شاهپور جهانيان
جواب: تعارف ادا جن ٻن شخصيتن جا نالا توهان کنيا آهن، اهي واقعي ئي شهدادپور جا مشهور آهن۔ ادا آئون شهدادپور جي هڪ اسڪول دي سٽي گرامر اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهيان، منهنجي عمر 23 سال آهي ۽ هن وقت آئون ايم اي سنڌي ڪري رهيو آهيان۔ دوستن جو مهربانيون جن تمام ًڻي عزت سان نوازيو آهي۔
جواب: تعارف تمام سٺو ادا! ڄاڻي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي۔۔۔ هاڻي توهان جي نون لکڻين ۽ تحريرن جو انتظار رهندو۔۔