ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کھڙي جي لطيف شناسي
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
غلام مصطفيٰ ولد نور محمد کھڙو 29 آگسٽ 1964ع تي گمبٽ ضلعي خيپرور ميرس ۾ پيدا ٿيو، پرائمري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم پنھنجي ڳوٺ گمبٽ مان پاس ڪرڻ کانپوءِ سکر جي اسلاميه ڪاليج مان بي ڪام ۽ ايم اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين ساڳي ئي يونيورسٽي مان، ”شاھ لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو“ عنوان سان پي ايڇ ڊي 2004ع ۾ مڪمل ڪيائين. سندن ادبي سڃاڻپ شاعر ۽ محقق ۽ نقاد جي آھي، ڪرت طور نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ ڪم ڪيائين، کھڙي صاحب لکڻ جي شروع ڪاليج زماني ۾ مضمون نويسيءَ معرفت ڪئي کين ”مسلمان سائنسدانن جو علم جي واڌاري ۾ حصو“ ۽ ”ماءُ “ عنوان سان مضمون تي پھريون نمبر اچڻ جا ايوارڊ ۽ انعام مليا، جنهن کانپوءِ لکڻ جو شوق وڌنڌو وين ڇپيل ڪتابن ۾ ”شاھ لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو“ پي ايڇ ڊي ٿيسز) 2013، ”لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت“ 2013ع، ”حضرت سخي بابا صلاح الدين “ 2012ع، ”حضرت محمد شاھ مڪي عرف جيئي شاھ يا شير سوار“ (اردو) 2013ع، ”سڄڻ ۽ ساڻيهه“ (مضمون) 2014ع، ”جيڪي منجهه جهان“(آتم ڪٿا) 2015ع، آھن،
شاھ لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت 2013ع ۾ شايع ٿيو، اٺن مقالن ۾ شاھ لطيف جي سوانح ۽ شاعريءَ ۾ لاشعوريت، سماج يا معاشرو، شاھ لطيف جي دور جون سماجي حالتون، سماجي حالتن ۾ ڀٽائيءَ جو ڪردار، شاھ لطيف جي مختصر سوانح، شاعري، شاھ لطيف جي شاعري، شاھ جي شاعريءَ ۾ نفسيات آھن.
شاھ لطيف تي ٿيل تحقيق جو جائزو کھڙي صاحب جي تحقيق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ٿي مئي 2013ع ۾ 535 صفحن جي رائل سائيز جي ڪتاب کي شاھ لطيف اڪيڊمي مان پارس پرنٽنگ ايجنسي معرفت شايع ڪيو ويو، انتساب ڊاڪٽر حميدہ کھڙو جي نانءُ آھي، مقالي تي ٻہ اکر ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکيا آھن، جن مان چند سٽون پٺ پني تي پڻ آيل آھن،
کھڙي صاحب موجب تہ ھن ٿيسز ۾ انگريزيءَ مان ڪيل ترجمن جو احوال اصل ڪتاب جي ٿيل ترجمن تان ورتو ويو آھي، پاڪستان کان ٻاھر جيئن انڊيا، رشيا ۽ جرمني وغيرہ ۾ ٿيل ڪم ھن ٿيسز ۾ شامل ڪانهي، ان کانسواءِ ٿيسز جي وسيع موضوع جي ڪري ڇھين باب ۾ شاھ تي ٿيل تحقيق مان صرف چند ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آھي.
فھرست ھيٺين ريت آھي، باب پھريون: شاھ لطيف جي مختصر سوانح سان گڏ فارسي، سنڌي، انگريزي، اردو، عربي، براھوي ۽ پنجابيءَ ۾ ٿيل لطيف سرڪار جي ڪم بابت آھي، باب ٻيو: رسالي جا دستياب قلمي نسخا، ڇپيل رسالا ۽ رسالي جون ڏسڻيون تي مشتمل آھي، جنهن جي (الف) ۾ دستياب قلمي نسخن ........... اسماعيل جي گڏ ڪرايل ”گنج“ کان ظفر ڪاظميءَ واري اڻ پوري نسخي تائين جي 50 نسخن کي ذڪر ڪيو ويو آھي (موجودہ وقت تائين استاد لغاريءَ جي لکيل رنگين قلمي نسخي جنهن ۾ ڇٽيهه سر ۽ ڇھن رنگن سان لکيل بيت 502 صفحن تي آھن، قلمي نسخن جو انگ 71 بيهي ٿو) ٻئي نمبر باب جي (ب) ۾ ڇپيل رسالا ۽ شاھ جي رسالي جون ڏسڻيون آيل آھن، ھن باب ۾ شاھ جو رسالو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ کان رسالا آخوند عبدالحميد تائين 22 رسالا ڄاڻايل آھن، (هلندڙ وقت ۾ خليق الرحمان ڪيريو جي 2023ع جي ڇپيل لطيفي ببليو گرافيءَ ۾ 49 رسالا 2022ع تائين آيل آھن جڏهن تہ تازو 2024ع ۾ بشير پيراھن جو نئون رسالو پڻ ڇپيو آھي (هاڻي اھو انگ 50 تائين ٿي ويو آھي) منهنجي انهيءَ لکڻ جو مطلب آھي تہ ھر نئين تحقيق پوين تحقيق جو تسلسل ھئڻ سان گڏ نئين معلومات سان سنواريل ھجي ٿي پر ھر محقق جي محنت ۾ انفراديت کي ڳولي پرکي ان کي مڃتا ڏيڻ اسان جو فرض ۽ سندس حق آھي، ڊاڪٽر کھڙي صاحب جو ھيءَ طويل تحقيق تفصيلي ڄاڻ تي مبني آھي، جنهن مان پوءِ جي تحقيق ڪندڙن ضرور فائدو ورتو آھي، ھن باب ۾ شاھ جي رسالي جي ڏسڻين ۾ ڊاڪٽر محمد عالم سومري ڊاڪٽر عبدالغفار دائود پوٽي ۽ ڊاڪتر عبدالجبار جوڻيجي جي ڪشف الابيات کي ذڪر ڪيو ويو آھي،
ٽئين باب بعنوان ” شاھ جي رسالي جي سرن تي ٿيل تحقيق“ ۾ ڇاپي رسالن ۾ آيل سُرن جي حوالي سان سُر ڪلياڻ کان سُر بلاول تائين جي سُرن جو مختلف شارحن جو نقطئه نظر ڄاڻايل آھي، گڏ انهيءَ سر جي الڳ ڇپيل ڪتابن جي ڄاڻ موجود آھي، آخر ۾ ھر سُر بابت تحقيقي نتيجو آھي جيئن مثال طور سُر ڪلياڻ لاءِ گربخشاڻي ڊاڪٽر بلوچ، شاھواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، معمور يوسفاڻي، عبدالرزاق ”راز“ شيخ، ڏيرو رسول بخش جي سر ڪلياڻ بابت تشريح مان حوالا آھن تہ حاشيي ۾ ھيٺ سُر ڪلياڻ بابت لعلواڻي ليلا رام وطڻ مل، لاشاري رشيد احمد، شيخ عبدالرزاق، بلوچ نبي بخش ۽ ماستر عبدالرحمان جي ڇپايل سُر ڪلياڻ جي ڪتابن جي ڄاڻ آھي، نتيجي طور محقق لکيو آھي ته، ”مٿي ذڪر ڪيل ڏاھن ۽ عالمن جي راين مان اھو ثابت ٿئي ٿو تہ مضمون جي حوالي سان ھيءُ سر زيادہ ترصوفياڻو آھي جنهن جي جهلڪ بيتن ۽ واين مان ظاھري توڙي باطني طرح ملي ٿي، ھن سُر ۾ خدا جي خدائي ۽ ھيڪڙائي ملي ٿي تہ الله جل جلاله ھڪڙو آھي سندس مٽ ۽ ثاني ڪو بہ ڪونهي، ھو بي نياز آھي ۽ کيس ڪنهن جي بہ پرواھ ڪانهي ۽ حضرت محمد مصطفيٰﷺ سندس پيغمبر ۽ محبوب آھي ھن سُر ۾ اصحابن سڳورن بابت پڻ لکيو ويو آھي“(ص 130)
چوٿون باب ”شاھ جي رسالي جا ترجما“ عنوان سان ۾ ڇھن ٻولين ۾ ڪيل شاھ جي رسالي جي ترجمن جو تفصيل ۽ نمونا ڏنا ويا آھن، جنهن لاءِ ھڪ جهڙن بيتن جي چونڊ ڪيل آھي تہ جيئن ترجمو ڪندڙن جي ترجمن جي ڀيٽ ڪري سگهجي، ھي باب 218 کان 298 صفحن تي آڌاريل يعني 80 صفحن تي محيط آھي، جنهن ۾ انگريزي، اردو، براھوي، سرائڪي، فارسي ۽ پنجابي ترجمن کي ذڪر ڪيو ويو آھي، جن جا مترجم ڊاڪٽر در شھوار سيد، ھالائي ھدايت الله ميمڻ، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، تيرٿ داس ھوتچند، مئڊم ايلسا قاضي، جي الانا، اڪرم انصاري، آغا محمد يعقوب، فقير عبدالغفور الستي، پروفيسر امينا خميساڻي، شيخ اياز، آغا سليم، ايم اي عالماڻي، وقار احمد رضوي، سومرو فضل رحيم، دائودي غلام مصطفيٰ، جوهر بروهي عبدالقيوم، ڪرتار سنگهه عرش آھن،
پنجون باب شاھ تي لکيل ايم فل/پي ايڇ ڊي ٿيسز تحقيق جي لحاظ کان ھن باب جي وڏي اھميت آھي، منهنجي خيال مطابق ڊاڪٽر صاحب جي مقالي جو عنوان ”شاھ لطيف تي ٿيل تحقيقي ڪم جو جائزو“ ھجي ھا تہ اندرين مواد سان وڌيڪ سلهاڙيل ھجي ھا ڇو جو اندر جيڪي باب آھن ۽ انهن ۾ جيڪو مواد آھي اھو سڄي جو سڄو تحقيقي اڄ جي دور جي حوالي سان نٿو چئي سگهجي ڇو تہ انهن ڪتاب ۾ حوالا (References) نہ آھن جديد دور جي تحقيقي معيار مطابق انهيءَ سڄي احوال کي لطيف سرڪار بابت ڪيل ڪم ۾ شمار تہ ڪري سگهجي ٿو. باقي باقاعدي تحقيق جيڪا يونيورسٽين جي شعبن ۾ ڏيهه توڻي پرڏيهه ۾ ٿي آھي، جنهن تي محققن کي ڊگريون ايوارڊ ٿيون آھن اھو تحقيقي ڪم پنھنجي جڳھه تي ھڪ الڳ اھميت جو حامل آھي، جنهن ۾ خود ڊاڪٽر مصطفيٰ کھڙي صاحب جي ھيءَ بہ شامل آھي.
ھن باب ۾ محقق جي ريسرچ وقت تائين ٿيل ڪم مان 4 انگريزيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز جن ۾ ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، ڊاڪٽر ايس ايم جهانگياڻي، ۽ ڊاڪٽر در شھوار سيد جون آھن تہ سنڌيءَ ۾ 6 ٿيسز ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر حسن بانو سومرو، ڊاڪٽر فھميدہ حسين، ڊاڪٽر شڪنتلا سيواڻي ۽ ڊاڪٽر غلام حيدر چنا جون تہ ٻہ ايم فل جون ٿيسز، ڊاڪٽر منوهر بختراءِ مٽلاڻي ۽ ڊاڪٽر مسز خورشيد عباسيءَ جون ذڪر ڪيل آھن، ڪل 68 صفحن تي آڌاريل ھن باب ۾ آيل ٿيسز انگلينڊ، ھندستان ۽ سنڌ جي يونيورسٽين مان لکيون ويون آھن، ڪي ڇپيل ۽ ڪي اڻ ڇپيل آھن، سنڌ ۾ ڪراچي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اھو تحقيقي ڪم ٿيو آھي، ان ريت ھن باب انگريز دور کان 1995ع تائين جي يونيورسٽين جي ڪم جو احاطو ٿيو آھي، انهيءَ کانپوءِ ڪافي ڪم ٿيو آھي (انگريز دور کان 2025ع تائين جي لطيفي تحقيقي ڪم جو جائزو منهنجي ايندڙ ڪتاب جو پڙهندڙن کي جلد ملندو) ڇھون باب شاھ تي ٿيل تحقيق ۾ فارسي، انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ لطيف سرڪار بابت لکيل ڪتابن جو جائزو آھي، جنهن ۾ مقالات الشعرا، تحفة الڪرام، معيار سالڪان طريقت، لطائفِ لطيفي، احوال شاھ عبدالطيف لطف الطيف، خزانة العارفين، قدم ڪاپڙين جا، باھيون بيراڳين جون، شاھ لطيف تي ببليو گرافي ۽ ٻين ڪل 61 ڪتابن جو ذڪر ڪيل آھي، جن جا موضوع شاھ جي سوانح، فن، شرح ۽ سمجهاڻي، ۽ ٻيا آھن، آخر ۾ نتيجو ڏنل آھي، نتيجي طور محقق شاھ جي سوانح ۽ رسالي جي صحيح سُرن جوڙڻ بابت ۽ شاھ جي موسيقيءَ تي ڪي سوال پڻ اٿاريا آھن تہ انهن جو حل ڪھڙو ھئڻ گهرجي؟ ۽ انهيءَ بابت ويچار پڻ ونڊيا آھن ۽ سندن موجب تہ اڃا بہ لطيفي تحقيق بابت ڪيترا رخ تشنہ آھن.
آخر ۾ رائج طريقي مطابق ببليو گرافي آھي، ان کانسواءِ ھر باب جي آخر ۾ حوالا پڻ موجود آھن، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کھڙي جي لطيفي خدمت وڻندڙ ۽ معلوماتي آھي، جنهن ۾ لطيف سرڪار بابت روايتي ۽ جديد تحقيق جو احاطو 1995ع تائين ڪيو ويو آھي.