• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪتاب "ڄاڻ سچل جي" جو سرسري جائزو...

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
ڪتاب "ڄاڻ سچل جي" جو سرسري جائزو...!
فقير محمد سنڌي
اسان جي صوفيانہ ۽ فڪري تاريخ جو هڪ املهہ حوالو آهي سچل سرمست جنهن کي سنڌ جي روحاني ورثي ۾ "درازا جو دولھ" سڏيو وڃي ٿو. سچل، رڳو شاعر يا درويش نہ پر فڪر ۽ آزاديءَ جو اهڙو علامتي نالو آهي جنهن جي ڪلام ۾ عشق سان گڏوگڏ انساني آزادي، فڪر جي خودمختياري ۽ بنيادي سچن جي ڳولا جا حوالا روشن نظر اچن ٿا.
اهو ئي فڪر آهي جنهن کي ڪوثر ٻرڙي پنهنجي مهاڳ ۾ هن ريت بيان ڪري ٿو:
"حضرت سچل سرمست لطيف جي فڪر جو وارث آهي"
هي جملي رڳو تعارف نہ پر سچل سرمست کي سنڌ جي فڪري تسلسل جو مرڪزي ڪڙي قرار ڏئي ٿو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ ڪتاب جي فڪري جڙ سنڌ جي فڪري ورثي سان ڳنڍيل آهي. سچل سرمست جي روايت ۾ ئي جديديت جي واٽ جا نمايان ڪردار سمايل آهن.
ڪتاب کي ترتيب ڏيندڙ، ياسر عبدالنبي خاصخيلي۽ ساحل حاجي حسين جلباڻي کي جس هجي جنهن ايتري محنت سان سچل سرمست جي ڪم کي سوالن جوابن ۾ پيش ڪيو آهي.
هيءَ ڪتاب روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري
سال: 2011ع ۾ اشاعت ڪيو آهي.
سوال ۽ جواب تي ٻڌل مطالعي وارو ڪتاب جنهن جي صنف سوال جواب ئي آهي.
ڪتاب ۾ موضوع: سچل سرمست جي زندگي، عرس، فڪري حوالا، ڪافيون، گادي نشيني، تاريخي پس منظر ڄاڻ سان ڀرپور آهي.
هي ڪتاب عام روايتي سيرت يا تصوف جي ڪتابن کان مختلف آهي ڇاڪاڻ تہ ان جو اسلوب ليڪچر، تقرير يا داستاني روايت بدران سوال جواب واري نصابي ۽ تحقيقي انداز ۾ آهي جيڪو خاص طور تي نوجوان پڙهندڙن، شاگردن ۽ محققن لاءِ آسانيءَ جو سبب بڻجي ٿو.
ڪتاب سچل سرمست جي زندگيءَ، ڪلام، فڪر، عرس مبارڪ ۽ درگاھ جي روحاني تسلسل بابت بنيادي ڄاڻ کي هڪ منظم سوال جواب واري صورت ۾ پيش ڪري ٿو.
اهو انداز ٻن فائدن سان گڏ اچي ٿو:سچل بابت مُهم سوالن کي موضوعاتي ترتيب سان محفوظ ڪرڻ ۽ سکيا ۽ مطالعي لاءِ سائنسي ۽ درسي سهولت پيدا ڪرڻ بہ آهي.
اهڙن ڪتابن جي کوٽ، خصوصاً سنڌ جي صوفين تي، هميشہ محسوس ٿي آهي. گهڻو مواد منتشر آهي پر اهڙي ترتيب سان گڏيل نہ هو. ان اعتبار سان هي ڪتاب "خالي جاءِ ڀريندڙ ڪم" آهي.
ياسر عبدالنبي خاصخيلي ۽ ساحل حاجي حسين جلباڻي ٻنهي جا نالا هاڻي جديد سنڌي ادب، تحقيق ۽ ثقافت جي شعور ۾ سڃاتل آهن. خاص طور تي حاجي حسين جلباڻي جيڪو ڪافي عرصي کان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي ۾ ڪمپيئر طور ڪم ڪري رهيو آهي، ان جي آواز، مطالعي ۽ مشاهدي ۾ صوفيانہ لطافت ۽ سماجي حوالا گڏيل ملن ٿا. هن جي مطالعي ۽ شخصي تجربي مان صاف محسوس ٿئي ٿو تہ ڪتاب رڳو جمع ڪرايل مواد نہ آهي پر فڪري ۽ روحاني محبت سان گڏيل دستاويز پڻ آهي.
ڪتاب جي اندر موجود سوالن جي قسمن جو تجزيو پڙهندڙ پاڻ ڪري سگهي ٿو.
سچل سرمست جي عرس، درگاھ، ڪافين، فڪر ۽ زندگيءَ بابت پيش ڪيل ڄاڻ اهميت جوڳي آهي.
سچل سرمست جي فڪر کي ايندڙ نسل تائين منتقل ڪرڻ جو خيال ئي آهي.
ڪتاب "ڄاڻ سچل جي" جو سڀ کان اهم رخ اهو آهي تہ ان ۾ سچل سرمست جي زندگي، فڪر، ڪلام، تاريخي حوالن ۽ درگاهه سان لاڳاپيل مسئلن کي سوال جواب جي شڪل ۾ ترتيب ڏنو ويو آهي. اهڙو ڪم سنڌي ڪتابن ۾ اڃا بہ گهٽ نظر اچي ٿي جڏهن⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠ تہ عربي، فارسي ۽ انگريزي ڪتابن ۾ اهو ڪم هڪ تسليم ٿيل انداز ۾ ٿي پيو خاص طور تصوف، فلسفي ۽ مذهب جي تدريسي ڪتابن ۾.
سوال جواب جو انداز ڇو اهم آهي؟
ڇو⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠ ته اهو پڙهندڙ کي موضوع سان سڌو لاڳاپي ۾ آڻي ٿو. پڙهندڙ کي ڳولهڻ بدران سڌي ڄاڻ ملي ٿي. استاد، شاگرد، ليڪچر ۽ مباحثي لاءِ مفيد بڻجي ٿو. معلومات لکت بدران مڪالماتي انداز ۾ محفوظ ٿئي ٿي. سچل تي تحقيق ڪندڙ لاءِ مواد بنيادي حوالو بڻجي سگهي ٿو.
مثال طور، ڪتاب ۾ شامل ڪجهه اهم سوالن جا موضوع هي آهن:
سچل سرمست جو اصل نالو، نسب ۽ ٻالڪپڻ،درگاھ درازا ۽ گادي نشينن جو تسلسل، سچل جي ڪلام ۾ عشق، انسان دوستي ۽ وحدت الوجود جا حوالا، سچل سرمست جو مرشد ۽ روحاني سلسلو، مختلف سالن جا عرس مبارڪ ۽ انهن ۾ فڪري روايتون، ڪافين، بيتن ۽ وائي جي صنف بابت سوال، سچل جي مانجهي مريدن ۽ شاگردن بابت ڄاڻ، سنڌي، فارسي، سرائيڪي، اردو وغيره ۾ سچل جي ڪلام جا مثال اهو مواد پڙهندڙ کي اهو ٻڌائي ٿو تہ سچل کي صرف هڪ زبان جو شاعرنہ پر گھڻين زبانن جو شاعر آهي. بين المذاهب ۽ انسان دوست صوفي فڪر جو نمائندو سمجهڻ گهرجي. سچل کي لطيف کان ڌار نہ پر تسلسل ۾ ڏسڻ گهرجي، فڪر جو سچو سرچشمو وحدت، عشق ۽ آزادي آهي. سچل شخصي عقيدت نہ فڪري ورثو آهي.
ڪوثر ٻرڙو جو مهاڳ ڪتاب کي صرف تعارف نہ، فڪري جواز بہ ڏئي ٿو۔ هو پڙهندڙ کي ٻڌائي ٿو تہ هي ڪتاب قصا نہ پر فڪر جي واٽ جو نشان آهي.
ڪتاب ۾ درازا شريف جي درگاهه، گادي نشينن، ۽ روحاني تسلسل بابت سوال موجود آهن، جيڪي نہ رڳو تاريخي قدر رکن ٿا پر سماجي ۽ ثقافتي اهميت به رکن ٿا. سچل جي درگاھ سندن روحاني درسگاھ رهي آهي جتي اڄ بہ ڪلام چيو وڃي ٿو. ڪافي ٻڌائي وڃي ٿي ۽ فڪر جي مشعل ٻرندي رهي ٿي. ڪتاب ۾ اهم نڪتا. مختلف دورن جا عرس ۽ انهن جون خاص روايتون، سچل جي ڪلام جي پيشڪش جا انداز، صوفيانہ موسيقي، ڌمال ۽ وجد واري تاريخي روايت،درگاھ جو سماجي ڪردار بحث مباحثا، ڪافين جون محفلون، غريبن جي خدمت وغيره شامل آهي.
 
Back
Top