سنڌ جي عالمن پاران سي جي لنڪ ڪئنال وهائڻ غير شرعي ۽ غير اسلامي قرار

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ جي عالمن پاران سي جي لنڪ ڪئنال وهائڻ غير شرعي ۽ غير اسلامي قرار

    جيڪب آباد(ن ڪ) جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ جي ميزباني هيٺ مفتين، عالمن ۽ حافظن جو گڏيل اجلاس جي يو آءِ جي صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري جي صدارت ۾ الجمعيت هائوس تي ٿيو. جنهن ۾ مفتي عبدالحليم ابڙو، مفتي عبدالُوحيد کهڙو، مفتي تاج محمد چنا، حافظ عبدالباسط مهر ۽ مولانا عبدالعزيز ڀرڳڙي سميت ٻين ڪيترن ئي عالمن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌو درياءَ جي پاڻي تي پنجاب پاران سي جي لنڪ ڪئنال کولڻ کي غير اسلامي ۽ غير شرعي قرار ڏيندي فتويٰ ڏني وئي ته سنڌو درياءَ جي پاڻي تي پنجاب پاران لاڳيتو ڌاڙو هڻڻ غير اسلامي ۽ غير شرعي آهي جنهن کي عالم رد ڪن ٿا ۽ پنجاب لاءِ اهو چوري ٿيل پاڻي حرام قرار ڏنو وڃي ٿو. عالمن پاران جاري ڪيل فتويٰ ۾ اهو به چيو ويو ته پاڻي جو حق اسلام ۾ سڀ کان پهريان درياءَ جي پڇڙي وارن جو هوندو آهي پر ان جي ابتڙ پنجاب هوڏ قائم رکندي سنڌ جي پڇڙي جو پاڻي چوري ڪري غير اسلامي ۽ غير شرعي ڪم ڪري رهيو آهي، عالمن اهو به چيو ته پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪئنال پنجاب پاران وهايا ويا آهن انهن خلاف عالم به جدوجهد ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري ايندا ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ پاڻي چوري ڪرڻ ڏوهه آهي ۽ ڏوهه خلاف هر محاذ تي مهاڏو اٽڪايو ويندو. اجلاس ۾ ٿيل اهڙي فتويٰ جي پڌرائي جي يو آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر اي جي انصاري پاران جاري ڪئي وئي آهي.

    __._,_.___
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي عالمن پاران سي جي لنڪ ڪئنال وهائڻ غير شرعي ۽ غير اسلامي قرار

    سائين هاڻي ته سڀني ڌرين کي گڏيل جدوجهد تي عمل ڪرڻ گهرجي۔۔ عالمن جو فتوى به هٿ ۾ آهي۔۔ ڏسون ڇا ٿو ٿئي۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي عالمن پاران سي جي لنڪ ڪئنال وهائڻ غير شرعي ۽ غير اسلامي قرار

    ڏاڍي جرات & وقتائتي فتوي آهي
    سنڌ جي عالمن کي سلام
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جي عالمن پاران سي جي لنڪ ڪئنال وهائڻ غير شرعي ۽ غير اسلامي قرار

    وقت ۽ حالات جي حساب سان عالمن جي فتوي اهم حيثيت رکي ٿي،​
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي عالمن پاران سي جي لنڪ ڪئنال وهائڻ غير شرعي ۽ غير اسلامي قرار

    بلڪل ادا ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو