مست
سينيئر رڪن
هڪ نئين انڪشاف موجب انڊونيشيا جا مسلمان وڏي عرصي تائين صوماليا ۽ ڪينيا جي طرف کي ڪعبة الله جو طرف سمجهي نماز پڙهندا رهيا.. هڪ وڏي غلطيءَ جي ڪري قبلي جي طرف جي صحيح خبر نه پئجي سگهي هئي. ان بعد ڇهه مهينا اڳ يعني هن سال 2010 جي ابتدا ۾ هڪ مشهور اسلامي تنظيم انڊونيشين علماء ڪائونسل (يو ايم آءِ) طرفان هن انڪشاف بعد وڏي تعداد ۾ مسجدن جي ڪجهه حصن کي شهيد ڪري نئين ڏسيل طرف مطابق محراب ٺاهيا ويا هئا ، پر ڪجهه ڏينهن اڳ ساڳئي تنظيم اهو اعلان ڪري ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو ته ڇهه مهينا اڳ ٻڌايل طرف به بلڪل صحيح نه هو ڇو ته قبلو انڊونيشيا جي بلڪل مغرب ۾ نه پر شمال مغرب ۾ ٿئي ٿو. ان اعلان کان پوءِ جتي انڊونيشيا جا لکين مسلمان وڏي ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا آهن اتي ئي انڊونيشيا جي ٻي وڏي اسلامي تنظيم انهيءَ اعلان جي رد عمل ۾ انهيءَ اعلان تي فوري عمل نه ڪرڻ ۽ ڪجهه وڌيڪ غور ويچار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. سندن چوڻ آهي ته پهرين ڏسيل تڪڙي ۽ غلط اعلان جي ڪري مسلمان ڪيترا ئي مهينا وري غلط طرف ڏانهن نماز پڙهندا رهيا ، ان ڪري هن ڀيري ڪجهه غور ويچار ۽ صلاح مشوري ۽ جديد تيڪنيڪن کي استعمال ڪري هي ڪم ڪيو وڃي.
واضح رهي ته انڊونيشيا جي هڪ وڏي آبادي مسلمانن تي مشتمل آهي ۽ اهي اسلامي رڪنن ۽ فرضن جي باقاعدگي سان پابندي ڪن ٿا، ماضي ۾ نامعلوم سببن جي ڪري قبلي کان غلط رخ تي ٺهيل مسجدن ۾ پڙهيل نمازن کان پوءِ مارچ ۾ ٿيل اعلان تي سڀ انڊونيشيائي مسلمان مطمئن ٿي ويا هئا پر هاڻوڪي اعلان کين وڌيڪ منجهائي وڌو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن جديد دور ۽ جديد آلات جي هوندي به ايڏي وڏي غلطي ٿي رهي آهي، جنهن کي اڃان نه سڌاريو ويو آهي.
انڊونيشين علماء ڪائونس (يو ايم آءِ) جي سربراهه جو چوڻ آهي ته ماضيءَ ۾ غلط طرف تي پڙهيل نمازن جي قبوليت تي انڊونيشيا جي مسلمانن کي شڪ نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته الله جي در تي نيت قبولي ويندي آهي، ۽ هي نمازون ته وري به ڀُل۾ غلط طرف ڏانهن پڙهيون ويون، جن کي اسلامي طريقن مطابق باطل قرار نه ڏنو ويو آهي يعني انهن کي وري ادا ڪرڻ جي ضرورت نه آهي..
سندن چوڻ موجب ته هاڻي مسجدن جي حصي کي شهيد نه ڪرڻو پوندو بلڪه محراب جي ۽ صفن جي درستگي ڪرڻي پوندي۔۔۔