“اداڪار بڻجڻ جي شوق ۾ وڪالت کان منهن موڙيم، سِول جج ٿيڻ جهڙي عزت واري آڇ کي ٿڏي ڇڏيم، پر شوبز جي دنيا مون کي ڇا ڏنو، فقط ڪجهه ڏينهن جي شهرت، مون کي ڪهڙي خبر ته شوبز جي دنيا صرف چار ڏينهن جي چانڊوڪي آهي، اڄ ڪرائي جي گهر ۾ رهان ٿو ۽ خالي کيسي سان هن موذي بيماريءَ سان اڪيلو وڙهي رهيو آهيان، جيڪا ڪجهه جمع پونجي هئي اها علاج تي لڳائي ڇڏي، الله ٻه نياڻيون ڏنيون، شڪر آهي جو انهن جي شادي پنهنجي وقت سر ئي ڪرائي ڇڏي هئي نه ته هن بيماري ۽ بيروزگاري جي عالم ۾ انهن جي شاديءَ جي ڳالهه ته مون کي جيئري ئي ماري ڇڏي ها.” اهي لفظ ٻي ڪنهن هستيءَ جا نه پر سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي جڳ مشهور ۽ ڀلوڙ اداڪار اي-آر ميمڻ (عبدالرحمٰن ميمڻ ) جا آهن. 22 ورهين جي عرصي تي مشتمل ڪيريئر ۾ 300 کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ هن هستيءَ کي جڏهن بيمارين وڪوڙيو ته پنهنجا پرايا منهن موڙي ويا. شگر جهڙي موذي بيماري ۾ مبتلا هن مهان اداڪار جي هڪ ٽنگ بيماريءَ جي اثر جي ڪري ڪٽڻي پئجي وئي، هاڻي پئسا نه هجڻ ڪري بيماري سندس اندر گهر ڪري وئي آهي، سندس چوڻ آهي ته بيماريءَ جي ڪري سندس زخمن مان پاڻي ڳڙندو رهي ٿو، جيئري ايذاءُ ۾ آهيان. سندس موجب ته “مان پهريون اسٽيج ڊرامو 1980 ۾ حيدرآباد ۾ ڪيو، انهيءَ کان پوءِ پنهنجي صلاحيتن جي ڪري مون پوئتي مڙي نه ڏٺو، بعد ۾ مان حيدرآباد ريڊيو تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اتي صداڪار، ڪمپيئر، نيوز ريڊر ۽ انائونسر جي حيثيت سان ڪم ڪيو، ۽ 1985 ۾ پي ٽي وي تي اچي ويس، ٽيليوزن تي تپش منهنجو پهريون ڊرامو هيو، جنهن کان پوءِ مون وٽ سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي لائين لڳي وئي. 22 سالن جي اندر 300 ڊرامن ۾ مختلف ڪردار نڀايم، جن ۾ اردو ڊرامي “تپش”، “جانگلوس” جي ڪري شهرت جي بلندين تي پهچي ويس. جانگلوس ۾ چوهدري جي ڪردار کي مون پنهنجي انداز ذريعي امر ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ ٻارن جي هڪ پروگرام “شير خان” جي مرڪزي ڪردار کي نڀائڻ جي ڪري به ڏاڍي شهرت ملي. انهيءَ دوران مون ريڊيو تي به ڪم جاري رکيو.” 1994 ۾ مون کي سول جج ٿيڻ جي آفر ٿي هئي، ڇو ته مان ڪراچي يونيورسٽي مان ايل ايل بي ڪري چڪو آهيان ۽ شروع ۾ منهنجو پيشو وڪالت هئي. انهيءَ وقت ته مون تي اداڪاريءَ جو جنون چڙهيل هو، مان شوبز جون رنگينيون ڇڏي ملازمت جي زنجيرن ۾ جڪڙجڻ نه ٿي چاهيو. انهيءَ ڪري مان انهيءَ عزت واري ۽ پرڪشش آفر کي ٿڏي ڇڏيو، مون کي ڇا خبر ته ڪنهن اداڪار جو ڪيريئر ايترو مختصر ٿئي ٿو ۽ شوبز واري دنيا جي رنگيني ۽ شهرت بس چار ڏينهن جي چانڊوڪي آهي. اهڙي باعزت پيشي واري ملازمت کي ڇڏي ڏيڻ جي غلطي اڄ به مون کي بي چين ڪري ٿي. پر وري سوچيان ٿو ته قسمت جي ليک کي ڪير ٿو ٽاري سگهي. 2008 منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان برو سال ثابت ٿيو، انهيءَ سال مون کي دل جو دورو پيو ۽ اتان ئي منهنجا حالات بگڙجندا ويا. دل جا وال بند ٿيڻ سبب مون انجيوپلاسٽي ڪرائي ۽ موت جي منهن مان بچي واپس پهتس، انهيءَ کان پوءِ جنوري 2009 ۾ مون کي کاٻي پير ۾ ڌڪ لڳو ۽ تڏهن وڃي خبر پئي ته مون ۾ شگر گهر ڪري چڪي آهي، شگر جي وڌي وڃڻ جي ڪري منهنجي زندگي بچائڻ خاطر ڊاڪٽرن هاءِ رسڪ سرجري سان منهنجي ٽنگ ڪٽي ڇڏي. 25 ڏينهن اسپتال ۾ رهڻ کان بعد گهر پهتس، وري ڪجهه ڏينهن بعد منهنجي ڦڦڙن ۾ انفيڪشن ظاهر ٿي پيو، پوءِ انهيءَ جي علاج لاءِ رهيل سهيل الهه تلهه کپايم. وري خبر پئي ته مصنوعي ٽنگ هڻڻ جي سهولت پاڪستان ۾ موجود آهي، پر ڊاڪٽرن منهنجي ٽنگ غلط اندازي سان ڪٽي هئي، جنهن ڪري مصنوعي ٽنگ جي ايڊجسٽمنٽ مسئلو بڻجي وئي. ڊاڪٽرن مشورو ڏنو ته ٻيو آپريشن ڪرايو پر هاڻي منهنجي مالي حالت اهڙي آهي جو علاج ٻيهر ڪرائي سگهان.. هاڻي ته مالي مدد ڪرڻ وارن دوستن ۽ مائٽن به هٿ سوڙهو ڪري ورتو آهي. پهريئن آپريشن لاءِ جن کان قرض ورتو هئم انهن کي واپس نه ڪري سگهيو آهيان ته ڪهڙي منهن سان مان انهن کان وري پئسن جي مدد گهران، انهيءَ حالت ۾ ٻيهر آپريشن ڪرائڻ جو ڪيئن سوچي سگهان ٿو، هاڻي ته دڪاندار به وڌيڪ سودو ڏيڻ کان انڪار ڪري چڪو آهي. ماڻهو چوندا آهن ته فنڪار قوم جو سرمايو هجن ٿا، ملڪ جو فخر هجن ٿا. پر اڄ مون کي احساس ٿئي ٿو ته انهيءَ سرمائي جي ڪا به عزت ۽ حيثيت نه آهي، منهنجي درخواست تي ڪجهه عرصو پهري سيڪريٽري ڪلچرل شمس جعفراڻي، 5 لک امدادي رقم ڏيڻ ۽ سرڪاري خرچ تي منهنجو علاج ڪرائڻ جو آسرو ڏنو هئو پر مليا فقط 2 لک رپيا، باقي پئسا گهريا ته انهيءَ چيو ته اوهان في الحال انهن پئسن سان ڪم هلايو باقي بعد ۾ ڏسبو، (انهيءَ باري ۾ جڏهن شمس جعفراڻي سان رابطو ڪيو ويو ته انهيءَ چيو ته مان اي آر ميمڻ صاحب کي فقط 2 لکن جو واعدو ڪيو هو جيڪي مان کين ڏياريا، باقي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي ڳالهه هاڻي توهان سرڪاري ادارن کان ئي پڇيو ڇو ته هاڻي مان انهيءَ نوڪري ۾ نه رهيو آهيان). ثقافت کاتي جي طرفان به منهنجي سار نه لڌي وئي آهي، انهيءَ محڪمي مان فقط انهن کي فائدو آهي، جن جا تعلقات وڏن ماڻهن سان آهي، اسان جهڙا فنڪار جن جي ڪابه لابي نه آهي اهي ايئن ئي بي وس ٿي تڙپي مري وڃن ٿا. هڪ ڏينهن مان به ثقافت کاتي جي عدم توجهه جي ڪري گمنام مري ويندس.. منهنجي علاج تي هينئر تائين 12 کان 13 لک خرچ اچي چڪو آهي، جن مان وڌيڪ مان پنهنجي کيسي مان خرچ ڪيوآهي. ڳوٺ ۾ جيڪا منهنجي زمين هئي اها به انهيءَ بيماري جي ڪري وڪڻي چڪو آهيان. هاڻي مان هٿين خالي آهيان، منهنجا ٻه پٽ آهن، هڪ روزگار سان آهي ۽ ٻيو بيروزگار، ڪرائي جي مڪان ۾ رهان پيو، جنهن جا ڇهه هزار ته مهيني جي مسواڙ جا ڀريان ٿو ۽ يوٽيلٽي بل ان کان علاوه آهن. هڪ ڏينهن تنگ دستيءَ کان مجبور ٿي پنهنجي هڪ اهڙي پراڻي دوست ڏانهن فون ڪيم جيڪو پهرين مون کان سواءِ ماني نه کائيندو هو، کيس پنهنجي مجبوري ٻڌائي ڪجهه مدد جي درخواست ڪيم پر ان به پنهنجي مجبوري ٻڌائي معذرت ڪري ڇڏي. هاڻي ته اها صورتحال آهي جو پراڻا دل گهريا دوست منهنجو آواز ٻڌڻ به گوارا نه ٿا ڪن، نمبر ڏسي فون ڪٽي ٿا ڇڏن. نوٽ: بجليءَجي لوڊ شيڊنگ جو ٽائيم ٿيڻ جي ڪري هن ليک جو ڪجهه حصو ۽ تصويرون رهجن ٿيون اهي ڪجهه وقت کان پوءِ ونڊ ڪندس۔۔۔