ڪتاب “جيون گهاريو جن سين” جو سرسري جائزو...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
يادگيرين جو سفر، ماڻهن کان لفظن تائين.
ڪتاب “جيون گهاريو جن سين” جو سرسري جائزو …!
فقير محمد سنڌي
سنڌ جي سماجي، ادبي ۽ فڪري منظرنامي ۾ ڪي ڪتاب صرف ڇپيل صفحا نہ هوندا آهن. بلڪہ پنهنجي وقت جا زنده شاهد پنهنجي ماحول جا آئينا ۽ پنهنجي ليکڪ جي دل جي اندر سڀ کان گهڻا ڳجهارت رکندڙ خزانا هوندا آهن. “جيون گهاريو جن سين” اهڙو ئي ڪتاب آهي رشتن، محفلن، جدوجهدن، محبتن ۽ گڏ گذاريل يادگيرين جو هڪ اهڙو انساني نقشو جنهن ۾ ليکڪ صرف ماڻهن کي ياد نٿو ڪري پر انهن کي وقت کان بہ وڌيڪ جيئرو ڪري پيش ڪري ٿو.
ناليواري ڪهاڻيڪار سڪندر عباسي مهاڳ ۾ هڪ نهايت بنيادي ڳالھ لکي آهي.
“حافظو پائدار ناهي، انڪري انسان يادگيرين کي دماغ جي دفتر مان ڪاغذ ۾ منتقل ڪندو آهي.”
هي جملو ئي ڪتاب جو در کولي ٿو جتي يادون فقط يادون نہ رهنديون آهن پر انساني تاريخ جو زنده حصو بڻجن ٿيون.
ان کان پوءِ زاهد علي جوڻيجو امهاڳ ۾ ليکڪ جي محنت کي 43 عمارتن سان ڀيٽ ڏئي ٿو جتي هر خاڪو هڪ مڪمل آرڪيٽيڪٽ ڪلچرل ڊرائنگ جي برابر آهي. سجاوٽ، عمدو نماءُ ۽ انساني جذبات جي نفاست سان ڀريل، واقعي هن ڪتاب جا خاڪا ڪا سادي تحرير نہ پر انساني ڪردارن تي تراشيل فڪر جا مجسما آهن.
ڪتاب ۾ جيڪي شخصيتون شامل آهن اهي فقط نالا نہ پر سنڌ جي فڪر، شعور، تحريڪ، دوستي ۽ ادب جو نقشو آهن. هتي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي جو سنڌ دوست ڪامريڊي لوڪ آهي. عبدالواحد آريسر جي معصوم دانشوري آهي. ادل سومري جو ادب، درد ۽ انسان دوستي آهي. تاج جويو جي ٻولي، قومپرستي ۽ فڪر جي دائمي روشني آهي. اسرار شام ٻارن جو مسيحا بڻجي ٿو. ڪامريڊ حيدر جويو تاريخ جو سچو ماٺو ڪردار آهي. سرمد چانڊيو محبت جي صدين جو شاعر آهي ۽ ڊاڪٽر عائشہ داريجو هڪ بهادر، بيباڪ ۽ فڪري طور مضبوط سنڌي فيمينسٽ آهي.
هي ڪتاب دوستن ۽ رفيقن جي گيلري آهي جنھن ۾
سرڪش سنڌيءَ جو باغي روح،ديدار سولنگي جو اينيميٽڊ ڪردار،استاد خالد چانڊيو جهڙو استادن جو استاد،جيئل اوڏ وڏي ڀاءُ جهڙو،جيئل اوڏ اوتري ئي مٺيءَ مسڪراهٽ وارو آهي جيتري سنجيدگيءَ سان دوستي نڀائيندو آهي. هو وڏو ڀاءُ رڳو نالي ۾ ناهي پر رويي ۾ بہ وڏائي رکي ٿو محبت، وقار ۽ احترام سان ڀريل لفظ بہ آڇي ٿو.
استاد غلام شبير سمون جهڙو راڳ جو ديوتا بہ ۽ حمز علي سوهو جهڙو رهنما بہ. هتي منظور شيخ جي سياست آهي. اعجاز سولنگي جا موهن جي دڙي وارا راز آهن،
،موهن لعل پريمي جهڙو پريم ۽ علم جو ساگر،ماما رمضان سماج جي امان،سرور منگيءَ جهڙو لازوال سماجي ۽ ادبي ستارو،لعل سولنگي کان ادل سولنگي تائين جو سفر،
آمنه سومرو پنهنجي تحريڪيت، تحقيق ۽ جذبي سبب عورتن لاءِ هڪ علامت بڻجي چڪي آهي. سندس جوش رڳو لفظ ناهي، عمل آهي،
سائين عبد الحق ساريو جو سچو، وچريو ۽ همدرد وجود،اهي سڀ ڪردار ڪتاب ۾ جيئرا بيٺل محسوس ٿين ٿا. هي گيلري اڳتي هلي ٿي تہ وڌيڪ رنگ ڀرجي وڃن ٿا. جواد جعفري جديد سنڌي شاعريءَ جو نمايان نالو،عابد ڪاظمي ترقي پسند تحريڪ جو باهمت سورمو،قدير شيخ سنڌي تنقيد جو سچو آواز،جگدیش آهوجا علم ۽ عمل جو سنگم،
سڄڻ سنڌيءَ جي سهڻين رفاقتن جي چمڪ،
بقا ﷲ بوزدار جي سنگتيءَ جي سونهن،شان ڏاهر جي صحافتي ۽ ادبي هم قبولي،ڀائو ستار سومري جي محبتن جي سفارت،وفا صالح راجپر جي وفائن جي خوشبو،علي پٺاڻ جو ويساهي دوستاڻو لهجو،
ڪامران سومري جو اعتماد،زاهد منگيءَ جو فخر،مور مغيري جو صدوروپڻو،منير سومري جو ڀرجهلو،روشن ٽوٽاڻي جي چپر ۽ ڇانو،فقير محمد سنڌي جي پورهيت رفاقت،محمد حسن پٺاڻ جهڙو يارن جو يار،رضا ٻرڙو سجهريءَ جو تلاش ڪندڙ۽ امام بخش ٻٽ رشتن جي ڀرم جو محافظ اهي سڀ ڪردار هن ڪتاب ۾ نہ فقط لکيل آهن بلڪہ تاريخي آرٽ وانگر سهڻا بہ آهن.
ليکڪ هر شخصيت کي صرف سڏي نٿو پر ان سان گڏ ٿيل پنڌ، ڳالهيون، تڪرار، محبتون، محفلون، جدوجهد ۽ احساسن کي لفظن جي صورت ڏئي ٿو. هي خاڪا انساني چهرن کي نہ پر انساني روح کي بيان ڪن ٿا. ساروڻيون وقت جي دريءَ کي کولين ٿيون ۽ پڙهندڙ ڏسي ٿو تہ ڪيئن رشتا فقط نالا نہ هوندا آهن پر زمانن جا ساٿي هوندا آهن.
بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر فياض لطيف جو جملو هن سموري ڪم جو نچوڙ آهي. “لکڻ لوهارڪي ڪرت نہ پر سونارڪو پورهيو آهي.”
۽ هن ڪتاب ۾ واقعي سونار جو سوجھرو، نرم هٿ، نزاڪت، فڪر جي چمڪ ۽ محبت جي گرمي صاف محسوس ٿئي ٿي.
"جيون گهاريو جن سين” اصل ۾ اُنهن ماڻهن جو ڪتاب آهي جن سان گڏ ليکڪ پنهنجا سال، پنهنجا ڏک، پنهنجو فڪر، پنهنجو شعور ۽ پنهنجي محبت جو حصو ونڊيو. اهي ماڻهو سنڌ جي ڌرتيءَ جا اهي ستارا آهن جن جي چمڪ ليکڪ جي ساري زندگي روشن رکي ۽ هاڻي پڙهندڙن جي ذهنن کي روشن ڪنديون .
سنڌي ادب ۾ خاڪي جي صنف جو بنياد برصغير جي ان روايت ۾ پيو جتي شخصيت کي فڪر، بناوت ۽ باطني رنگن سان پيش ڪرڻ کي فن جو درجو مليو. منٽو ۽ رشيد ڀٽي جهڙا نالا هن صنف کي اوج تي پهچايو. ساروڻيون سنڌي لوڪ روايت، اجتماعي شعور ۽ گهراڻي جي يادگيرين جو اهو تسلسل آهن جن وسيلي سماج جي تاريخ ماڻهوءَ جي شخصي داستان ۾ محفوظ ٿئي ٿي. يادگيريون جديد دور ۾ ليکڪ جي ذات، وقت ۽ سماجي حالتن جو گڏيل احوال بڻجي ادب ۾ هڪ مستند تاريخي ذريعي جي صورت اختيار ڪن ٿيون. “جيون گهاريو جن سين” انهن ٽنهي صنفن خاڪيداري، ساروڻي ۽ يادگيري جو جديد، پختو ۽ اعليٰ ميل آهي جيڪو سنڌي ادب کي هڪ ٻي نئين سرحد عطا ڪري ٿو.
هيءُ ڪتاب پڙهندڙ کي ٻڌائي ٿو تہ آدم جو اصل سفر ماڻهن سان ئي جڙيل هوندو آهي.
۽ “جيون گهاريو جن سين” انهن ماڻهن جو ئي احوال آهي جن سان جيون، حقيقت ۾، “گهاريو” ويندو آهي.
 
Back
Top