فقير محمد سنڌيءَ جي ڪتاب " ٻاراڻي ادب جو تجزيو" تي هڪ نظر.

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
فقير محمد سنڌيءَ جي ڪتاب " ٻاراڻي ادب جو تجزيو" تي هڪ نظر.
جيئند علي مھر.
سنڌي ادب ۾ ڪيترائي اهڙا نانوَ آهن جيڪي مسلسل پنھنجي قلم جي ذريعي اسان جي ذهنن ۽ سوچن کي پنهنجي سندر ۽ سيبتن خيالن سان واسي رهندا آهن. اهڙو ئي نئين ٽهيءَ جو نرالو اديب، محقق، شاعر، صحافي، ريڊيو ڪمپيئر ۽ محبتن جوامين ڀلوڙ انسان فقير محمد سنڌي بہ آهي جنهن سدائين سنڌي ادب جي سونهن کي وڌائڻ لاءِ وسان ناهي گهٽايو. هر ويلي دوستن جو ڀر جھلو ٿيندڙ ڏاهو، اديب فقير محمد سنڌي مختلف ٻاراڻي ادب جي ڪتابن تي پنهنجي تجزئي جي نظر ڦيرائي انهن ڪتابن تي سهڻي نموني سان اڀياسي ليک لکيا آهن.
تازو ئي فقير محمد سنڌي جو ٻاراڻي ادب سان لاڳاپيل چوڏهن ڪتابن تي لکيل تجزين جو ڪتاب "ٻاراڻي ادب جو تجزيو" نالي ڪتاب ڇپرائي پنهنجي قلم جو ٿڪ لاهي پاڻ کي پنهنجي دل کي بہ سڪون ڏنو آهي. فقير محمد سنڌي جو هي نڪور آيل ڪتاب " ٻاراڻي ادب جو تجزيو" سنڌي ادب کي ارپيو آهي.
هن ڪتاب " ٻاراڻي ادب جو تجزيو" ۾ ليکڪ جيڪو پنهنجي پاران مقدمو پيش ڪيو آهي ان مقدمي ۾ فقير محمد سنڌي هڪ ٻاراڻي ادب جي تاريخ بيان ڪئي آهي جنهن ۾ ٻاراڻي ادب سان لاڳاپيل ڪتاب جي ترتيب لکي آهي جيڪا سن 1853 کان وٺي 2024 تائين ٻاراڻي ادب جي ڇپيل ڪتابن جي سونهن سهيڙيل آهي. هڪ محقق جيڪو ادب جي تاريخ سان دلچسپي رکي ٿو اهو ئي هيڏا اٺ ڪتابن جا پڙهي انهن جو نچوڙ پنن تي اتاري، اسان جي علم ۽ سوچ ۾ واڌارو ڪري ٿو. اهو وڏي محنت پٽاندر ۽ جفا ڪشيءَ وارو ڪم آهي، جيڪو فقير محمد سنڌي جي ٻاراڻي ادب سان عشق جي ڪري ئي ممڪن ٿيو آهي.
هيءَ ڪتاب " ٻاراڻي ادب جو تجزيو" جنهن ۾ فقير محمد سنڌي جن بہ ڪتابن تي اڀياسي نظر وجهي تجزيا لکيا آهن انهن ۾ گهڻا ٻاراڻي شاعري تي مشتمل آهن جنهن ۾ سرفهرست اسان جي سنڌ جي يگاني عاشق، سنڌ جي شعور جي سڃاڻپ نامياري اديب شاعر زخمي چانڊيي جي ٻاراڻي شاعري جي ڪتاب "مٺڙا ٻار" تي لاڀائتو تجزيو لکيل آهي ان کان پوء جن ڪتابن تي تجزيا شامل آهن انهن ۾ " ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻارڻي شاعريءَ جو ڪتاب"ننڍڙا فرشتا ،پياريون پريون " آزاد بخاري جي ڪتاب" حق سڃاڻ اي ٻار " استاد گل دايي جو ڪتاب" گيت گلڙن لاءِ " ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا ٽي ڪتاب جنهن ۾" چنڊ بہ منهنجو رانديڪو " ۽ ٻيو" منهنجو ننڍپڻ " ٽيون ڪتاب" منهنجو گڏڙو منهنجي گڏڙي" نوجوان اديب مور مغيري جو ڪتاب" بابا مون کي ڪر نہ ڌنار" حافظ قاري عبدالستار ڪوريجو جو ڪتاب" قرآني قائدو" سينيئر اديب شاعر سائين جانب جواڻ سومرو جو ڪتاب "گيتن جو گلدستو" عيسي ميمڻ جو ٻاراڻي ادب تي شاعريءَ جو ڪتاب " ٽم ٽم تارا" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ٻاراڻي شاعري جو ڪتاب "پنهنجي دنيا ڌار " عبدالحليم سومرو جو ڪتاب " شاگردن لاءِ تقريرون" آخر ۾ مختيار سمون جي ٻاراڻي شاعريءَ جي ڪتاب " گلن جهڙي شاعري پوپٽ جهڙا ٻار " تي انتهائي شاندار نموني سان پرک ڪري سٽ سٽ جو شعور, وک وک تي نور نچوڙي لکيو آهي.
ڪتاب جي ارپنا شاندار بہ آهي "ٻارن لاءِ سرجيل ادب ٻاروتڻ لاءِ پاڻ پتوريندڙ شخصیتون ،ڪشنچند بيوس، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ،پروفيسر مختيار سمون ۽ حاجي انور علي کوکر جي نانءِ ٿيل آهي"
فقير محمد سنڌي جو هي ڪتاب " " ٻاراڻي ادب جو تجزيو" قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو آهي هن ڪتاب جو مهاڳ اسان جي سينيئر اديب ۽ شاعر مختيار سمي جو لکيل آهي. سائين جي ايم رئيساڻي اداريو لکيو آهي. بيڪ ٽائيٽل ناليواري محقق ۽ لغت نويس بدر ڌامراهي لکيل آهي جيڪو خوبصورت پڙهڻ جهڙو آهي.
هن ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ انسان جي سوچ ئي آهي جيڪا هر روز نئين صبح جي شروعات سان پنهنجي اکين ۾ ڪاميابيءَ جا ڪرڻا کڻي منزلن جي تلاش ۾ اڳيان اڳيان هلندي رهندي آهي.
فقير محمد سنڌي جو هي نڪور آيل ڪتاب" ٻاراڻي ادب جو تجزيو" سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خوبصورت واڌارو آهي.
فقير محمد سنڌي بہ پنهنجي ڇپيل ڪتابن ۽ لکڻين ذريعي هڪ الڳ سوچ جو سنيهو اسان جي دلين تائين پھچائيندو رهي ٿو پوءِ ڇو نہ ان مواد ۾ ڇپيل ڪتاب شاعريءَ جا هجڻ يا کڻي مختلف ڪتابن تي لکيل تجزين جي صورت ۾ لکيل تبصرا، تجزيا۽ رايا شامل هوندا آهن.
اسان جي دعا آهي تہ اسان جو هي ناميارو ليکڪ ۽ شاعر فقير محمد سنڌي سدا پنهنجي سوچ جو ساگر سنڌي ادب جي پنن تي اوتيندو رهي ۽ وک وک تي منزلون ماڻيندو رهي.
 
Back
Top