براڊڪاسٽر رضا علي عابدي، آواز جو اهو مسافر جنهن تاريخ جا در کوليا...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
براڊڪاسٽر رضا علي عابدي، آواز جو اهو مسافر جنهن تاريخ جا در کوليا...!
فقير محمد سنڌي
براڊڪاسٽنگ جي دنيا ۾ ڪجھ آواز اهڙا هوندا آهن جيڪي رڳو ٻڌڻ سان ئي وقت جي يادگيرين ۾ تبديل ٿي وڃن. رضا علي عابدي بہ اهڙو ئي آواز آهي جنهن ۾ نرم، تهذيبي، شائستگيءَ سان ڀرپورجنهن بي بي سي اردو سروس کي نئون فڪر، نئون معيار ۽ نئون شعور ڏنو. هو رڳو براڊڪاسٽر نہ پر هڪ محقق، مسافر، ڪهاڻيڪار ۽ ثقافتي ورثن جو راوي بہ رهيو.
زندگيءَ جو سفرروڙڪي کان ڪراچي، ۽ پوءِ لنڊن تائين
30 نومبر 1935ع تي روڙڪي ۾ جنم ورتائين. ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان پاڪستان اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيو. اسلاميہ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ دوران هن ۾ ڪتابن، زبانن ۽ سماج سان دلچسپي وڌيڪ پختي ٿي. نوجوانيءَ ۾ ئي اخبارن ۽ ريڊيو لاءِ لکڻ شروع ڪيائين.
بي بي سي تائين رسائي1972ع جو فيصلائتو سال
1972ع ۾ جڏهن هو بي بي سي اردو سروس جو حصو بڻيو تڏهن هن مائڪروفون جي ٻنهي پاسن تي آواز ۽ لفظ جو نئون معيار قائم ڪيو. بي بي سي ۾ هو خبرداريءَ، مشاهدي، تحقيق ۽ صوتياتي جماليات جو مجموعو هو. هن جو چوڻ آهي تہ
"براڊڪاسٽنگ ۾ سڀ کان اهم سبق اهو سکيو اٿم تہ پنهنجي سامعين سان پيار ڪيو."
اهو ئي پيار سندس هر پروگرام ۾ سمايل هو.
پروگرام ۽ روايتون جيڪي ٻڌندڙن کي مسافر بڻائين
جرنیلی سڑک ۾ گرانڊ ٽرنڪ روڊ جو سفر هجي يا ریل کہانی ۾ ريل جا هلندڙ آواز ، شیر دریا ۾ سنڌ جي تمدن جو ورثو يا ڪتب خانہ ۾ ناياب لائبريرين جو پنڌ رضا علي عابدي هر موضوع کي آواز جي شاعريءَ ۾ بدلائي ڇڏيندو هو.
هو ٻڌندڙ کي صرف ٻڌائيندو نہ هو پر گڏ کڻي هلندو هوهڪ مسافر، هڪ رفيق، هڪ راھ جي ساٿي وانگر.
بي بي سي جي اندر جا تجرباآواز جي سنجيدگي، خبرن جو فن، بي بي سي ۾ هن جي محنت، ري سرچ ۽ پيشڪش جو انداز نوجوان براڊڪاسٽرن لاءِ نصاب بڻجي ويو.
هو خبر کي خبر وانگر نہ پر هڪ انساني داستان سمجهي ٻڌائيندو هو. آواز ۾ نہ تڪلف، نه خطابت پر هڪ اهڙو فن جيڪو ٻڌندڙ سان سڌي گفتگو بڻجي رهندو آهي.
ادبي ڪم لفظن جو سفر، تاريخن جو ذوق
براڊڪاسٽنگ کان ٻاهر سندس لکڻي بہ عظيم سرمايو آهي.
سندس نمايان ڪتاب.جرنیلی سڑک،ریل کہانی، شیر دریا،ریڈیو کے دن ۽کتب خانہ ۽ ٻيا ڪيترائي سفرناما، ڪهاڻيون ۽ تحقيقي ڪتاب تاريخ ۾ نمايان آهن.
2013ع ۾ بهاولپور يونيورسٽي کيس اعزازي ڊاڪٽريٽ ڏني جيڪا سندس ادبي، سماجي ۽ براڊڪاسٽنگ خدمتن جي اعليٰ ساراھ هئي.
زبان جو دردثقافتن جو دفاع، ميڊيا تي تنقيد
هو زبانن جو محب ۽ انسانيت جو سفير آهي.
اردو ٻوليءَ جي زوال تي گهڻا دفعا فڪر ظاهر ڪيائين ۽ زور ڏنو.
"ٻولي استاد، ڪتاب ۽ پڙهندڙ بچائيندا آهن شاگرد نہ."
پاڪستاني اليڪٽرانڪ ميڊيا تي بہ سندس تنقيد تعميري هئي.
هو رپورٽنگ جي جنگ، شور ۽ سنسني خيز انساني سماجي ذميوارين جي خلاف سمجهندو هو.
آخري دورلنڊن ۾ مطالعو، سفر ۽ روايتن سان لاڳاپو
رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ ڪتابن، نوٽن، ريسرچ ۽ سفرن کان سندن رشتو ڪڏهن ختم نہ ٿيو.
سندس ڪم سرحدن کان وڌيڪ وسيع آهي. هُو آواز جي ذريعي ورهاڱي جون صدين پراڻيون حدون پار ڪندو رهيو.
رضا علي عابدي آواز جو اهو ورثو جيڪو زنده رهي ٿوجيڪڏهن اردو براڊڪاسٽنگ هڪ زنده تاريخ آهي، تہ ان تاريخ جو سڀ کان روشن باب رضا علي عابدي آهي.هن ثابت ڪري ڇڏيو، تہ آواز بہ ادب آهي، لفظ به سفير آهن ۽ تحقيق بہ انسانيت جو روپ ٿي سگهي ٿي.
بي بي سي جو هي وڏو آواز، پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جو دوست، ۽ نسلن جو استاداڄ بہ پنهنجي آواز جي مهڪ ۾ زنده آهي.
 
Back
Top