ڪرشن چندر انسان دوستي ۽ ادب جو بي مثال داستان نگار...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
ڪرشن چندر انسان دوستي ۽ ادب جو بي مثال داستان نگار...!
فقير محمد سنڌي
ڪرشن چندر برصغير جي اُن ادبي روايت جو معتبر نالو آهي جنهن انسانيت، محبت، سادگي، سماجي صداقت ۽ فنّي بيباڪيءَ کي هڪ اهڙي سٽ، اهڙي چمڪ ۽ اهڙي سچائي سان بيان ڪيو جو هو نہ فقط هند ۽ سنڌ جو مشهور افسانہ نگار بڻيو پر عالمي انساني ادب جي روشن ڪڙين مان پڻ هڪ ٿيو. سندس ڪهاڻيون، ناول، سفرناما ۽ ڊراما برصغير جي ماڻهن جي روزمرہ جي خوشي، تڪليف، غربت، ظلم ۽ اميدن کي جنهن حساسيت سان پيش ڪن ٿيون. اُها دنيا جي ڪنهن بہ وڏن فڪرن کان گهٽ نہ آهي.
ڪرشن چندر 23 نومبر 1914ع تي ڊاڪٽر گوري شنڪر چوپڙا جي گهر جنم ورتو. شنڪر چوپڙا هڪ پڙهيل لکيل ۽ سماجي شعور رکندڙ شخص هو جنهن پنهنجي خاندان کي بهتر تعليمي ماحول فراهم ڪيو. ڪرشن چندر پنهنجا ابتدائي سال ڄمون ڪشمير جي شهرن ۾ گذاريا جتي سندس والد نوڪريءَ تي مقرر هو.
ڄمون جو يورپين اسڪول، گولڊن هاءِ اسڪول ۽ پوءِ فارمين ڪاليج لاهور اهي سڀ تعليمي ادارا هن جي فڪري اڏاوت ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. 1934ع ۾ ڪرشن چندر انگريزي ادب ۾ ايم.اي مڪمل ڪئي.
تعليم دوران ئي هو سياست، سماجيات ۽ ادب سان ويجهو ٿيو. ڪاليج ۾ ابتدائي ڪهاڻيون ۽ ناول لکڻ شروع ڪيا . ڪرشن چندر ادبي ماحول، ترقي پسند تحريڪ، سماجي انصاف جا بحث ۽ انسان ذات جي بهتر مستقبل بابت خواب انهن سڀني عنصرن کي گڏ ڪري هن جي سريلي پر بااثر قلم جي تخليق ٿي سگهيا.
1940ع کان 1947ع تائين سندس افسانا ۽ ناول باقاعدي شايع ٿيڻ لڳا. پهريون ناول "شڪست" 1943ع ۾ شايع ٿيو.سندس ادبي سڃاڻپ جو سنگ ميل ثابت ٿيو. بعد ۾ هو بمبئي آيو ۽ فلمن لاءِ بہ لکڻ لڳو جتي سندس شهرت وڌيڪ وڌي.
ڪرشن چندر، منٽو، عصمت چغتايي ۽ راجندر سنگهـ بيدي سان گڏ ترقي پسند تحريڪ جو بنيادي رکيو.
هن جي تحريرن جو مرڪز انسان هو، بي نوا، مجبور، پياسا، محڪوم انسان.
سندس ڪهاڻين ۾ غريب هاري، ڀوڪو مزدور، جنگ ۾ ڦاٿل سپاهي، مهاجر، محبت ۾ پگهر ٿيندڙ نوجوان سڀئي برابر جي سچائيءَ سان موجود آهن.
ڪرشن چندر جي ڪهاڻين ۽ ناول جو اهو ڪمال آهي جو ڪيترن ٻولين جي حسن هنن کي پرکيو ۽ پڙهيو آهي.
"ڪالو ڀنگي"،"انڌي ياترائن جي ڪهاڻي"،"هڪ عورت هزار ديوانا"، "چوڏانهن منزل"،"سنڌي ڇوڪري" (سفرنامي جو حصو)، "ڪرشن چندر جون چونڊ ڪهاڻيون" سهيڙ ،زيب سنڌي، پهريون افسانو "زينب " 1932ع اُهي ڪهاڻيون هند پاڪ جي ادبي دنيا ۾ هڪ فڪري انقلاب آڻيندڙ حيثيت رکن ٿيون.
ڪرشن چندر کي ترجمي نگارن بہ گچ متعارف ڪرايو جنھن ۾ ناول "غدار" ورهاڱي جي پس منظر تي لکيل آهي جيڪو 1968ع تي ولي رام ولڀ ترجمو ڪيو. ناول "پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون" سنڌي ترجمو سندر اتمچنداڻي 1969ع هند ۾ ڇپيو. ناول "گڏھ جي واپسي" سنڌيڪار : پرويز. ناول "ان داتا" سنڌيڪار : عمر ميمڻ 1980ع عظمت اڪيڊمي. ڪهاڻيون "موهن جي دڙي جو خزانو" سنڌيڪار :زيب سنڌي 1982ع، سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو. ناول "اٽو، لٽو ۽ اجهو "سنڌيڪار : عمر ميمڻ 1995ع.يادگيريون ۽ ساروڻيون " ميري يادون ڪي چنار" سنڌي ترجمو" ساريان سيئي ڏينهن " لطيف اياز پنھور 1995ع،ناول"ڪارنيوال" ترجمو "چيڪلو" سنڌيڪار : بيدل مسرور. ناول" محبت بہ قيامت بہ" ترجمو بيدل مسرور.۽ ناول "هڪ گڏھ جي آتم ڪهاڻي " سنڌيڪار : يوسف سنڌي، 2017ع، نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران شايع ٿيو.
ادارن ۽ ليکڪن ڪرشن چندر کي لکت جي صورت ۾ وڏو اعزاز بخشيو آهي.
" ڪرشن چندر،هندستاني ادب ڪي معمار" (جيلاني بانو)," ڪرشن چندر اور افسانہ نگاري" (ڊاڪٽر احمد حسين)،" ڪرشن چندر، شخصيت اور فن" (جگديش ڪمار وڌاون), ماهوار ”افڪار“ ڪراچي (ڪرشن چندر نمبر), ماهوار ”بيسوين صدي“ دهلي (ڪرشن چندر نمبر), روزانہ”جنگ“ ڪراچي، " موهن جي دڙي جو خزانو" (پهريون ڇاپو), هفتيوار ”سنڌو“ حيدرآباد. شامل آهن.
ناول نگاريءَ جو حسن:
هن درجنين ناول ۽ 500 کان وڌيڪ افسانا لکيا. سندس ڪم دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيندو رهي ٿو. اهو ليکڪ لاءِ وڏو اعزاز آهي.
ڪرشن چندر جي ناولن ۾ داستان، حقيقت ۽ علامت جو عجيب سنگم ملي ٿو. جملن ۾ شاعراڻو لَهجو ۽ منظرنگاريءَ ۾ مصوريءَ جي لطافت آهي.
بابا آدم کان جديد انسان تائين ڪيترين حالتن کي هو اهڙي سادگيءَ سان بيان ٿو ڪري جو پڙهندڙ کي لڳي ٿو ڄڻ اهو منظر سندس سامهون ٿي رهيو هجي.
ڪرشن چندر هند يا پاڪ جو نه بلڪہ انسانيت جو ليکڪ هو.
هند پاڪ ورهاڱي سبب جڏهن انساني رت جا نهر وهيا، ڏک، ڏار ۽ تباھيون وڌيون، تڏهن هن جو قلم وڌيڪ تيز ٿي ويو. هن ورهاڱي کي انسانيت جي سڀ کان وڏي ناانصافي قرار ڏنو.
1950ع کان 1970ع تائين سندس ڪهاڻيون انگريزي، روسي، جرمن، چيني، نارويجي، سلواڪ ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيون. هن کي سوويت دوستي ايوارڊ، مهاراشٽر گورنمينٽ ايوارڊ ۽ ٻين اعزازن سان نوازيو ويو.
هڪ دور ۾ هو بمبئي رائيٽرز گِلڊ جو سيڪريٽري رهيو. لکڻين جو مزاج سادو پر شاعراڻي ٻولي، طنز ۽ مزاح جو نفيس ميلاپ،انساني جذبن جي سچي عڪاسي، سماجي انصاف جو جذبو، ڪردار آکيرا پر انساني فطرت سان جنبيل نظر اچن ٿا.
ڪرشن چندر 8 مارچ 1977ع تي لاڏاڻو ڪري ويو پر ساڻس گڏ سندس قلم، محبتون ۽ انساني فڪر بہ امر ٿي ويو.
اڄ بہ هو برصغير جي سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪن مان هڪ آهي.
ڪرشن چندر ڪيترين ئي فلمن لاءِ ڪهاڻيون، اسڪرين پلي ۽ ڊائلاگ لکيا آهن. "ڌرتي ڪي حال" "دل ڪي آواز"، "دو چور"، "دو پهول"،"من چالي" ،"شرافت" وغيره ڪجھ اهڙيون فلمون آهن جن ڪرشن چندر جي صلاحيتن کي اسڪرين تي ظاهر ڪيو. ڪرشن چندر جي ڪتابن جو تعداد لڳ ڀڳ 115 کان وڌيڪ آهي.
ڪرشن چندر فقط ڪهاڻيڪار نہ پر انساني محبت جو سفير هو. سندس سوچ ڪهاڻيون نہ آهن. بلڪہ هڪ لالٽين آهن جيڪا ڏاڍ ۽ اونداھ خلاف روشني پيدا ڪن ٿيون.
هو اهو ليکڪ آهي جنهن ثابت ڪيو تہ ادب فقط تفريح ناهي ادب انسان جي نجات جو رستو ۽ حوالو آهي.
 
Back
Top