سليمان وساڻ جديد سنڌي ٻولي ۽ فڪر جو معتبر ڪردار...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
سليمان وساڻ جديد سنڌي ٻولي ۽ فڪر جو معتبر ڪردار...!
فقير محمد سنڌي
سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ سليمان وساڻ هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو پنهنجي بيباڪ فڪر، سادي ٻولي، تاريخي شعور ۽ ٻوليءَ جي صلاحيت سبب الڳ مقام رکي ٿو. هو رڳو ڪالم نويس نہ پر سماج کي ڏسڻ ۽ سمجهائڻ جي هڪ مڪمل فڪري روايت جو تسلسل آهي. لکڻين ۾ اهو اعتماد، سچائي ۽ فڪري پختگي موجود آهي جيڪا جديد سنڌي صحافت ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سليمان وساڻ جي فڪر جو مرڪز هميشہ سنڌ، سنڌي ٻولي، انسان ۽ انصاف رهيو آهي پوءِ اها ڳالھ پاڻيءَ جي هجي، ون يونٽ جي تڪرار جي هجي، تعليمي زوال جي هجي يا سياسي بيقاعدگين جي پر سليمان وساڻ هر ويل سجاڳ آهي.
سليمان وساڻ سنڌ جي انهيءَ فڪري دور ۾ اڀريو جنهن دور۾ قوم پرستي، سماجي تحريڪن، اخباري شعور ۽ سياسي جدوجهد پنهنجي اوج تي هئا. هن اهڙن ماحول کي نہ رڳو ڏٺو پر ان کان سکي پڻ پنهنجي قلم کي هڪ واضح رخ ڏنو. سڄي پرورش ۽ فڪري تربيت ڏساندي ڏيھ جي حڪومتي پاليسين، تاريخي محرومين ۽ سنڌي اديبن جي تحريڪ پسندي کان متاثر رهيو . اهو ئي سبب آهي جو جڏهن هو لکڻ لڳو تہ سندس لکڻيءَ ۾ نہ رڳو تجزيو هو پر هڪ شعوري مزاحمت جو رنگ بہ نمايان آهي.
سليمان وساڻ اخبارن، ميگزين ۽ آن لائين پليٽ فارمز تي مسلسل لکندو رهيو آهي. ڪالم هجي يا مضمون ٻنهي ۾ تاريخ، سياست، ماحوليات، سماجيات ۽ معيشت جو هڪ منظم لاڙو نظر اچي ٿو. هو ڪنهن بہ موضوع تي جذباتي انداز ۾ لکڻ کان پاسو ڪري ٿو سندس طرزِ تحرير هميشہ دليل، حوالن ۽ تجزئي تي ٻڌل هوندي آهي.
سليمان وساڻ جي لکڻيءَ جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي تہ هو وڏيون ۽ ڳنڀير ڳالهيون بہ سادي ٻوليءَ ۾ بيان ڪري ٿو جنهن سبب پڙهندڙ کي نہ رڳو خبر پوي ٿي پر سمجھ ۾ بہ اچي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻي شاهوڪارن کان وٺي محنت ڪشن تائين سڀ پڙهن ٿا.اهو ئي ليکڪ جو ڪمال آهي.
سليمان وساڻ جي لکڻيءَ ۾ ڪيترائي نمايان رنگ ملن ٿا. فڪري سچائي هو سماج جي تلخ حقيقتن کان منهن موڙڻ بدران انهن تي کلي لکي ٿو. سليس ٻولي سندس تحريرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سادگي ۽ رواني ملي ٿي جيڪا پڙهندڙ کي بنا رڪاوٽ اڳتي وٺي هلندي آهي. تاريخي تناظر ۾ هو هر سياسي ڳالھ کي تاريخي پسمنظر سان جوڙي ٿوجنهن سان مسئلي جي جڙ تائين پهچڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. عوامي درد، پاڻيءَ، تعليم، زرعي بحران، سنڌي وسيلن جي ورهاست ۽ وفاقي پاليسين جا اثر سندس مستقل موضوع رهيا آهن. مزاحمت جو نرم پر مضبوط رنگ، هو جذباتي نعرا ناهي هڻندو پر پنهنجي دليلن جي ذريعي مزاحمت جو اهو انداز پيش ڪندو آهي، جيڪو پڙهندڙ جي اندر شعور پيدا ڪري ٿو.
سليمان وساڻ جو قلم ڪنهن هڪ شعبي يا تڪرار تائين محدود ناهي. سندس موضوع وسيع، گهرا ۽ گهڻ پاسا آهن. مثال طور:سنڌ جي پاڻيءَ تي تڪرار، تاريخي وسيلن جي ورهاست، صوبائي خودمختياري، ون يونٽ ۽ سياسي بحران، زبان، شناخت ۽ قومي حق، تعليم ۽ سماجي ادارن جي زبون حالت، ماحول ۽ انساني آبادين تي اثر ۽ عالمي سياست ۽ ان جا مقامي اثر.
انهن موضوعن تي لکندي هو رڳو مسئلو سامهون نٿو رکي پر رستا، حل ۽ اڳتي وڌڻ جا نقطا بہ پيش ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس لکڻي رڳو شڪايت ناهي پر سماج کي سمجھائڻ ۽ پاڻ سنوارڻ جو عمل آهي.
جيتوڻيڪ عوام کيس ڪالم نويس طور وڌيڪ سڃاڻي ٿو پر مزاج بہ جديد سنڌي ادب جي هڪ اهم ڪردار جهڙو آهي. لکڻين ۾ جذباتي سوز گهٽ پر سماجي شعور ۽ فڪري سوال گهڻا آهن. هو محبت کي مزاحمت سان ۽ ڌرتيءَ کي انسان سان ڳنڍي لکي ٿو. سندس جذبن ۾ ڌرتيءَ سان عشق، سياسي شعور، انساني درد ۽ قوم لاءِ فڪري جاڳرتا موجود آهي.
سليمان وساڻ جي لکڻي خاص طور تي تجزياتي هوندي آهي. سياسي تبديلين، اقتصادي پاليسين ۽ رياستي قدمن کي هو رڳو ظاهر ۾ نہ ڏسي ٿو پر انهن جي بنيادي سببن، تاريخي پس منظر ۽ مستقبل جي نتيجن کي بہ پيش ڪري ٿو. تجزيو هڪ طرف پڙهندڙ کي موجوده صورتحال سمجهائي ٿو، تہ ٻئي طرف مستقبل بابت خبردار بہ ڪري ٿو.
سليمان وساڻ ڪيترن ئي سماجي، ادبي ۽ صحافتي حلقن ۾ سرگرم رهيو آهي. نئين نسل جي ليکڪن ۽ شاگردن لاءِ پڻ هڪ رهنمائي ڪندڙ شخصيت آهي جنهن جا ڪالم شاگردن، سياستدانن، اديبن ۽ دانشور سڀئي پڙهندا آهن. لکڻيون بحث پيدا ڪن ٿيون، ڇو⁠تہ هو جيڪو چوي ٿو، دليل سان چوي ٿو.
سنڌي ادب ۽ صحافت کي جڏهن بيباڪ سوچ، غير جانبدار تجزيو ۽ تاريخي بصيرت جي ضرورت پوندي آهي تہ سليمان وساڻ جهڙا ليکڪ ان خال کي ڀريو آهي.موجوده دور ۾ سنڌ جي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي مسئلن کي سمجھائڻ جو جيڪو ڪم ڪيو آهي. اهو سنڌي ادب، ٻولي ۽ صحافت لاءِ وڏو سرمايو آهي.ليکڪ جو فرض رڳو لکڻ ناهي پر سماج کي شعور ڏيڻ بہ آهي. سچ لکندڙ قلم وقت سان نہ ٿو ٿڪجي ۽ لفظ جڏهن ايمانداري سان لکيا وڃن تہ اهي تاريخ جو حصو بڻجي وڃن ٿا.
سليمان وساڻ جديد سنڌي فڪر جو اهو آواز آهي جيڪو انديشن بدران دليلن تي بيٺو آهي سندس قلم ڌرتيءَ جي درد، عوام جي آواز ۽ قوم جي اميدن جو ترجمان آهي. هو پنهنجي تحريرن ۾ نہ رڳو سوال کڻي ٿو پر حل بہ ڏيکاري ٿو.
سندس فڪر جي اصل ۾ اها ڳالھ آهي تہ سماج رڳو سياستدان، حڪمران يا ادارا نٿا ٺاهين سماج کي ليکڪ، فڪر ۽ باشعور ذهن بہ مهيا ڪن ٿا.
سليمان وساڻ انهن ذهنن مان هڪ آهي… ۽ وقت ثابت ڪندو تہ سندس لکڻي پنهنجي دور کان اڳتي به سنڌ جي فڪر تي اثر ڇڏيندي.
سليمان وساڻ 13 مارچ 1976ع تي ضلع خيرپور جي تعلقي ڪوٽ ڏيجي جي ڳوٺ مٺل وساڻ ۾ جنم ورتو.هو محنت ڪش هاري محرم علي وساڻ جو فرزند آهي جنهن غريب هوندي بہ پنهنجي اولاد کي تعليم کان محروم نہ رکيو. ڳوٺاڻي حالتن، محدود وسيلن ۽ ڏکين مسافرين باوجود سليمان ننڍپڻ کان علم ڏانهن سنجيده رهيو.هن ابتدائي تعليم پير گڊو پرائمري اسڪول مان حاصل ڪئي جڏهن تہ مڊل ۽ هاءِ اسڪول تائين تعليم ڳوٺ کان ڪلوميٽرن جي پنڌ تي وڃي حاصل ڪئي.شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان بي ايس سي ۽ پوءِ ايم بي اي (مارڪيٽنگ) ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين. تعليم بعد هن آءِ بي اي سکر ۽ پوءِ سئي سدرن گيس ڪمپني ۾ پروفيشنل ڪيريئر شروع ڪيو جتي هاڻي چيف مينيجر جي ذميواري نڀائي رهيو آهي.سليمان وساڻ هڪ حساس، مطالعو ڪندڙ دوست ۽ سماجي خدمت ڏانهن مائل شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو.ادب ۽ ٻولي سان سندس دلچسپي کيس سنڌ جي سائيبر دنيا ۾ هڪ نمايان نالي طور سڃاتو وڃي ٿو. 2010ع تي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جوائن ڪري ان کي رڳو فورم نہ، پر علمي تحريڪ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جيڪو سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڏو اعزاز آهي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ڊجيٽل لائبريري ۾ ڪتاب گڏ ڪرڻ، ترتيب ڏيڻ، اپلوڊ ڪرڻ ۽ پڙهندڙن تائين پهچائڻ ۾ هن بنيادي ڪردار ادا ڪيو.هن جي محنت سان اڄ سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي ڪافي سنڌي ڪتاب عالمي پڙهندڙن لاءِ مفت دستياب آهن.سليمان وساڻ کي سائبر دنيا ۾ سنڌي ٻولي جي ترويج، ڊجيٽل لائبريري جي توسيع ۽ نون پڙهندڙن جي تربيت ڏيڻ جو علمبردار سمجهيو وڃي ٿو.
سنڌ سلامت جا وڏا ڪارناما:
ڪتاب گهر ۾ هزارين سنڌي ڪتاب،
لفظيڪار ، سنڌي لغت ۽ لفظن جو وڏو خزانو.
پيغامِ قرآن سنڌي ترجمن جي وڏي ويب لائبريري.
سنڌي جي تاريخ ۽ شخصيتن جي ڊجيٽل انسائيڪلوپيڊيا،
شاھ لطيف جي تشريحي بيتن جو وڏي پيماني تي ڪم.
سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ٽيم ۾ رشيد سمون کان وٺي عامر چارڻ، عبيد ٿهيم، سجاد چنو، گل لاکو، راشد شر ۽ حفيظ لغاري جهڙا بي لوث ڪارڪن شامل آهن پر انهن سڀني جي وچ ۾ سليمان جو ڪردار مرڪزي دل ۽ فڪر تي قائم آهي.
سائيبر دنيا ۾ سنڌ سلامت جو اهو ڪم دنيا جي ڪنهن بہ قوم وٽ هجي ها تہ شايد اڄ ان تي يونيورسٽيون نصاب ٺاهين ها.
قلمي محاذ تي سليمان مضمون نگار، ڪهاڻيڪار، سوانح نگار. سليمان وساڻ جو قلم نرم، روان، صاف ۽ بي ريا آهي.
300 کان وڌيڪ ڪالم،
درجنين سوانحي خاڪا،
ڪتابن تي بي لاگ تبصرا،
تاريخي ۽ ادبي مضمون.
سندس پسنديده موضوع سماجيات آهي. محبوب ليکڪ امر جليل، نورالهدا شاهه، الطاف شيخ ۽ پسنديده فلم “3 Idiots” آهي شايد ان ڪري سندس سوچ ۾ پڻ جدت، سوال، تجزيو ۽ سکيا جو عنصر ڏاڍو پختو آهي.
شخصيت درويش، معتبر، ۽ دل موهيندڙ انسان
سليمان وساڻ جي طبيعت ۾ بيحد سادگي، سنجيدگي ۽ عاجزي آهي. شايد اهو ئي سبب آهي جو هر ڪو سندس مسڪراهٽ ۾ هڪ “سچائي” محسوس ڪري ٿو. سندس ذهني خاڪو آهي تہ ،
“زندگي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پهريان زندگي جو ڪامياب تصور ٺاهڻو پوي ٿو.”
سندس دوستن لاءِ هو “ڪاپڙي سنڌي” جو نشان تہ نوجوانن لاءِ “حوصلو” آهي.
13 نومبر 2011ع تي شادي ڪيائين جنهن ۾،
ٻه پٽ ذيشان علي ۽ زايان سليمان،
هڪ نياڻي عليزه سليمان.
هو پنهنجي ٻارن لاءِ اهو خواب رکي ٿو تہ جنهن تڪليفن مان هو پاڻ گذريو انهن مان سندس ٻار محفوظ رهن۽ سنڌ ۾ تعليم، امن، ترقي ۽ روشن مستقبل ڏسن.
سماجي ڪم ۽ تنظيمي خدمتون:
سگا سچل ڳوٺ شاخ جو جنرل سيڪريٽري،
سماجي رابطن ۾ سرگرم.
ايوارڊ ۽ مڃتا:
سنڌ جي هر ادبي فورم، هر علمي ادارو ۽ ترقي پسند تحريڪ جڏهن بہ سنڌ سلامت کي ساراهيو، تڏهن ان جي وچ ۾ سليمان وساڻ جو نالو سڀ کان پهريان نظر آيو.
ايوارڊ:
شاهه لطيف ايوارڊ,
انجمن ترقي پسند مصنفين ايوارڊ,
سگا گولڊ ميڊل،
سنڌ فيس بڪ فرينڊز ايوارڊ,
احساس ايوارڊ,
خادمين سنڌ فائونڊيشن ايوارڊ ۽ ڪيترائي ٻيا اعزاز
هي سڀ فقط اعزاز نہ پر سليمان جي اڻٿڪ جستجو جا اعتراف آهن.
سليمان وساڻ اصل ۾ هڪ “فڪر” جو نالو آهي
اهو فڪر جيڪو چوي ٿو تہ سنڌ کي ٻولي سان محبت، علم سان دلچسپي، ۽ تاريخ سان وفاداريءَ وسيلي بچائي سگهجي ٿو.
هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو ناهي تہ هن هزارين ڪتاب آن لائين ڪيا.
اصل ڪارنامو اهو آهي تہ سندن پڙهندڙ ٺهيا. تاريخ محفوظ ٿي. ٻوليءَ کي مستقبل مليو.
اڄ جي دور ۾ جڏهن سوشل ميڊيا نفرت، بحث ۽ جهڳٽن جو مرڪز بڻيل آهي اتي سليمان وساڻ جهڙا ماڻهو “اخلاق، شعور ۽ ادبي خدمت” جا جھنڊا اوچا رکندي ثابت ڪن ٿا تہ
“اسان اڃا به سوشل ميڊيا کي خراب ٿيڻ نہ ڏنو آهي.”
سليمان وساڻ واقعي ئي سنڌ جي سائبر دنيا جو معتبر نالو، علمي خزانو، ۽ درويش مزاج سپاهي آهي.
 
Back
Top