عزازيل کان ابليس تائين

حضرت آدم عليه سلام کان پهريان آسمان ۽ زمين تي صرف ٻه مخلوقون هيون 1.نوري 2.ناري نوري مخلوق مطلب فرشتا جيڪي آسماني مخلوق آهن ۽ هر شيء کان پاڪ آهن ۽ ناري مخلوق زميني مخلوق مطلب جنات جنهن ۾ عورتون به آهن ۽ انهن ۾ تيزي سان واڌ ويجھ به ٿيندي آهي
عزازيل به ناري مخلوق مان هيو جيڪو باھ جي پيداور آهي هڪ روايت ۾ اچي ٿوته شيطان ٻڌائي ٿو ته منهنجي پيء جو نالو چليپا آهي جيڪو پنهنجي قبيلي جو سردار هيو منهنجو پيء هڪ ندر ۽ بهادر جن هيو پنهنجي قوم لئي ڪيتريون ئي جنگيون وڙهيو هڪ ڏينهن جنات جي سڀن قبيلن جو سردار منتخب ٿي ويو منهنجي ماء جو نالو طبليس هيو جيڪا منهنجي پيء جيئان ندر ۽ بهادر هئي
اسانجو قبيلو غرور ۽ تڪبر جي ڪري سرڪشي ۾ اچي ويو جنهن زمين تي ايترا ته فساد ڪيا جو زمين کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو انتي ﷲ پاڪ آسمان کان فرشتن کي زمين تي جنگ لئي موڪليو زمين تي فرشتن ۽ جنات جي هڪ خوفناڪ جنگ شروع ٿي وئي جنهن ۾ منهنجي پيء ۽ ماء سميت ڪيئي فسادي جنات مارجي ويا جيڪي بچيا اهي ڀڄي ڪري سمنڊ جي غارن ۾ وڃي لڪيا جنگ دوران مان ننڍڙو هيس زمين تي هر طرف جنات جا لاش پکڙيل هيا جنهن کي ڏسي ڪري مان زارو قطار روئي رهيو هيس ائين فرشتا پنهنجو ڪم ڪري آسمان ڏانهن روانا ٿي ويا فرشتن جو هڪ گروھ واپس وڃي رهيو هيو ته انهن جي نظر مونتي پئي مونکي روئندو ڏسي مون طرف واپس آيا منهنجي خوبصورتي ۽ معصوميت ڏسي فرشتن کي مون تي رحم اچي ويو ۽ حضرت جبرائيل عليه سلام جي ذريعي ﷲ پاڪ کان اجازت طلب ڪري مون کي پاڻ سان گڏ پهرئين آسمان تي کڻي آيا اتي منهنجي تعليم ۽ تربيت جو بهترين بندوبست ڪيو ويو مان وڏو ذهين ۽ محنتي هيس پنهنجو اڪثر وقت عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هيس هميشه خاموش ۽ اڪيلو رهندو هيس وقت تيزي سان گذرندو رهيو منهنجو مقصد ﷲ پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ ۽ عبادتگذار ٿيڻ هيو ان لئي هر وقت عبادت ۽ رياضت ۾ مصروف رهندو هيس آخر اهو ڏينهن اچي ويو ﷲ پاڪ مونکي ٻئي آسمان تي فائز ڪيو ائين وقت سر مونکي ﷲ پاڪ جو قرب حاصل ٿيندو ويو پهرين آسمان تي مونکي عابد سڏيو ويندو هيو ٻئي آسمان تي زاهد ٽئين تي عارف چوٿين تي ولي پنجين تي تقي ڇهين تي خاصن ۽ ستين تي عزازيل حضرت ڪعب رضي ﷲ عنه کان روايت آهي عزازيل 40 هزار سال جنت جو خزانچي رهيو 80 هزار سال ملائڪه جو ساٿي رهيو 20 هزار سال ن ملائڪه کي واعظ ٻڌائيندو رهيو 20 هزار سال مقربين جو سردار رهيو 1هزار سال روحانين جو سردار رهيو 14 هزار سال عرش جو طواف ڪندو رهيو هڪ ڏينهن سير ڪندي مٿي پهتو خبر پيس ته ﷲ پاڪ هڪ ٻئي مخلوق پيدا ڪري رهيو آهي جنهن لئي زمين جي ڪنڊ ڪڙڇ کان مٽي آندي وئي آهي علامه ابن ڪثير رحمت ﷲ عليه لکي ٿو ته ﷲ پاڪ آدم کي پنهنجي دست قدرت سان پيدا ڪيو آدم بغير روح جي 40 سالن تي ائين پيو رهيو فرشتا انجي ڀرسان گذرن ته گهٻرائجي وڃن خاص ڪري عزازيل جڏهن به انجي ڀرسان گذري آدم کي مارڻ شروع ڪري هڪ ڏينهن عزازيل آدم جي منهن مان وڃي انجي پويان نڪري آيو ۽ فرشتن کي چوڻ لڳو هن کان گهٻرايو بلڪل نه مان هن جي اندران چڪر لڳائي آيو آهيان اندر کان هي بلڪل خالي آهي اگر مان ان تي مسلط ٿي ويس ته انکي حلاڪ ڪري ڇڏيندس ائين آخر اهو ڏينهن به اچي ويو ﷲ پاڪ فرشتن کي چيو مان زمين تي پنهنجو نائب مقرر ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو زمين تي منهنجا احڪامات نافض ڪرائيندو جنهن تي فرشتن ﷲ پاڪ کي عرض ڪيو يا رب العالمين هي زمين تي فساد ڦيلائيندو ۽ خون ريزي ڪندو جڏهن ته اسان هر وقت تنهنجي تسبيع ۽ پاڪيزگي بيان ڪندا آهيون انتي ﷲ پاڪ فرشتن کي فرمايو جنهن شيء جو مونکي علم آهي انکان توهان بي خبر آهيو پوء ﷲ پاڪ آدم عليه سلام ۾ روح وجهي فرشتن کي حڪم ڪيو هن کي سجدو ڪيو سڀن فرشتن آدم عليه سلام کي سجدو ڪيو سواء عزازيل جي ﷲ پاڪ عزازيل کان پڇيو توکي ڪهڙي شيء منع ڪيو جو تو منهنجي حڪم جي باوجود آدم کي سجدو نه ڪيو عزازيل چيو ته مان هن کان بهتر آهيان مان باھ جي پيداوار آهيان ۽ هي سڙيل گاري واري مٽي جي تنهن تي ﷲ پاڪ عزازيل کي چيو هاڻي تون هتان نڪري وڃ تون مردود آهين ۽ قيامت تائين منهنجي توتي لعنت آهي
ابليس چيو مون کي تنهنجي عزت جو قسم آهي روز محشر تائين مونکي موڪل ڏي مان هنن کي ڀٽڪائيندس هنن جي اڳيان پويان هيٺان مٿان حملا ڪندس هنن جي اڪثريت کي تون پنهنجو شڪر گذار نه ڏسندين تنهن تي ﷲ پاڪ فرمايو اي ابليس توکي موڪل آهي قيامت تائين جنهن کي تون ڀٽڪائي وئين انهن کي تو سان گڏ دوزخ جي باھ ۾ ساڙيندس ائين بارگاھ الاهي مان تڙجي نڪڙڻ بعد عزازيل مان ابليس بنڻجي ويو پنهنجي غرور ۽ تڪبر جي ڪري هزارين سالن جون عبادتون ۽ رياضتون ضايع ڪري ﷲ پاڪ انکي عرش کان اڇلائي فرش تي تڙي ڇڏيو
 
Back
Top