فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
سنڌ جو سدا حيات آواز: جلال چانڊيو
فقير محمد سنڌي
سنڌي لوڪ موسيقيءَ جو ذڪر اچي ۽ جلال چانڊيو جو نالو نہ اچي اهو ممڪن ئي ناهي. جلال چانڊيو سنڌ جي اُن ڌرتيءَ جو آواز هو جنهن جي سُرن ۾ محبت، درد، مزاحمت ۽ سچائي گڏجي نظر ايندي هئي هو رڳو هڪ راڳي نہ پر سنڌي ثقافت جو زنده نشان هو.
جلال خان ولد حاجي فيض محمد چانڊيو 1948ع ڌاري ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ڦل ڀرسان ڳوٺ هڙپال جي هٽ ۾ پيدا ٿيو. مالوند گهراڻي سان واسطو هئڻ سبب ننڍپڻ ۾ مال چاريندو رهيو. نصابي تعليم حاصل نہ ڪري سگهيو پر لوڪ ادب، راڳ ۽ روايت سندس فطري درسگاھ بڻيا. مال چاريندي جهونگارڻ پوءِ اهو جهونگار سُر بڻجي ويو
شروع ۾ درزڪو ڪم سکيو پر عشقِ راڳ کيس ان ڌنڌي کان پري کڻي آيو. راڳ جي باقاعده سکيا ميرپور ماٿيلي جي مشهور راڳي فقير علي گل مهر کان ورتائين. استاد سان گڏ ڳائڻ کان پوءِ 1973ع ۾ الڳ سڃاڻپ قائم ڪيائين.
جلال چانڊيو يڪتاري ۽ چپڙين تي ڳائڻ جو جيڪو نرالو انداز متعارف ڪرايو، اهو سنڌي موسيقيءَ ۾ هڪ نئون باب بڻجي ويو. جڏهن سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ اردو ۽ پنجابي ڳائڻن جو زور هو تڏهن جلال چانڊيي پنهنجي خالص سنڌي لهجي سان سنڌي راڳ کي ٻيهر اوج ڏياريو. ان ئي سبب کيس “سنڌي موسيقيءَ جو بي تاج بادشاھ ” سڏيو ويو.
هو سنڌ جو اهو واحد فنڪار هو جنهن 10 هزار کان وڌيڪ ڪلام ڳايا.ڪيسيٽون هٿوهٿ وڪامنديون هيون. شادي يا تقريب ۾ ڳائڻ لاءِ کيس گهرايو ويندو هو تہ تاريخ اڳواٽ طئي ڪرائڻي پوندي هئي. محفلن ۾ غير دعوتي ماڻهن جو ايترو هجوم ٿي ويندو هو جو ميزبان پريشان ٿي ويندا هئا.
جلال چانڊيي جي حافظي جو بہ پنهنجو مثال هو. اڻ پڙهيل هجڻ باوجود کيس سوين شاعرن جا هزارين ڪلام، ڪافيون، بيت، وايون ۽ ڏوهيڙا زباني ياد هوندا هئا. هو ڳائڻ وقت ڪنهن ڪتاب تي ڀاڙڻ بدران دل مان ڳائيندو هو. سنڌ جو پهريون فنڪار هو جنهن جي حياتيءَ ۾ ئي سندس زندگيءَ تي فلم “جلال چانڊيو” ٺهي جنهن ۾ هن پاڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو. ڪيترن ئي فنڪارن سندس نالي پٺيان پاڻ کي “ننڍو جلال”، “سهڻو جلال” جهڙا نالا ڏنا جيڪو سندس اثر جو کليل ثبوت آهي.
روحاني طور بہ جلال چانڊيو پير فقيرن سان گهري عقيدت رکندو هو. شاهپور جهانيان جي مهدي شاھ کي مرشد مڃيندو هو ۽ شاھ لطيف، قلندر شهباز ۽ سچل سرمست جي درگاهن تي عقيدت سان ڳائيندو هو. فني خدمتن عيوض کيس ڪيترائي اعزاز مليا جن ۾ 1999ع ۾ سنڌ سرڪار پاران ڏنل “لطيف ايوارڊ ” نمايان آهي. دبئي، مسقط ۽ هانگ ڪانگ سميت ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين بہ کيس وڏي عزت ۽ مان سان نوازيو.
گڙدن جي بيماريءَ سبب 10 جنوري 2001ع تي جلال چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جنازي تي چار هزار اجرڪن جو منظر سنڌي ثقافتي تاريخ جو هڪ ناياب باب بڻجي ويو.
جلال چانڊيو اڄ بہ پنهنجي آواز سان امر آهي. سندس سُر ٻڌڻ سان ئي سنڌ جي مٽيءَ جي خوشبو محسوس ٿئي ٿي هو سچ پچ سنڌ جو سدا حيات آواز هو جيڪو وقت جي وهڪري سان بہ ماٺو نہ ٿيو آهي.
جلال چانڊيو رڳو ڳائڻو نہ هو پر سنڌي شاعريءَ جو ترجمان هو. هن جي آواز ۾ شاعر جو لفظ نئون جنم وٺندو هو. اڻ پڙهيل هجڻ باوجود هن کي سنڌي شاعريءَ جي وسيع خزاني تي اهڙو عبور هو جو سوين شاعرن جا هزارين ڪلام کيس زباني ياد هئا. جلال چانڊيو خاص طور صوفي، لوڪ ۽ عوامي شاعرن جي ڪلام کي پنهنجي سُر سان امر بڻايو.
جلال چانڊيو شاھ سائينءَ جي بيتن ۽ واين کي لوڪ لهجي ۾ ڳائيو کين عام ماڻهوءَ تائين پهچايو.
سچل سائينءَ جي صوفيانہ ۽ وجداني ڪلام کي جلال چانڊيو خاص سوز سان ڳايو.
وحدت، عشقِ حقيقي ۽ انسان دوستيءَ جا پيغام سندس ڳائڻ ۾ وڌيڪ سگهارا ٿيا.
استاد بخاريءَ جي درد ڀري شاعري جلال چانڊيي جي آواز سان گهري مناسبت رکي ٿي.
محبت، جدائي ۽ سماجي احساسن وارا ڪلام خاص طور مشهور ٿيا.
گدائيءَ، راشد مورائي، مخدوم طالب المولي ۽ نياز پتافي جي صوفي ۽ سماجي شعور واري شاعري جلال چانڊيي ڳائي، ان کي محفلن ۽ ڪچهرين جو حصو بڻايو.حمل فقير، کي پنهنجي آواز ذريعي زنده رکيو. ڪيترائي اهڙا ڪلام، جيڪي شاعر جي نالي کان سواءِ آهن، اڄ بہ جلال چانڊيي جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا.
جلال چانڊيي شاعرن جي چونڊ ۾ نہ شهرت ڏٺي، نہ ڪتابي معيار پرکيو هن لفظ جي سچائي ڏٺي.
شاھ لطيف کان وٺي اوطاقي شاعر تائين هر انهيءَ آواز جو ساٿي هو جيڪو سنڌ جي دل مان نڪتل هو انهيءَ ڪري جلال چانڊيو صرف ڳائڻو نہ رهيو،
پر سنڌي شاعريءَ جو ديوانو بڻجي ويو.
جلال چانڊيي صوفي شاعرن جو رڳو ڳائڻو نہ پر انهن جو لوڪ ترجمان هو. غلام فريدؒ ۽ بلي شاھ جا ڪلام جلال جي آواز ۾ نئون جنم وٺي اڄ بہ ماڻهن کي عشق، سچ ۽ انسانيت جو پيغام ڏين ٿا.