فقير محمد سنڌي
سينيئر رڪن
سنڌ جي تعليم جي وزير جي نالي
سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن سان ناانصافي....!
فقير محمد سنڌي
لاڙڪاڻي جو تعليم کاتو ميرٽ جو قاتل آ
سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن سان لاڙڪاڻي جي تعليم کاتي جيڪو ناروا سلوڪ ڪيو آهي اهو رڳو انتظامي غلطي نہ پر منظم بدعنوانيءَ جو ڪيس آهي. آفر آڊر ميرٽ تي ڏيڻ بجاءِ پئسن تي وڪرو ڪيا ويا. اهڙي عمل سان هزارين شاگردن جو مستقبل اجڙي ويو.
عدالت جا حڪم، تاريخون ۽ توهين عدالت
2011ع۾ اميدوارن سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جو در کڙڪايو. عدالت حڪم ڪيا، ڪاغذ جمع ٿيا، پر حڪم تي عمل نہ ٿيو. تاريخ پويان تاريخ ملي.DRC
ويٺي ان تي عمل نہ ٿيو. اميدوارن ڪورٽ ڪنديم ڪيو جيڪو 15سالن جي عرصي تائين پهتو آهي. ڪيس نمبر 767 جا اميدوار هر بار ان اميد سان ڪورٽ سڳوري ۾ حاضري تي ايندا آهن تہ من ڪو انصاف ٿي. اميدوارن کي صرف مايوسي کان سواءِ ڪجھ بہ نہ مليو آهي.
قانون ڇا ٿو چوي؟
آئين جو آرٽيڪل 4: هر شهري کي قانون جي برابري جو حق آهي.
آرٽيڪل 9: زندگي ۽ آزادي جو حق.
آرٽيڪل 18: روزگار ۾ آزادي.
اهي سڀ حق لتاڙي ڇڏيا ويا. ساڳي وقت ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نہ ٿيڻ توهين عدالت آهي.
عدالت مان انصاف نہ ملڻ بعد اميدوارن لاڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو لڳاتار 600 ڏينهن تائين احتجاج ڪيو. دنيا ۾ اهڙا ڊگھا احتجاج ٿورڙا ٿيندا آهن. پر افسوس! آواز ڪير بہ نٿو ٻڌي.
آرمي چيف کي اپيل، صدر پاڪستان کي اپيل، چيف جسٽس کي اپيل پر نتيجو ڪجھ بہ نہ.
هاڻي اميدوارن لاءِ ٻيو عذاب سامهون آهي. سپريم ڪورٽ عمر رعايت ختم ڪري ڇڏي. نتيجو؟
جن اميدوارن جون عمريون تعليم کاتي جي ناانصافي سبب وڌي ويو
،اهي هاڻي ٻيهر نوڪريءَ کان محروم ٿي ويا.
يعني هڪ پاسي بدعنواني، ٻي پاسي عدالتن جون تاريخون، ۽ ٽئين پاسي عمر جي حد.
سماجي ۽ قانوني سوال
ڇا آئين جو آرٽيڪل 25 (مساوات) رڳو ڪتابن ۾ رهجي ويو آهي؟
ڇا عدالتن جو ڪم رڳو تاريخ ڏيڻ آهي؟
ڇا سنڌ جي نوجوان لاءِ محنت ۽ تعليم جو ڪو قدر ئي ناهي؟
آئين پاڪستان 1973ع: آرٽيڪل 4، 9، 18، 25
Contempt of Court Ordinance 2003
سپريم ڪورٽ جو فيصلو: PLD 2013 SC 244
ڊان، 12 ڊسمبر 2009: Candidates protest in Larkana over jobs scandal
روزاني ڪوشش، مارچ 2010: Teachers recruitment scam and court orders ignored
انساني حقن جو عالمي منشور 1948ع، آرٽيڪل 23
هي رڳو نوڪريءَ جو سوال ناهي پر انصاف، آئين ۽ سنڌ جي مستقبل جو سوال آهي جيڪڏهن عدالتون ۽ حڪومت پنهنجو فرض ادا نہ ڪنديون تہ سنڌ جو نوجوان ناانصافيءَ جي اوندھ ۾ وڌيڪ دٻجي ويندو.