سنڌ جو وهائو تارو لهي ويو: ادريس راجپوت کي مٽيءَ هنج وٺي ڇڏيو...

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
سنڌ جو وهائو تارو لهي ويو: ادريس راجپوت کي مٽيءَ هنج وٺي ڇڏيو...!
فقير محمد سنڌي
سنڌ کان اڄ هڪ اهڙو ماڻهوءَ وڇڙي ويو آهي جيڪو رڳو هڪ نالو يا عهدي جو حوالو نہ هو پر هڪ فڪر، هڪ ضمير ۽ هڪ بي خوف دليل هو. انجنيئر محمد ادريس راجپوت جي وفات سان سنڌ پنهنجي پاڻيءَ جي ڪيس جو اهڙو وڪيل وڃائي ويٺي آهي جيڪو زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين سنڌو درياھ جي ڌڙڪن سان جڙيل رهيو.
هو انهن ماڻهن مان نہ هو جيڪي سنڌ سان محبت جا نعرا هڻي ٿڪجي پوندا آهن. هو انهن مان هو جيڪي خاموشي سان، انگن اکرن، قانوني دليلن ۽ علمي حوالن سان سنڌ لاءِ وڙهندا آهن. سنڌ جي پاڻي، درياھ ، ڊيلٽا، مانگروو ٻيلا ۽ ماحولياتي بقا بابت جڏهن بہ ڳالھ ٿيندي، ادريس راجپوت جو نالو هڪ سچائيءَ جي شاهدي طور ياد ڪيو ويندو.
20 نومبر 1941ع تي جنم وٺندڙ ادريس راجپوت جو جنم ڀلي سنڌ کان ٻاهر ٿيو هجي پر سندس فڪر، جدوجهد ۽ محبت سنڌي هئي. ورهاڱي کان پوءِ سنڌ اچي هن ڌرتيءَ کي پنهنجو وطن بڻايو پوءِ صرف پنهنجو ئي نہ پر سنڌ جو بہ قرض لاهيندو رهيو. هن پاڻ کي لفظن ۾ نہ پر عمل ۾ سنڌي ثابت ڪيو.
آبپاشي کاتي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر کان سيڪريٽري تائين جو سفر سندس فني قابليت جو اعتراف هو پر سندس اصل سڃاڻپ رٽائرمينٽ کان پوءِ وڌيڪ واضح ٿي. جڏهن گهڻا ماڻهو خاموشي اختيار ڪندا آهن تڏهن ادريس راجپوت جو قلم وڌيڪ تيز ٿيو. ڪالاباغ ڊيم هجي يا گريٽر ٿل ڪينال، پاڻيءَ جي ورڇ هجي يا انڊس ڊيلٽاهن هر معاملي ۾ سنڌ جو ڪيس ڄاڻ سان وڙهيو.
سندس سڀ کان وڏي خوبي اها هئي تہ هو نہ ڊڄندو هونہ وڪامندو هو. هو اقتدار جي دروازن تي بہ سچ ڳالهائيندو هو ۽ عوام جي وچ ۾ بہ سندس دليلن ۾ جذبات گهٽ، پر حقيقتون گهڻيون هونديون هيون۽ شايد ان ڪري ئي سندس ڳالھ اثر ڇڏيندي هئي.
ادريس راجپوت نہ رڳو هڪ ماهر هو پر هڪ استاد پڻ هو. هن ايندڙ پيڙهين کي سيکاريو تہ سنڌ لاءِ وڙهڻ جو مطلب نعرا هڻڻ نہ پر ڄاڻ حاصل ڪرڻ، دليل ٺاهڻ ۽ سچ تي بيهڻ آهي. سندس ڪتاب، مضمون ۽ تجزيا سنڌ جي پاڻيءَ جي جدوجهد جو مستقل حوالو رهندا.
22 ڊسمبر 2025ع تي جڏهن هو ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، تڏهن سنڌ هڪ اهڙو وهائو تارو وڃائي ويٺي جنهن جي روشني ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس سمجهيو. سندس وڇوڙو هڪ فرد جو نہ پر هڪ فڪري محاذ جو نقصان آهي.
اڄ ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ ادريس راجپوت جي جدوجهد کي رڳو لفظن جي تعزيت تائين محدود نہ ڪيو وڃي. سندس فڪر کي پڙهيو وڃي سندس دليلن کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ سنڌ جي پاڻيءَ جي جنگ کي علم، شعور ۽ اصولن سان جاري رکيو وڃي. محمد ادريس راجپوت هليو ويوپر سنڌ لاءِ سندس وڙهيل ڪيس اڃا زندھ آهي۽ اهو ڪيس هاڻي اسان سڀني جي ذميواري آهي.
 
Back
Top