تاریخ ۾ لاڙڪاڻو جيڪو هڪ ماڻهوءَ جي ياد ۾ زندھ رهندو...!

فقير محمد سنڌي

سينيئر رڪن
تاریخ ۾ لاڙڪاڻو جيڪو هڪ ماڻهوءَ جي ياد ۾ زندھ رهندو...!
فقير محمد سنڌي
ڪي ماڻهو شهرن ۾ رهن ٿا۽ ڪي ماڻهو شهرن کي پنهنجي اندر کڻي هلن ٿا. گل محمد گاد انهن مان هو
جنهن لاءِ لاڙڪاڻو رڳو هڪ جغرافيائي نالو نہ پر جيئرو ساھ، هلندڙ تاريخ ۽ ڳالهائيندڙ ياد هو.هو جڏهن ڪنهن گهٽيءَ جو نالو وٺندو هو، تہ ساڳي گهٽيءَ جا صدين پراڻا قدم ٻڌڻ ۾ ايندا هئاڪنهن عمارت جو ذڪر ڪندو هو، تہ ان سان جڙيل انسان، زمانو ۽ حادثا پاڻهي ظاهر ٿي پوندا هئا.
هو پاڻ وساري شهر کي ياد رکندو رهيو،
لاڙڪاڻو سندس ساھ۾ ساھ وانگر گڏ هوندو هيس.
گل محمد گاد علم کي نمائش نہ بڻايوهن علم کي ذميواري بڻايو.ڪتابن سان سندس رشتو عبادت جهڙو هو۽ گفتگوءَ ۾ تڪلف بدران سچائي هوندي هئي.
گل محمد گاد جو جنم 15 آگسٽ 1941ع ڌاري لاڙڪاڻي ڀرسان عاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ ٿيو اهو علائقو جتي سنڌو درياھ جي وهڪري سان گڏ وقت بہ پنهنجا نشان بدلائيندو رهيو آهي. هو اهڙي زمين جو پيدائش هو جتي ڳوٺ رڳو آباد نہ ٿيندا آهن پر درياھ سان وڙهي وجود قائم رکندا آهن. شايد اهوئي سبب هو جو گل محمد گاد جي شخصيت ۾ بہ استقامت، يادگيري ۽ تاريخ سان جڙيل رهڻ جي وصف شروع کان سمايل هيس. ڪچي جي مٽي، درياھ جي بيقراري ۽ وسندين جي لڏپلاڻ سندس شعور ۾ شهرن، ماڻهن ۽ ماڳن کي محفوظ رکڻ جو جذبوعطا ڪيو جيڪو اڳتي هلي لاڙڪاڻي جي تاريخ سان نالو هميشہ ياد جي گيلريءَ ۾ شامل رهندو.
هو ٻڌائيندو هو، پر مٿان ويهي نہ،
سمجهائيندو هو پر حڪم ڏئي نہ.
نہ نام کی خواہش، نہ صلے کی تمنا،
بس علم کو علم کی خاطر بانٹتے رہے.
جناح لائبريري لاڙڪاڻي ۾ سندس موجودگي
علمي اداري کان گهٽ نہ هئي.
اتي خيالن جون ڪچهريون،اخلاقيات جا آداب،
۽ تاريخ جا وسريل ورق ٻيهر کلي پوندا هئا.
شيخ اياز کان وٺي حيدر بخش جتوئي تائين ڪيترن ذهنن سندس صحبت ۾لفظن کي نئون روپ ڏنو.
وہ شہر کی گلیوں کو کتابوں میں سمیٹے رہے،
تاریخ کے بکھرے ہوئے اوراق سنوارتے رہے.
گل محمد گاد رڳو لائبريرين يا تاريخدان نہ هو انهن ماڻهن مان هو جيڪي نوڪريءَ کي بہ سماجي فرض بڻائيندا آهن.ميونسپل ايمپلائيز يونين جو بنياد وڌو. صفائي ڪندڙ عملي جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ سندس عملي انسان دوستيءَ جو ثبوت هو.
محنت جو نتيجو جيڪو پوءِ آيو اهو ڪتاب
“لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو”
جنهن ۾ شهر رڳو لکيل نہ هوپر جيئرو هو.
اهو ڪتاب پڙهندي محسوس ٿيندو آهي
تہ لاڙڪاڻو پاڻ ڳالهائي رهيو آهي.
درياھ جهڙو وسيع هو سندس ذهن،
هر گهٽي، هر ماڻهوسندس ياد جو فن.
سندس فڪر جي مرڪز ۾ سنڌ هئي،سنڌو درياھ هو
۽ جي ايم سيد جو خواب هو. نظرين جي قيمت ڄاڻندو هوتنهن ڪري گهڻي ، تڪليف ۽ اڪيلائي بہ قبول ڪيائين پر سوديبازي نہ ڪيائين.
وہ ایک چراغ تھا جو خود جلتا رہا،
اندھیروں میں دوسروں کو راستہ دیتا رہا.
16هين ڊسمبر 2025ع تي تاريخ جو حصو گل محمد گاد ڪراچي ۾ خاموش ٿي ويو دنيا ان کي لاڏاڻو چئي پيش ڪيو.
ائين لڳو ڄڻ لاڙڪاڻي مان هڪ هلندڙ حوالو خاموش ٿي ويو.
پر ڪجھ ماڻهو مرندا ناهن،
هو ياد بڻجي شهرن ۾ رهندا آهن.
هو هليو ويو پر ڇڏي ويو نشان،
لفظن ۾ شهر، شهر ۾ انسان.
 
Back
Top