جاويد احمد سومرو
سينيئر رڪن
سنڌ ڪو نقشو ڪاغذ تي ٺهيل لڪير ناهي، جيڪا ڪنهن سازش، حڪم نامي يا مفاد پرست ايجنڊا سان مٽجي وڃي. سنڌ هزارين ورهين جي تهذيب، قربانين، رت ۽ مزاحمت جي تاريخ آهي. جيڪي اڄ سنڌ کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسن ٿا، سي يا ته تاريخ کان اڻواقف آهن يا شعوري طور غداري جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
سنڌ هن ملڪ جي قيام کان اڳ به موجود هئي، ۽ هن ڌرتيءَ هر دور ۾ پنهنجا زخم سيني تي سجايا آهن. اڄ به جڏهن سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ، ورهائڻ يا ان جي وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ جون ڳالهيون ٿين ٿيون، ته اهو صرف سياسي مسئلو ناهي، اهو سنڌ جي وجود تي سڌو حملو آهي.
اهي عناصر، جيڪي سنڌ جي ماني کائي، سنڌ جي وسيلن مان فائدو وٺي، وري ساڳي سنڌ جي وحدت خلاف سازشون ڪن ٿا، سي سڀ کان وڏا نمڪ حرام آهن. نمڪ حرامي صرف اخلاقي جرم ناهي، اها تاريخي غداري آهي، جنهن کي نه سنڌ معاف ڪندي ۽ نه سنڌي شعور وساريندو.
سنڌ هميشه سڀني قومن کي قبول ڪيو آهي، پر سنڌ ڪڏهن به غدارن کي قبول نه ڪيو آهي. محبت ۽ مهمان نوازي سنڌ جي سڃاڻپ آهي، پر پنهنجي ڌرتي جي دفاع ۾ سنڌي قوم هميشه بيٺي آهي، بيٺي رهندي.
اڄ وقت اچي ويو آهي ته سازشن کي نالي سميت سڃاتو وڃي، خاموشي ٽوڙي وڃي ۽ صاف لفظن ۾ چيو وڃي ته:
سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندڙ، سنڌ جا دشمن آهن.
سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ دراصل ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ آهي، ۽ جيڪي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا، سي قومن جي وچ ۾ نفرت، انتشار ۽ افراتفري پکيڙي رهيا آهن. اهڙين سازشن خلاف آواز اٿارڻ صرف حق ناهي، پر هر سنڌي جو فرض آهي.