ياد جو سوجهرو

منهنجي من ۾ آکيرو آ،
هر پل تنهنجو ئي ڊيرو آ.

اونداهي هئي هن زندگيءَ ۾،
ياد جو تنهنجي سوجهيرو آ.

تنهنجي گهٽيءَ ۾ گهاريم پيو،
منهنجو هي پهريون ڦيرو آ.

دردن جي هن واٽ مٿان،
تنها تنهنجو ئي گهيرو آ.

جنهن ۾ تنهنجو ذڪر ناهي،
سا ته رات جو انڌيرو آ.

سڪ ۾ تنهنجي اي "ستار"،
عشق ته منهنجو سچو پيرو آ.
شاعـر: ستار
 
Back
Top